انسٽاگرام ڊائريڪٽ ميسيجز لاءِ اينڊ-ٽو-اينڊ انڪرپشن سپورٽ ختم

انسٽاگرام ڊائريڪٽ ميسيجز لاءِ اينڊ-ٽو-اينڊ انڪرپشن سپورٽ ختم

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ميٽا انسٽاگرام جي سڌي پيغامن (ڊي ايم) لاءِ اينڊ-ٽو-اينڊ انڪرپشن سپورٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪمپني پنهنجي سپورٽ پيج کي اپڊيٽ ڪندي ۽ انسٽاگرام ايپ ۾ استعمال ڪندڙن کي الرٽ موڪلي تبديلي جو اعلان ڪيو.انهن الرٽس ۾ چيو ويو آهي ته 8 مارچ 2026 کان انسٽاگرام تي اينڊ-ٽو-اينڊ انڪرپٽڊ ميسيجنگ سپورٽ موجود نه هوندي.ڪمپني موجب، جيڪڏهن توهان جا چيٽ هن تبديلي کان متاثر ٿين ٿا، ته توهان ميڊيا يا پيغام ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح، جيڪڏهن توهان انسٽاگرام جو پراڻو ورجن استعمال ڪري رهيا آهيو، ته توهان کي پهريان ايپ کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت پوندي. ميٽا جي ترجمان چيو ته ڪمپني هن سپورٽ کي ختم ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته تمام گهٽ ماڻهو هن فيچر کي استعمال ڪري رهيا هئا. اينڊ-ٽو-اينڊ انڪرپشن ڪنهن به شخص لاءِ استعمال ڪندڙن جي پيغامن ۽ ڪالن تائين رسائي ناممڪن بڻائي ٿي، ميٽا کي به هن ڊيٽا تائين رسائي ناهي. ٽڪ ٽاڪ اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته اهو صارفين کي سڌو سنئون پيغامن ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سپورٽ فراهم نه ڪندو. ميٽا جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن صارف اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سپورٽ چاهين ٿا ته اهي واٽس اپ استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته هي سهولت فيس بڪ ميسينجر ۾ پڻ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو