آفتاب عالم مهر
سنڌ ۾ امن جي دعوائن ۽ حقيقتن جي وچ ۾ اڄ به وڏو فاصلو آهي. حڪمران هر سال عوام کي خواب ڏيکارين ٿا ته هاڻي امن قائم ٿيندو، هاڻي ڌاڙيل راڄ ختم ٿيندو، هاڻي ماڻهو آزادي سان گهرن مان نڪرندا ۽ سڪون جو ساھ کڻندا، پر هر سال، هر مهيني ۽ هر ڏينهن نوان لاش، نيون اغوائون، نوان قتل ۽ نوان احتجاج سامهون اچن ٿا. سنڌ جي حالتن جو جائزو وٺجي ته لڳي ٿو ڄڻ اسان ڪنهن جمهوري رياست ۾ نه پر ڄڻڪ جھنگ ۾ رهون ٿا، جتي نه قانون آهي، نه انصاف ۽ نه ئي عوام جي زندگيءَ جو تحفظ. رونتي ڪچي کان وٺي ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي تائين، ڌاڙيلن جا بي رحم داستان پٿر تي لکت وانگر عام ٿي ويا آهن. خوشاب جو مسڪين شهري عصمت الله کي اغوا ڪيو ويو. ڌاڙيلن وارثن کان هڪ ڪروڙ جو ڀُنگ گهريو. غريب وارثن وٽ ايترا پئسا ڪٿي ھئا جو مغوي کي آزاد ڪرائي سگھن؟ ۽ نتيجو اهو نڪتو جو بي قصور عصمت الله کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش کي درياءَ جي ڪپ تي اڇلايو ويو. لاش کي جھنگلي جانور به کائي ويا. وارث جڏهن اوٻاوڙي اسپتال پهتا ته سندن حالت ڏکوئيندڙ هئي. لاش کڻائڻ لاءِ وٽس ايمبولينس جو ڪرايو به نه هو. هڪ طرف پيءُ جو لاش، ٻي طرف غربت جو عذاب. ڇا اِها آهي اُها رياست جيڪا پاڻ کي اسلامي، جمهوري ۽ فلاحي رياست سڏائي ٿي؟
اهو ڪو واحد واقعو نه آهي. سنڌ جا ڳوٺ، شھر ۽ ڪچو روزاني دهشتگرديءَ جي ور چڙهيا پيا آهن. اسڪولن تي حملا ٿين ٿا. شاگردن ۽ استادن کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. رستم ويجهو ٻورڙي هاءِ اسڪول تي قبيلائي دھشگردن ڪاھ ڪئي، شاگردن ۽ استادن کي يرغمال بڻايو. موٽندي قبيلائي دھشگردن ڳوٺ تي فائرنگ ڪري ٽي بيگناھ ماڻهو قتل ڪيا. جميل مهر ۽ رزاق مهر جهڙا مسڪين ماڻهو خون ۾ وھنجاريا ويا. ان کان پوءِ پوءِ گسٽا اعلان ڪيو ته شڪارپور ضلعي جا اسڪول بند رهندا. والدين خوف ۾ پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ڇڏي ڏنو. تعليم، جيڪا مستقبل جو رستو آهي، سا سنڌ ۾ هٿياربندن جي بندوقن هيٺ يرغمال بڻيل آهي.
شڪارپور ۾ هڪ ڪلاڪ دوران ٽي موٽر سائيڪلون ڦر ٿي وڃن ٿيون، وڪيلن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو وڃي ٿو، پر پوليس جون دعوائون آهن ته سڀ ٺيڪ آهي ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ مراد علي شاھ ڀه چئي ٿو ته سنڌ ۾ امن جي صورتحال پھريان کان بھتر آهي. لکي غلام شاھ جي سينيئر وڪيل محمد علي منگي تي قاتلاڻو حملو ٿيو. جاڙا واھ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا. زخمي وڪيل کي ساٿي لکي غلام شاھ اسپتال کڻائي آيا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن وڪيلن جهڙا پڙهيل لکيل ماڻهو، جيڪي قانون جا نمائندا آهن، اهي به غير محفوظ آهن ته پوءِ عام ماڻهوءَ شھري لاءِ ڪهڙي ضمانت آهي؟
گذريل ٽن سال کان لاڙڪاڻي جو ڊي آءِ جي ساڳئي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، پر شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ بدامني جو راڄ اڃا تائين قائم آهي. ڪڏهن رونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي راڄ جون خبرون، ڪڏهن شڪارپور ۾ پوليس کي چئلينج ڪندڙ هٿياربند، ڪڏهن ڪشمور ۾ ڦر، ڪڏهن ڪنڌڪوٽ ۾ قتل. لڳي ٿو ته هي علائقا ڪو رياست جو حصو ئي نه آهن، ڄڻ حڪومت ۽ قانون جي گرفت کان ٻاهر آهن.
ناصر شاھ ٻوڏ دوران وڏي دعويٰ ڪئي هئي ته “ڪچو ٻڏي ويندو ته ڌاڙيل به ٻڏي مري ويندا”. هاڻي سوال آهي ته، ڪچو ته واقعي ٻڏي ويو، پر اهي ڌاڙيل ڪيڏانهن ويا؟ ڇا واقعي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري ويا يا وري وڏيرڪين اوطاقن يا سردارن جي بنگلن ۾ وڃي پناھ ورتائون؟ عوام جو سوال جائز آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي دعويٰ درست هئي ته اڄ به ماڻهو ڇو اغوا ٿي رهيا آهن؟ ڇو مغوين جا لاش روڊن ۽ رستن تي اڇلايا پيا وڃن؟ اصل حقيقت اها آهي ته ڌاڙيل ختم ناهن ٿيا، پر وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن. انهن جون نيون پناھ گاهون وڏيرن ۽ سردارن جون اوطاقون ۽ بنگلا بڻجي ويا آهن. روز نوجوان گولين جو کاڄ بڻجن ٿا. ڪڏهن دشمنيءَ ۾، ڪڏهن ڦر دوران، ڪڏهن اغوا جي نتيجي ۾. پر ڪا عدالت، ڪا حڪومت، ڪا پوليس ڪا به ضمانت نٿي ڏئي سگهي ته ايندڙ صبح سنڌ جو ڪو نوجوان زنده سلامت رهندو. اهو احساس سنڌ جي هر گهر ۾ خوف ۽ ڏھڪاءُ پيدا ڪري چڪو آهي.
سنڌ جا ماڻهو حيران آهن ته آخر حڪمران ڪٿي آهن؟ سنڌ حڪومت جا وزير رڳو بيانن تائين محدود آهن. پوليس جا آفيسر تصويرن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ سرگرم آهن، پر ميدان ۾ غائب. رينجرز ۽ ٻين ادارن لاءِ وڏيون وڏيون بجيٽون رکجن ٿيون، پر نتيجا زيرو آهن. وفاقي حڪومت لاءِ سنڌ جو سور رڳو اليڪشن تائين اهم آهي، پوءِ سڀ خاموش.
اسين سوال ڪيون ٿا، جيڪڏهن هڪ غريب جو لاش رستي تي اڇلايو وڃي ۽ وارثن وٽ ايمبولينس جي ڪرائي جا پئسا به نه هجن، جيڪڏهن اسڪولن جا ٻار هٿيارن جي ڊپ کان پڙهائي ڇڏي ڏين، جيڪڏهن وڪيلن کي عدالت ويندي رستي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو وڃي، جيڪڏهن هڪ ڪلاڪ ۾ شهر مان ٽي موٽر سائيڪلون ڦر ٿي وڃن، پوءِ اڃا ڇا ٿو باقي بچي جنهن کي امن سڏجي؟ ڇا اهو رياست جو حصو آهي يا ڪو لاوارث علائقو؟
بدامني جي باھ هاڻي رڳو ڪچي يا ڏورانهن علائقن تائين محدود نه رهي آهي. اها باھ هاڻي شھرن تائين پهچي چڪي آهي. هاڻي ماڻهو ڪورٽ وڃي نٿا سگهن، اسڪول وڃي نٿا سگهن، آفيس وڃي نٿا سگهن. روزگار، تعليم ۽ انصاف جا دروازا هٿياربندن جي خوف هيٺ بند ٿيندا پيا وڃن. هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي سوچڻو پوندو ته آخر اهي ڪيتري عرصي تائين اهڙي بي وسيءَ ۾ گذاريندا؟ ڇا رڳو حڪمرانن جي دعوائن تي ڀروسو ڪري خاموش رهندا يا پنهنجو آواز بلند ڪندا؟ ڇا اهي پنهنجي ٻارن کي خوف جي غلاميءَ ۾ جيئاريندا يا آزاديءَ جي فضائن ۾ کين ساھ کڻڻ جو حق به ڏيندا؟ حڪومتي، ادارا ۽ حڪمران پنهنجا فرض وساري ويٺا آهن، پر سنڌ جي عوام لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڻ پنهنجو فرض سڃاڻن. عوامي آواز ئي اصل طاقت آهي. جڏهن ماڻهو گڏ ٿي حڪمرانن کان سوال ڪندا ته پوءِ اهي مجبور ٿي جواب ڏيندا. سنڌ جو عوام رڳو اھو چاهي ٿو ، امن، عزت ۽ زندگيءَ جو تحفظ. اسان کي رياست کان بنگلا، گاڏيون يا وڏيون سهولتون نه گهرجن. اسان کي صرف اها ضمانت کپي ته اسان جا ٻار اسڪول وڃي سگهن، اسان جا نوجوان بنا خوف جي ڪم تي وڃي سگهن، اسان جا بزرگ بنا ڊپ جي مسجدن ۾ وڃي سگهن، ۽ اسان جا ماڻهو بغير ڀُنگ ۽ اغوا جي پنهنجي گهر ۾ ساھ کڻي سگهن.
جيڪڏهن حڪومت اهو نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ حڪمرانن جي ڪرسيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ وزارتون، عهدن ۽ وڏين گاڏين جو مطلب ڇا آهي؟ حڪمرانن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته عوام جي ساھن سان کيڏڻ آخرڪار سندن اقتدار لاءِ موت جي گهڙي بڻجي ويندو.
سنڌ جي ڌرتي سدائين امن ۽ محبت جي ڌرتي رهي آهي. پر اڄ اها ڌرتي رت سان رڱجي وئي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو گڏجي هڪ آواز ۾ چون ته “ڪافي ٿيو!” اسان هاڻي وڌيڪ لاش نه کڻنداسين، اسان هاڻي وڌيڪ مغوي ڀنگ ڀري آزاد يا قتل نه ڪرائيندا سين، اسان هاڻي وڌيڪ خالي دعوائن تي نه وڪامنداسين. امن سنڌ جو حق آهي، ۽ اهو حق ڪنهن جي مهرباني سان نه پر عوام جي جدوجهد سان حاصل ٿيندو. جڏهن سنڌ جو هر ماڻهو، هر شهري ۽ هر نوجوان هڪ آواز ٿي اٿندو ته پوءِ نه ڌاڙيل بچندا، نه وڏيرا ۽ نه ڪو حڪمران سندن پٺيان بيهي سگهندو.!










