ايشيا کان افريقا تائين عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو انيا

طفيل مگسي
سڄي دنيا ۾ 95 سيلئڪڙو عورتن کي مختلف طريقن سان ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اھاشرح 70سيڪڙو آھي.امريڪا ۽ يورپي ملڪن آسٽريليا.ڪئنڊا سميت اسرائيل.ڏکڻ افريقا ۾ 40سيڪڙو تائين عورتون تشدد جو شڪار ٿين ٿيون .بدقسمتي سان پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آھي.جتي عورتن جي خلاف هڪ ٻه نه بلڪ درجن کان وڌيڪ ڏوھ تتجن ۽ نپجن ٿا.مقصد ته عورتن کي تيزاب سان ساڙڻ.مردن جي مقابلي ۾ انهن کي اڌ اجرت ڏيڻ.جائيداد بچائڻ جي لاء سندن شادي نه ڪرڻ.(قرآن سان شادي ڪرائڻ) پسند جي شادي نه ڪرائڻ تي بندش ۽ انهن کي ڪارو قرار ڏئي ڪري قتل ڪري ڇڏڻ.ڇڪورين کي ڪوڙين ۽ کوکلين رسمن جي حوالي ڪري ڇڏڻ.عورتن جي خريد وفروخت .اسمنگلنگ اهي اهڙا ڏوھ آھن جيڪي اڄ معاشري جو مڪروه چهرو بڻجي ويا آھن.اها ڳاله منهنجي سمجه کان ٻاھر آھي ته هڪ پاسي عورتن جي حقن تي وڏا وڏا سيمينار ٿين ٿا ته ٻئي پاسي اڳ کان ظلم وستم.حوا جي ڌيء سان گڏ اھو ظلم سالن کان نه بلڪ صدين کان جاري آھي.سڀ ڪجه بدلجي ويو.مگر اسان جي سماج جي سوڇ نه بدلجي سگهي.سڄي دنيا ۾ ھرسال 25 نومبر عورتن جي خلاف تشدد جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آھي.افسوس؛صنف نازڪ تي ٿيندڙ ستمن ۾ گهٽتائي ته نه اچي سگهي.گذريل سالن ۾ سڄي ملڪ ۾ عورتن جي خلاف تشدد وزيادتي جي واقعن ۾ تيزيء سان واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آھي.هن وقت روزاني گهٽ ۾ گهٽ 11کان به وڌيڪ عصمت درندگي جا واقعا رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا.2019ع کان اٽڪل 3هزارن کان وڌيڪ عورتن کي قتل ڪيو ويو.عورتن سان اجتماعي زيادتي جا 643واقعا ٿيا ۽ عورتن تي تشدد جا 5هزار ڪيس داخل ٿيا.چلهن ڦاٽڻ جي سبب کان ڪيترائي سڙڻ جا واقعا داخل ٿيا.۽ 563-41عورتن کي اغوا ڪيو ويو.اها ڳاله ويچار جي قابل آھي ته “چلهن کان ٿيڻ وارا موت اڪثر گهريلو زيادتي ۽ تشدد جي ڊگهي تاريخ کي جنم ڏين ٿا ۽ بعد ۾ انهن کي“پاڻ ساڙڻڻ“ جي واقعن جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو.غيرت جي نالي تي قتل ۽ تشدد بدترين قسمن منجهان هڪ قسم آھي.
صرف گذريل سال غيرت جي نالي تي اٽڪل 450.واقعا ٿيا.عورتن جي خلاف بدسلوڪي جي هڪ ٻي خوفناڪ شڪل تيزاب هڻڻ آھي.وطن عزيز ۾ ھرسال 400کان وڌيڪ عورتون ان ظالماڻي عمل جو شڪار ٿين ٿيون سڀ کان وڏو ظالم اهو آھي ته ڪيو وڃي ٿو ۽ فلاحي تنظيم.ايڌي فائونڊيشن جي مطابق گهٽين ۾ تام گهڻا کير پياڪ ٻارڙن جا لاش ملن ٿا ۽ گذريل ڏھاڪي جي مقابلي ۾ کير پياڪ يا ننڍڙن ٻارڙن جي لاشن ۾ سو سيڪڙو واڌارو ٿيو آھي.جن مان ڏھن منجهان نو لاش ٻارڙن جا هوندا آھن.افسوس ته اڄ به اسان جهالت جي دور ۾ آھيون ۽ عورتن جو استحصال جيئن جو تيئن جاري آھي.هڪ واقعي ۾ ھڪ درنده صفت ۽ سنگدل مڙس پنهنجي زال کي ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو ته سندس بدن کان ڇهين ڌيء جنم ورتو هو.هڪ ٻيئي دل کي جهوريندڙ واقعي ۾ ظالم پيء پنهنجي ڏھن ڏينهن جي ڌيء کي پاڻي جي ڊم ۾ ٻوڙي ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ڌيء جي جنم تي زال کي اسپتال ۾ بي يارو مددگار ڇڏي اچڻ.گندگي جي ڍير تي ۽ پوکن ۾ ڦٽو ڪرڻ يعني ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڌيئرن کي زنده زمين ۾ دفن ڪرڻ جا ڀيناڪ واقعا منظرعام تي ايندا رهن ٿا.جڏھن ته اسان جي مذھب اسلام ۾ ته باقاعده ڌيئرن جا حق بيان ڪيا ويا آهن. ۽ ڌيئرن جي پرورش کي جنت جي ضمانت ڏيئي ٿو.
اسان جي آقا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم.جن جي هڪ حديث آھي ته“جنهن ٻن ڌيئرن جي پرورش ڪئي.جنت ۾ اهو ۽ مان (گڏ) انهن ٻنهي آڱرين جيان داخل ٿينداسين.سرور ڪونين خاتم الانبياء صلي الله عليه واله وسلم ٻه آڱريون گڏي ڪري فرمايو“عورت انساني تمدن جو محور ومرڪز.ڪائنات جي سونهن .اسلام باوقار طريقي سان ان کي انهن سمورن معاشرتي حقن سان نوازيو آھي.جنهن جي اها لائق آھي.اسلام عورت کي گهر جي راڻي قرار ڏنو.ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ هن کي ذاتي جائيداد ومال رکڻ جو حق ڏنو.مڙس سان اڻبت ٿيڻ جي صورت ۾ حق مهر جي صورت ڏيکاري.وراثت ۾ ھن جو حصو مقرر ڪرايو.هن کي معاشري ۾ احترام جي قابل هستي قرار ڏنو ۽ ھن جي سمورن جائز قانوني حقن جي نشاندهي ڪئي.مقصد اهو آھي ته اسلام عورتن کي جنهن قدر حق ڏنا آھن.چاهي ان جو تعلق ذاتي جائيداد و وراثت سان هجي يا شادي يا طلاق جو مسئلو هجي.ڪو ٻيو مذھب ان جو تصور به پيش ڪرڻ کان لاچار آھي.اسلام عورتن کي ڪيتري ترقي ڏني؟ڪهڙو بلند مقام ڏنو؟قرآن ڪريم جي بي انگ آيتن ۽ بيشمار حديثن کان هن جو اندازو چڱيء ريت لڳائي سگهجي ٿو.اسلام سموري دنيا جي سامهون عورتن جي حقن جو اهڙو تصور پيش ڪيو ته پنهنجا ته پنهنجا غير به ان مثبت ۽ برابري واري نظام تي رشڪ ڪري اٿي ۽ اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا ته اسلام ئي اصل ۾ عورتن جي حقن جو علمبردار ۽ حقيقي ضامن آھي.اسلام جيڪي عورتن جي لاء حڪم ڏنا آھن ۽ انهن کي جيڪو بهتر مقام ومرتبو ڏنو آھي..معاشري ۾ ان جي عملي تعبير خال خال ئي نظر اچي ٿي.ان ڪري اسان کي وقت ۽ حالتن کي سامهون رکندي اسلامي تعليمات جي مطابق بحيثيت انسان عورتن سان بهتر سلوڪ رکڻ جي اشد ضرورت آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو