بجيٽ،عوام کي صرف بک. بدحالي. نااميدي نصيب

بجيٽ،عوام کي صرف بک. بدحالي. نااميدي نصيب

محمد اسماعيل لانگاھ
سالياني بجيٽ ۾َ سرڪاري ملازمن کي وڏو رليف ڏئي انهن جي پگهارن ۾ جيڪو بي پناه اضافو ڪيو ويو آهي ٿيڻ ايئن گهربو هو ته ايتري بجيٽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي بجاء ان رقم مان کاڌ خوراڪ جي اهم شين اٽي چانورن. گيھ کنڊ دالين ۽ ٻين روزمرح استعمال ٿيندڙ شين تي سبسڊي ڏئي غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي اسان جي حڪمرانن جي اها روش رهي آهي ته هو ڀريلن کي ڀريندا رهيا آهن جڏھن ته موجوده بجيٽ مان ملڪ جي مسڪين ماڻھن کي تر برابر رليف نه ڏيڻ واري بجيٽ کي عوام دشمن بجيٽ ئي سمجهي سگهجي ٿو
جيترو فائدو سرڪاري ملازمن کي ڏنو ويو انهن جون پگهارون وڌايون آهن بجيٽ مان تر جيترو فائدو غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي ها ته به بهتر هو ملڪ جي مسڪين ماڻھن کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي انهن جو معاشي طور قتل عام ڪندڙ حڪومت مسڪين ماڻھن کي ڪو به رليف يا شين تي سبسڊي نه ڏئي وري ايندڙ سال تائين ملڪ جي پيڙُهيل طبقي بک. بدحالي .بيروزگاري .پريشانين.۽ نااميدين سان نوازيو حڪومت کي خبر آهي ته ملڪ جو هاري مزدور پورهيت سڄو سال پگهر وهائي اسان جي لاء ناڻو جمع ڪريٿو ان ناڻي مان ملڪ جي اعلي آقائن سرڪاري ملازمن کي ۽ ڪرسين تي ويٺل واڳ ڌڻي عياشيون ڪن ٿا ليڪن غريب جي کائڻَ وارو اٽو به سستو نه ٿو ڪيو وڃي
دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ مزدور کي عزت تعظيم جي حيثيت سان ڏٺو ويندو انهن جون زندگيون بهتر ڪرڻ لاء اجرتن ۾ واڌ ڪري انهن جي لاء روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا ويندا آهن ننڍيون ننڍيون صنعتون لڳائي زرعي وسيلا پيدا ڪري معاشي طرح انهن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو ويندو آهي
پر هتي ته لاقانونيت جو راڄ لڳائي ويٺل واڳ ڌڻي پنهنجون ڪرسيون بچائڻ لاء صرف سرڪاري ملازمن کي عزت تعظيم جو درجو ڏئي ويٺا آهن جيڪي پورهيت مزدور هاري غريب ڪمائي ملڪ جي بجيٽن جي پورائي ڪن ٿا انهن کي صرف بک بدحالي ۽ مهانگائي جا تحفا ملن
ستر ورهين وهامي وڃڻَ کانپوء به ملڪ جون حالتون بدتر ئي بدتر نظر آيون هر نئين سال جي بجيٽ اربين رپيا خساري کان خالي ناهي پيش ڪئي وئي ڪڏهن به حڪمرانن اهو ناهي چيو ته اسان کي هاڻي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي ضرورت ناهي سدائين پرڏيهي ملڪن عالمي بئنڪ آء ايم ايف ورلڊ بئنڪ عرب ليگ ملڪن جي امدادن تحت اسانجي ملڪ کي هلائيندي هلائيندي اڌ صدي کان مٿي عرصو گذرڻ کانپوء حالتون هن وقت هتي اچي بيٺيون آهن ته غريب عوام لوڙي ٽئڪس ڀري ملڪ جا حڪمران ڦُرلُٽ ڪري ناڻو لُٽي ڦري ٻاهرين ملڪن وڃي گهرگهاٽ ٺاهي ويهي رهن ٿا
شهباز شريف حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ خاطر آء ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙيندي عام واهپي جون تمام شيون ايتريون ته مهانگيون ڪري ڇڏيون جو ملڪ جو غريب طبقو ايتري حد تائين پريشان رهيو ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ملڪ کي بچائڻ لاء غريب عوام سان حڪمرانن جون هي سازشون جُٺيون ڪيستائين جاري رهنديون
اسانجي ملڪ ۾ هن وقت ايتري ته لاقانونيت نافذ ٿي چُڪي آهي ڄڻ ته قانون انصاف حڪومت يا واڳ ڌڻين وٽ نه پر بااثرن جي گرفت ۾ اچي چُڪو آهي جنهن تي ڪنهن به وڏي شهر کان ويندي ٻھراڙين تائين عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي آخر روزاني جي بنياد تي وڌندڙ شين جا اگھ لاقانونيت جو رهزني راڄ ڪيستائين هلندو ملڪ هن وقت لاقانونيت ۽ ناانصافي نااهل حڪمراني جي بدترين دور جي ور چڙھيل نظر اچي رهيو آهي بيروني سفارشن تي هلندڙ اسانجي ملڪ جي حڪمرانن کي غريب عوام جي همدردي لاء ڪو احساس ئي ڪونهي کاڌ خوراڪ جون شيون هر نئين ڏينهن نيئن اگهن سان مارڪيٽن مان سپلاء ٿي جڏھن دڪاندارن وٽ پهچن ٿيون ته حڪومت جي ڏنل اگهن کان ٽيڻ چئوڻ تي اهي شيون دڪاندار غريبن کي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ عجيب ڳالھ ته هر دڪاندار شين جو الڳ اگھ مقرر ڪري ويٺل آهي وڏي حڪومتي نااهلي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي چئجي جيڪي شيون مارڪيٽ لسٽن جي ملڻ باوجود دڪاندار منافعي خور پنهنجن اگهن تي شيون وڪرو ڪن
خاص طور غريب طبقي کي جنهن اهم شين جي ضرورت هجي ٿي انهن ۾ اٽو کنڊ چانور گيھ اهم سمجهيا ويندا آهن هٿرادو اگهن ۾ واڌ سبب غريب طبقي لاء اهي اهم ضرورت واريون شيون به خريد ڪرڻَ مشڪل ٿي ويون آهن ان کان علاوه گوشت مرغي مڇي سبزيون داليون به هٿرادو ريٽ سبب انتهائي مهانگيون ڪيون ويون آهن حڪومت توڙي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي جيڪي ڪاميٽيون ٺاهيل آھن جيڪي لکين رپين جا بجيٽ وٺن ٿيون انهن جو عملو لکين رپين جي ڪرپشن ڪريٿو ڇا انهن وٽ ايترا اختيار ناهن جو هو غريب عوام جو ڪو تدارڪ ڪن بس قانون نالي ڪا شي ناهي رهي سڀ کان وڌيڪ لاقانونيت جو راڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ قائم ٿي ويو آهي ان لاقانونيت جو اثر سڀ کان وڌيڪ غريب مزدور ۽ پورهيت طبقو ڀوڳي رهيو آهي ڏسجي ته بجيٽ صرف سرڪاري ملازمن سرڪار پنهنجن ڪرسين بچائڻ خاطر پيش ڪري ٿي غريب عوام کي ڪڏھن به فائدو ناهي ڏنو ويو ڇو ته حڪمران سمجهن ٿا ته جيڪڏھن ملڪ جا سڀ غريب امير ٿي ويا ته اسانجون عياشيون ختم ٿي وينديون
وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري ملازمن کي خوش ڪرڻَ کان بهتر آهي ته ملڪ جي غريب ۽ پيڙھيل طبقي کي مستحڪم ڪري انهن جون اجرتون وڌايون وڃن انهن لاء زرعي وسيلا پيدا ڪيا وڃن انهن جي ٻچن جي پيٽ گذر لاء ننڍيون صنعتون لڳايون وڃن جيڪو غريب ٻارنهن مهينا ملڪ جي معيشت جي مضبوطي لاء ڪمائي ٿو انجو معاشي قتل عام بند ڪري سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻَ کان بهتر هو ته کاڌ خوراڪ جون شيون سستيون ڪيون وڃن ها مهانگائي جي ماريل مسڪين عوام ايندڙ سال تائين سُک ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهي ها

پهنجو تبصرو موڪليو