انسانيت دشمن سماجن جي دنيا !!!

انسانيت دشمن سماجن جي دنيا !!!

طفيل مگسي
ڏينهون ڏينهن وچ اوڀر جون حالتون هڪ نئين جنگ ڏانهن وڌي رهيون آهن۔جيڪي اهڙي رتوچاڻ ۽ بربادي تي پهچي سگهي ٿيون۔جنهن جو هن وقت اندازو ڪرڻ به مشڪل آهي۔گذريل چهن مهينن کان اسرائيلي صيهوني رياست  غزه کي موئن جو دڙو ۾ تبديل ڪري چڏيو آهي۔هينئر تائين هڪ اندازي جي مطابق 40 هزار فلسطينين کي قتل ڪيو ويو آهي۔جن ۾ 90 سيڪڙو عام ماڻهو آهن۔صيهوني فوج ان قتل عام ۾ پوڙهن۔عورتن۔ٻارڙن ايستائين ته اسپتالن جي بيڊن تي پيل زخمين ۽ مريضن کي به نه بخشيو آهي۔ليڪن حماس کي چٿڻ ۾ ناڪام ذهني مريض نيتن ياهو ۔جيڪو اسرائيل جو جلاد وزيراعظم بڻجي چڪو آهي۔هاڻي غزه ۾ جاري قتل و غارتگري کي ايران سان گڏ هڪ کليل جنگ جي صورت ۾ سموري علائقي ۾ پکيڙڻڻ چاهي ٿو۔چاڪاڻ ته مسلسل جنگي حالتون ئي هن جي اقتدار ۾ رهڻ جون ضامن آهن۔ٻي صورت ۾ ڪرپشن جي سنگين ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندس۔ليڪن ان بنيادي مقصد کان هٽي ڪري به امريڪا سميت مغربي سامراج کي خطي ۾ سڌي سنئين مداخلت ۽ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ۔غزه ۾ جاري بربريت کان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباه ڪرڻ جهڙا ارادا اسرائيل جي موجوده روين جي پٺيان سرگرم آهن۔جنهن ۾ دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ۽ اهم ايراني ڪمانڊرن جو قتل پڻ شامل آهي۔جنهن وري ايران کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل کي سڌي سنئين نشاني بنائڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته جنگ ڪنٽرول کان نڪري ڪري نه صرف سموري وچ اوڀر بلڪ ان کان به ٻاهر پکڙجي وڃي۔ايٽمي هٿيارن جو استعمال۔خطي جي رجعتي ۽ عوام دشمن رياستن جي خلاف ماڻهن جي ڪاوڙ بغاوتن جي لائي جيان ڦاٽي پوي ۽ اڳ کان ئي تباه ٿيل عالمي معشيت جي ڳوڙهي بحران ۾ ڌڪجي وڃڻ جي ڊپن کان سامراجي طاقتون بحيثيت امريڪ۔يورپ۔روس ۽ چين اسرائيل کي وڌيڪ ڪنهن اشتعال انگيزي کان منع ڪري رهيون آهن۔ليڪن اهي تنبيهون۔ڌمڪيون ۽ اپيلون نيتن ياهو جهڙي کر دماغ فرد کي روڪڻ جي لاء ڪافي ناهن۔
ساڳيئي وقت يوڪرائن جنگ جون خونريزيون به جاري آهن۔بي بي سي جي هڪ نئين رپورٽ جي مطابق ان جنگ ۾ هينئر تائين 50هزار کان وڌيڪ روسي فوجي اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ عام شهرين جا موت ان کان وڌيڪ ٿيا آهن۔اهو جهڳڙو به ڪنهن حل کان خالي ڏيک ڏيئي ٿو ۽ خاص حالتن ۾ پکڙڻڻ ڏانهن وڃي سگهي ٿو۔ليڪن وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ هلندڙ اهو موتمار ٽڪراء ڪو الڳ ٿلڳ يا اوچتو واقعا ناهن بلڪ سامراجي قوتن يا ڪيمپن جي وچ ۾ مسلسل شدت وٺندڙ انهن ٽڪرائن جي پيداوار آهن۔جنهن جي پٺيان وري بحران ۾ ڦاٿل عالمي سرمائيداري جون پنهنجيون بيوقوفيون شامل آهن۔بنيادي عمل هڪ پراڻي عالمي سامراج جي زوال پذيري ۽ نئين طاقتن جي ارادن تي مشتمل آهي۔جنگين کان هٽي ڪري لاطيني امريڪا کان وٺي ڪري افريقا ۽ اوڀر ايشيا تائين اهي بين الاقامي ٽڪراء بارودي سرنگن جيان هڪ دٻيل ۽ ٿڌي حالت ۾ موجود آهن۔جيڪي اچڻ واري عرصي ۾ ڦاٽي ڪري وڌيڪ جنگين۔گهرو ويڙهن ۽ دهشتگردي جي شڪل ۾ نئين بربادين جو حصو بڻجي سگهن ٿا۔
ليڪن وري بارود جي تباهي به ان نظام جي وحشيت جو محض هڪ رخ يا پاسو آهي۔ماحولياتي بربادي ۽ بحران مسلسل وڌي رهيو آهي۔دبئي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ تازيون شديد برساتون ۽ ٻوڏون انهيء سلسلي جون ڪڙيون آهن۔ساڳيئي ريت مهانگائي۔محرومي۔غربت۔بيروزڱاري جهڙين ذلتن جي شڪل ۾ سرمائيداري جي معاشي ڪاه هڪ بنا محسوس ٿيڻ واري انداز ۾ هر خطي ۽ سماج ۾ نه صرف هلندڙ آهي بلڪ۔مسلسل وڌي رهي آهي۔اهي اهڙا زخم آهن جيڪي صرف دل و دماغ ۽ جسمن تي ئي نه نٿا لڳن بلڪ روح۔احساس ۽ جذبن کي پڻ ڀاڱان ڀاڱان ڪري چڏين ٿا۔انسان کان جيئڻ جي اميد به چني چڏين ٿا۔اهو ڪو اتفاق ناهي ته امريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ ڊپريشن ۽ انگزائٽي وغيره جي ڪنهن تاريخ جي ڀلندترين سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ اٽڪل 30سيڪڙو آبادي انهن ذهني مرضن جو شڪار آهي۔جيڪي بنيادي طور تي مسلسل غير يقيني صورتحال۔نفانفسي۔مقابلي بازي ۔ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي تي مشتمل حالتن جي پيداوار آهن۔منشيات۔ڏوه۔بليڪ شوٽنگ۔گهريلو تشدد وغيره جهڙا سماج دشمن رويا ۽ مسئلا به انهن ڪارڻن سان ڳنڍيل آهن۔مڙهيل ميڊيڪل سائنس اهڙن دماغي مرضن کي جسم ۾ موجود ڪيميائي مادن جي جنهن عدم توازن ۾ تلاش ڪري ٿي اهو مسئلي جو حل ناهي بلڪ نتيجو يا پيداوار آهي۔زندگي جڏهن تعمير و تخليق۔انساني ٻڌي۔محبت۔ويجهڙائي۽ اشتراڪي خوشي و آسودگي تي مشتمل مقصديت کان محروم ٿي وڃي ته انسان جي روح کي غربت۔احساس کي هيڻو ۽ جيئڻ جي اميد کان ويڳاڻو ڪري چڏي ٿي۔سرمائيداري جو انسان انهن ئي المين جو شڪار آهي۔ساحر ڏهائيون اڳ ڪيتري دردناڪ ۽ زوردار انداز سان سرمائيداراڻي معاشري جي تصور ڪڍي هئي۔
یہ دنیا جہاں آدمی کچھ نہیں ہے
 وفا کچھ نہیں دوستی کچھ نہیں ہے
جہاں پیار کی قدر ہی کچھ نہیں ہے
 یہ دنیا اگر مل بھی جائے تو کیا ہے.
   اهي ڪيفيتون اچڻ واري وقت ۾ نظام جي زوال پذيري سان گڏ شديد ٿينديون۔سرمائيداري جي شرح نفعي سان گڏ ان جي گروٿ ۽ آمدني تاريخي لاٿ کان پريشان آهي۔محنت ڪش عوام جي لاء  ان جو جومطلب وڌيڪ جوکيائي ۽ محرومي آهي۔آسٽسريٽي کان وٺي ڪري بيروزگاري ۽ نجڪاري کان وڄي مهانگائي تائين ان جون ڪيتريون ئي معاشي  شڪليون ٿي سگهن ٿيون۔جن جا وري بي انٿها سياسي و سماجي ڪيفيتون اچڻ واري وقت ۾ ان نظام جي زوال پذيري سان گڏ ئي نقصان به آهن۔جيڪي بنياد پرستي۔نهايت ساڄي ڌر جي واڌ و مضبوطي۔پولرائيزيشن۔محلاتي سازشون رياستن جي ٽوڙ ڦوڙ کان وٺي عوامي ڪاوڙ و ڏمر ۔بغاوتن ۽ انقلابي تحريڪن وغيره تائين وڃن ٿا۔انهن حالتن ۾ پاڪستاني رياست به اڄ هڪ وجودي بحران جو شڪار ڏيک ڏيئي ٿي۔سامراجي پاليسيون ٺاهيندڙن جون پنهنجيون رپورٽون نشاندهي ڪري رهيون آهن ته پاڪستان کي ڊگهي عرصي جي لاء آئي ايم ايف جي پروگرامن ۾ رهڻو پوندو(ايستائين ته جيستائين هرهڪ مري ويل لاش تي به ڪروڙين روپيا قرض نه ٿيئي)۔ڪٽوتين جون پاليسيون مسلسل جاري رهنديون۔معشيت مثلا  ماٺي ۽ مهانگائي نهايت بلند سطح تي رهندي۔ائين عام انسانن جي زندگين ۾ ڪاوڙن جو واڌارو ٿيندو۔موجوده حڪومت شايد ئي ملڪي تاريخ جي غيرمعمولي حڪومت آهي۔جڏهن ته رياست ڪيترن ئي نقط نظرن کان اندروني ورهاست ۽ ٽڪرائن جو شڪار آهي۔بحران سان گڏ بدعنواني ۽ ڪاري ناڻي جي اڏوهيء رياستي ادارن جي ڊسپلين کي تباه و برباد ڪري چڏيو آهي۔سرڪاري نظرين ۽ بيانن کان پاڻ رياست مشنري ۽ سندس هلائڻ وارن جو اعتماد کڄي چڪو آهي۔مسلسل چڙواڳي۽ افراتفري جو عالم آهي۔ليڪن پنهنجي زوال پذيري۔ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪرندڙ ساک سان گڏ رياست وڌيڪ وحشيت ۽ جارحيت تي لهندي پئي وڃي۔باوجود انهيء جي اها به حقيقت آهي ته اهڙي صورتحال هميشه ائين برقرار نٿي رهي سگهي۔نه ئي هڪ بدترين طريقي سان هڪ سڌي لڪير ۾ اڳتي وڌندي۔اچڻ وارن ڏهاڙن ۾ نه صرف هن ملڪ بلڪ  سڄي دنيا ۾ گڏ ٿي رهيا آهن۔
معاشي۔سياسي و سماجي ٽڪرائن جو معياري اظهار ڪرڻ وارا ڌماڪن سان ڀرپور واقعا لازم ٿي چڪا آهن۔جن ۾ رجعتي مظهرن سان گڏوگڏ اهڙيون ڪيفيتون به لازمي جنم وٺنديون جن ۾ انقلابي قيادتن جي تحت ان نظام کي پاڙون پٽي ڦٽي ڪرڻ جو عمل شروع ڪري سگهجي ٿو۔انسانيت دشمن سماجن کي هن دنيا کي بدلائڻ جو اهوئي هڪ رستو آهي۔ٻي صورت ۾ وڌيڪ جنگيون۔محروميون۔ذلت ۽ بربريت انسان جي اوسيئڙي ۾ آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو