ايس آءِ يو ٽي جا عوام دوست ۽ انسان دوست قدم

ايس آءِ يو ٽي جا عوام دوست ۽ انسان دوست قدم

عبدالمجيد بروھي
ڊاڪٽر اديب رضوي جيڪو ھن وقت پوري دنيا ۾ ھڪ مسيحا طور سڃاتو وڃي ٿو جنھن جي انسان دوست ۽ عوام دوست عمل سبب اڄ پوري دنيا مان کيس فنڊ بنا ڪنھن شرط جي ملن ويا ڊاڪٽر اديب رضوي سنڌ اندر ڪراچي کان سکر لاڙڪاڻو تائين پنھنجي اداري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يرورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر کي وسيع ڪندي ان اداري مان علاج ڪرائيندڙ ھر مريض جو علاج بلڪل مفت ۾ ڪيو ويندو آھي ايس آء يو ٽي ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ پٿري جو آپريشن ۽ مشين ذريعي علاج پيشاب جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪينسر ۾ مبتلا مريضن جو علاج پڻ بلڪل مفت ڪيو ويندو آھي ان کان علاوا روزاني ھزارين مريض جنـجا گردا خراب ھجڻ جي ڪري انھن جي گردن جو ڊائيلاسز پڻ مفت ڪيو ويندو آھي ان کان علاوا تمام مريضن جي رت جون ٽيسٽون ايڪسري الٽراسائونڊ سي ٽي اسڪين سميت ھر قسم جون ٽيسٽون پڻ بنا معاوضي ڪيو ويندو آھي ايس آء يو ٽي ۾ علاج ڪرائڻ ايندڙ پوري پاڪستان جي مريضن کي بنا فرق ۽ بنا سفارش جي بلڪل برابري جي بنياد تي علاج ڪيو ويندو آھي ڊاڪٽر اديب رضوي جو انسان دوست عمل ڪيترن سالن کان جاري آھي ھن وقت ان عظيم مسيحا پاران جڏنھن پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي سنڌ جو ڪو بـ اھڙو ضلعو ناھي بچيل جتي برسات سبب ماڻھون بي گھر نـ ٿيا ھجن ھر طرف پاڻي ئي آھي ماڻھون روڊن رستن تي بي يارو مددگار آھن چيڪي راشن سميت صحت جي سھولتن کان پڻ پري آھن اتي ھن عظيم انسان پنھنجي پاڪستان جي عوام جي سورن واري زندگي کي ڏسي ڪري ھن پنھنجي ٽيم ميمبرن جيڪي ھن جي ويجھو آھن انھن کي پاڻي وٽ گھرائي انھن کي چيائين تـ آء پنھنجي سنڌ واسين لاء ٻيو ڪجھ تـ نٿو ڪري سگھان پر مون کان جيڪو ڪجھ ٿيو آء انھن جي مدد ضرور ڪندس جنھن بعد ھن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپون ھڻڻ جو حڪم ڪيو جنھن سينيئر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر مرلي سينيئرترين ڊاڪٽر منظور ملاح ڊاڪٽر صبور سومرو ڊاڪٽر رجب ديناري ۽ ٻين جونيئر توڙي سينئر ڊاڪٽرن کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ميڊيڪل ڪئمپن ۾ وڃي ڏکويل برسات ستايل ماڻھن جي وڃي صحت جي معاملي ۾ ھر ممڪن مدد ڪريو ايس آء يو ٽي پاران لاڙڪاڻو جي۔ برسات ستايلن جو علاج ڪرڻ لاء آريجا شھر ۾ ستن ڏينھن تائين ڪئمپ لڳائي وئي جنھن بعد نصيرآباد شھر ۾ روڊن رستن اسڪولن ۽ ڪاليج ۾ پناھ ورتل ٻوڏ متاثرن جي لاء ٽن ڏينھن لاء ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ ايس آء يو ٽي سکر جي ۽ لاڙڪاڻو سنيٽر جي ايم ايس ۽ انچارج سينيئر ڊاڪٽر منظور ملاح صاحب سينيئر ڊاڪٽر سرجن صبور احمد سومرو صاحب سينيئر ڊاڪٽر رجب ديناري صاحب شاھد صاحب ايڪسري الٽراسائونڊ ٽيڪنيشن دانش بروھي ميل نرس جاويد صاحب ليباريٽري ٽيڪنيشن لياقت علي ۽ جونيئر توڙي سبنيئر ڊاڪٽر آيل ھيا نصيرآباد ۾ لڳل ميڊيڪل ڪئمپ جو آء اکين ڏٺو شاھد آھيان اتي وڃي مون کي محسوس ٿيو تـ آء ڪنھن ميڊيڪل ڪئمپ نـ پر ڪنھن اسپتال ۾ آيو آھيان جتي ھڪ پاسي کان ميڊيڪل اسٽور لڳل ھيو ٻئي پاسي کان ليباريٽري وارو ويٺل ھيو جتي ھيپاٽائٽس بي سي ڊي يوريا مليريا شگر سميت ٻيون ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن ھڪ پاسي کان بلڊ پريشر واري کي ويھاريو ويو ھيو جڏنھن تـ ميڊيڪل اسٽور ۾ ھر قسم جي ملٽينشنل ڪمپنين جون دوائون نظر آيون جن ۾ بخار چمڙي جي بيماري شگر ھاء بلڊ پريشر گيسٽرو ڦٽ مليريا کنگھ سميت ھر قسم جي بيماري جون دوائون بلڪل مفت ۾ ڏنيون ويون مريضن کي اتي آيل ڊاڪٽر صاحبان کي آء سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي سخت ۽ ٻوسٽ واري گرمي ۾ بنا ڪنھن پکي جي مريضن جو علاج ڪري رھيا ھئا ٽن ڏينھن تائين تقريبن ٻـ ھزار کان مٿي مريضن جو علاج ڪري کين مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون ان بعد ميھڙ ۾ پڻ ڪئمپ لڳائي وئي جتي ڊاڪٽر رجب ديناري صاحب آچر وارو ڏينھن جيڪو سندن لاء آرام وارو ڏينھن ھوندو آھي ان ڏينھن بـ ميھڙ پنھنجي ٽيم سان پھچي ڊگري ڪاليج ميھڙ جي ورانڊي ۾ بنا بجلي ۽ پکي جي ستايل ماڻھن جو علاج ڪندو رھيو ڊاڪٽر اديب رضوي اڄ ھن ڏک ۽ مشڪل وقت ۾ پنھنجي ملڪ واسين سان گڏ بيٺو آھي ھن پنھنجي ميڊيڪل ٽيم کي خاص ھدايت ڏني آھي تـ جتي بـ ٻوڏ متاثر روڊن رستن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پناھ وٺي ويٺل آھن اوھين انھن تائين پھچي وڃو ۽ انھن کي صحت جون سھولتون اتي وڃي مھيا ڪريو اھو سڀ ڪجھ صرف مسيحا ڪري سگھي ٿو باقي ھن کان علاوا بـ گھڻا اھڙا ماڻھون آھن جيڪي برسات متاثرن جي نالي تي فنڊ تـ وٺن ٿا پر اھي مليل فنڊ مان متاثرن کي ڪچھ ڏيڻ بجاء پنھنجا گھر ڀريندا آھن ڊاڪٽر اديب رضوي ھن وقت بنا فرق جي عوام جي خدمت ۾ لڳل آھي جنھن ڪڏنھن بـ برسات متاثرن جي نالي تي فنڊ جي۔ گھر ناھي ڪئي ھو جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي ان کي اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ تي پوري پاڪستان جي عوام کي سندس مٿان فخر آھي

پهنجو تبصرو موڪليو