ايٽمي ڳالهين ۾ ايران ريڊ لائين کان پوئتي نه هٽندو، رئيسي

ايٽمي ڳالهين ۾ ايران ريڊ لائين کان پوئتي نه هٽندو، رئيسي

تهران(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران عالمي طاقتن سان ايٽمي ڳالهين ۾ ”ريڊ لائينز“ کان پوئتي نه هٽيو آهي، يورپي يونين جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ۽ تهران لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هو سياسي فيصلا ڪن ۽ ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن. رپورٽ موجب 2015ع جي ائٽمي معاهدي جي بحاليءَ لاءِ ڳالهيون 11 مهينن کان جاري آهن، جنهن ۾ ائٽمي پروگرام روڪڻ جي بدلي ۾ پابنديون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ايران سموريون پابنديون هٽائڻ جو مطالبو ڪندي آمريڪا کان ضمانت گهري آهي ته هو ٻيهر معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو، ان کان اڳ 2018 ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو معاهدو واپس وٺي ايران تي ٻيهر پابنديون لاڳو ڪيون هيون. آمريڪا ۽ ايران ۾ جوهري معاهدي تي عمل ڪرائڻ بابت ڳالهيون تازو روس جي يوڪرين تي حملي سبب متاثر ٿيون هيون ۽ ايران جي نمائندي وطن وڃي قيادت سان مشاورت لاءِ مهلت گهري هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو