اڳوڻي آمريڪي صدر اوباما جي ڏاڏي ڪينيا ۾ فوت

اڳوڻي آمريڪي صدر اوباما جي ڏاڏي ڪينيا ۾ فوت

نيروبي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي امريڪي صدر باراڪ اوباما جي ڏاڏي 99 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي.ميڊيا رپورٽ موجب اڳوڻي صدر جي ويڳي ڏاڏي ساره اوباما ڪينيا جي شهر ڪسومو جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿي، اوباما جي ڏاڏي کي پيار ۾ ماما ساره به چوندا هئا.ساره اوباما جي ڌيءَ مارسيت اونيانگو ۽ خاندان جي ترجمان موسيٰ اسماعيل چيو آهي ته ان حوالي سان باراڪ اوباما کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ هن تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، ياد رهي ته ساره اوباما مسلمان هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو