1983 واري ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ان جا شهيد

1983 واري ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ان جا شهيد

اسحاق سومرو
چارڏھاڪا اڳ ملڪ ۾ جنرل ضياالحق جي آمريت ۽ مارشلاجي خاتمي لاءِ ملڪ جي تقريبن سمورين سياسي پارٽين جو گڏيل اتحاد جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ “ايم آر ڊي” ٺاهيو ويو، جيڪو جديد پاڪستان جو سڀ کان وڏو جمهوريت جي بحالي لاءِ گڏيل الائنس هو.
”ايم آر ڊي“ تحريڪ جي باقائده شروعات 14 آگسٽ 1983 تي پوري ملڪ ۾ ٿي. پهرين مرحلي ۾ سياسي جماعتن جي مکيه اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهرن جي مکيه چوراهن ۽ اهم جڳهين تان گرفتاريون پيش ڪيون، هيءَ تحريڪ ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، ڪوئٽه ۽ پشاور سميت ٻين شهرن مان شروع ڪئي وئي.
سنڌ ۾ تحريڪ جي شروعات انتهائي تيزي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت سان شروع ٿي، سنڌ ۾ ليڊرن جي گرفتارين دوران هزارين ماڻهن جي شرڪت ۽ روزانو مختلف شهرن مان ڪارڪنن جي گرفتارين دوران پڻ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هوندو هو. ڪارڪن نعرا هڻندا جڏهن ظاهر ٿيندا هئا ته ماڻهن جا انبوهه کين گلن جا هار پارائي نعرا هڻندا ۽ ٿاڻن ڏانهن وڌندا هئا ،کين پوليس ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار رستي تائين ئي گرفتار ڪري کڻي ويندا هئا.
گرفتاريون پيش ڪندڙن ۾ اڪثريت پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هوندي هئي. جڏهن ته سنڌ ۾ کاٻي ڌر جون جماعتون، سنڌي عوامي تحريڪ (رسول بخش پليجو) جمعيت العلما السلام پڻ شامل هوندا هئا.
سنڌ مان چند ڏينهن ۾ ئي هزارين ڪارڪنن گرفتاريون پيش ڪيون. سنڌ جا جيل ۽ ٿاڻا ڀرجي ويا. پوليس ۽ انتظاميه کي کين رات جو جيلن ۾ واڙڻ ڏکيو ٿي پيو، ٿاڻن تي گرفتاريون ڏيندڙن کي رات جو گهر موڪليو ويندو هو ته هو وري صبح جو ٿاڻن تي اچي ويھي رھندا هئا. خبرن جو ذريعو صرف اخبارون هنيون، ميڊيا تي سينسر شپ هئي. ماڻهون روزانو بي بي سي لنڊن جي خبرن کي ٻڌڻ لاءِ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گڏ ٿيندا هئا.
جيل ڀرپور تحريڪ دوران سنڌ ۾ تمام وڏا وڏا جلوس پڻ ڪڍيا ويا ان دوران پوليس سان جهڙپون، روڊ بلاڪ ڪرڻ، لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ڀڃ ڊاهه روزانو جو معمول هوندو هو.
گرفتارين ڏيڻ دوران ايستائين جو ٿاڻن جو عملو غائب ٿي ويندو هو. کين گرفتار ڪرڻ کان نٽائيندو هو. تحريڪ دوران ڪيترن ئي پوليس جي سپاهين پنهنجين ڊيوٽين ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجا ڦول ۽ پٽا، ڦٽا ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن سان خاص طور تي سنڌ ۾ سول نافرماني جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي.
روزانو ڪيترائي شهر بند ٿي ويندا هئا. جتي ڪرفيو جهڙي صورتحال ھوندي هئي. تحريڪ ۾ سياسي ڪارڪنن کانسواءِ صحافي، اديب، شاعر ۽ ساڃهه وند پڻ گرفتار ڪيا ويندا هئا. جن مان ڪيترن ئي صحافين ۽ ليکارين کي فوجي ڪورٽن طرفان سزائون پڻ ڏنيون ويون. منهنجي صحافتي سفر جي شروعات پڻ 1983 ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي رپورٽنگ ڪرڻ سان ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ تنھن وقت سنڌ پيپلز پارٽي جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئي گهارو ريسٽ هائوس مان هڪ خط لکي پارٽي ڪارڪنن کي تحريڪ کي بند ڪرڻ جو سڏ ڏنو پر سندس سڏ کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ تحريڪ مهينن تائين هلندي رهي.
شروعاتي ڏينهن ۾ موري ۽ خيرپورناٿن شاهه شهرن ۾ احتجاج ڪندڙن اڌ درجن ڪارڪنن کي قانون نافذ ڪندڙن، گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. دادو ۾ روزانو جي جلوسن خاص طور تي عورتن جي جلوسن ۽ احتجاجن پڻ تحريڪ کي ملڪي ۽ دنيا ليول تي وڏي پذيرائي ڏياري.
ايم آر ڊي تحريڪ جو سڀ کان وڏو واقعو اڄ کان 42 سال اڳ يعني 29 سيپٽمبر 1983 تي سڪرنڊ شهر لڳ قومي شاهراهه تي ٿيو. جتي پارٽي ڪارڪنن ۽ سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج ٿي رهيو هو ته اتهان لنگهندڙ قانون نافذ ڪندڙن طرفان مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا شهيد ڪيا ويا ۽ 51 ڄڻن کي زخمي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو. جلوس جي قيادت ڪندڙ 70 سالن جي پنهل خان چانڊيو ۽ سندس پٽ غلام عباس چانڊيو کي گرفتار ڪيوويو. مٿن فوجي ڪورٽ خيرپور ۾ ڪيس هلائي بامشقت سزائون ڏنيون ويون. سخت زخمي ٿيل ڪارڪن ڪيترن ئي ڏينهن تائين نوابشاهه جي سول اسپتال ۾ داخل هئا جن کي بعد ۾ اتهان کڻي جيلن ۾ بند ڪيو ويو.
واقعي واري ڏينهن، 16 شهيد ٿيندڙن ۾ 9 ڄڻا هاري هئا، ٻه سڪرنڊ هاءِ اسڪول جا شاگرد، هڪ مڱڻهار فقير هو، جيڪو تر ۾ دهل وڄائي خوشيون ورهائيندو هو. هڪ ڄڻو شهر سڪرنڊ ۾ مزدوري ڪندو هو، هڪ ڄڻو دڪان هلائيندو هو، هڪ کير کپائيندو هو ۽ هڪ ڄڻو ٻڪريون چاريندو هو. هي سڀئي هيٺئين ڪلاس سان واسطو رکندڙ ورڪرهئا. شهيد ٿيندڙن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي.جيڪي پڻ ان ڏينهن زخمي ٿيا هئا، انهن کي به ٻين زخمين ۽ لاشن سان گڏ فوجي ٽرڪن ۾ کڻي پهرين نواب شاهه جي فوجي ڪيمپ ۾ پوءِ نوابشاهه جي سول اسپتال ۾ آندو ويو.
جڏهن آئون ۽ منھنجي سڪرنڊ جا ڪجھ صحافي دوست واقعي واري هنڌ تي پهتا هئاسون ته قومي شاهراهه تي اڃا به شهيدن ۽ زخمين جو رت سڪو نه هو. سندن بوٽ، چپلون ۽ ٻيو سامان وکريو پيو هو. اکين ڏٺل شاهدن ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ هٿين خالي هئا، جيڪي قرآن شريف پڙهي رهيا هئا، جن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي ۽ اُهو ظالماڻو آپريشن 4 ڪلاڪن تائين هلندو رهيو، ڪيترن زخمين مٿان فوجي ٽرڪون گذاري کين ماريو ويو ۽ ڪيترن تڙپي تڙپي ساهه ڏنو.ٻئي ڏينھن صبح جو سڪرنڊ شھر جي سوين ما ڻھن سان گڏ ڳوٺ پنھل خان چانڊئي ۾ پھتاسون ت شھيد ٿيلن جا وارث پنھنجي پيارن کي دفنائي رھيا ھئا. اتي وارثن کانسواءِ موجودھ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو موجود ھو جيڪو آيلن کان تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو.، سندس خاندان جا ڀاتي جن ۾ سندس والد پنھل خان چانڊيوڀاءَ غلام عباس چانڊيو گرفتار ٿي چڪاھئا. غلام قادر چانڊيو ورڪر ڪلاس جو اهو نمائندو آهي جيڪو مسلسل 30 سالن کان چونڊجندو اچي، 1995 ۾ بي نظيرڀٽو کيس 6 سالن لاءِ سينيت آف پاڪستان جو ميمبر چونڊايو ان بعد پاڻ پنجون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي غلام قادر چانڊيي 2002 جي اليڪشن کانپوءِ هر اليڪشن ۾ وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي.
29 سيپٽمبر 1983 جي انهيءَ واقعي جي خبر بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ پهرين خبر طور نشر ڪئي ۽ ريڊيو پاڪستان اها ساڳي خبر ڏيندي چيو ته اڄ سڪرنڊ لڳ قومي شاهراهه تي قانون نافذ ڪندڙن ۽ شرپسندن وچ ۾ ٿيل فائرنگ ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو.
اڄ انهيءَ تحريڪ کي 42سالن کان ب وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي. جيڪا گهڻو وقت ۽ سرگرم پوري ملڪ مان سنڌ ۾ وڌيڪ رهي. جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جي شموليت نمايان رهي. ياد رهي ته سنڌ جي قوم پرستن هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد هن تحريڪ کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏيوهو.
سنڌ جي عوام جي انهي تاريخي جدوجهد جي ڪري سموري دنيا ۾ سنڌ جي ماڻهن کي جمهوريت پسند ۽ آمريت مخالفت طور تي سڃاتو ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ خطي ۾ اڄ به جمهوريت پسندن لاءِ اتساھ جو هڪ مثال بنيل آھي.
Ishaksoomro@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو