طفيل مگسي
امريڪا جي نئين چوڌري ٽرمپ جو وچ اوڀر وارو دورو نئين تبديل ٿيندڙ دنيا جي نشاندهي ڪري ٿو۔پنهنجي دوري دوران هن سعودي عرب سان هڪ ٽريلين ڊالرز جي ڪيترن ئي معاهدن سان ڱڏوگڏ 142 ارب ڊالرز جا دفاعي معاهدا پڻ ڪيا آهن۔جن جي وسيلي جديد ترين ھٿيار سعودي جي جوالي ڪيا ويندا۔انهيء معاهدي جي هڪ سڀ کان وڏي اهميت اها به آهي ته اهي ان وقت ٿي رهيا آهن۔جڏهن ٽرمپ جي ويجهو نيٽو جي اهميت گهٽ ٿيندي پئي وڃي۔ 1945 کانپوء ٺهڻ واري ورلڊ آرڊر ۾ امريڪا پنهنجي فوج ۽ ڊالرن سان گڏ مغربي اتحادين جو دفاع ڪندو هو۔نيشٽو۔سيٽو۔سينٽو ۽ ٻيا دفاعي معاهدا انهيء پاليسي جو جصو هئا۔ليڪن يوڪرائين ۾ شڪست کانپوء نئين ورلڊ آرڊر ۾ امريڪا هر علائقي ۾ پنهنجو چوڌري تلاش ڪندو ته جيئن انهن جي وسيلي پنهنجي بالادستي کي قائم رکي سگهجي۔
1945ع کانپوء ان قسم جا اتحاد سوشلسٽ رياستن جي خلاف ٺاهيا ويندا هئا۔هاڻي ان جو نشانو هر علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي مزاحمتي تحريڪ يا سامراج مخالف حڪومت کي چٿڻو هوندو۔،مثال جي طور تي سعودي حڪومت 2015ع کان يمن ۾ بدترين فوجي ڪاروائي ڪئي آهي۔جنهن جو نشانو ايران نواز ۽ اسرائيل مخالف Houthiحڪومت آهي۔چوته سعودي بادشاهت کي خطرو هو ته ان جي سبب کان سعودي يمن بارڊر غير محفوظ ٿي ويندو۔ان جنگ جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آگي۔ليڪن غزه جي نسل ڪشي کان اڳ يمن تي اقتصادي پابنديون ۽ امريڪي ۽ سعودي بمباريء هزارين ماڻهن کي شهيد ڪيو ۽ سڄي ملڪ کي بدحال بڻائي چڏيو۔ان جي باوجود اڄ به يمني حڪومت علائقي جي اڪيلي قوت آهي جيڪا اسرائيل جي واپار ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي۔
سعودي حڪومت جي فوجي طاقت وڌائڻ جو مطلب هن لائقي جو چوڌري بنائڻ جي برابر آهي۔اسرائيل کي اڳ ئي پنهنجي آس پاس جي ملڪن جي لاء هو رول ڏنو ويو آهي۔جڏهن ته فيبروري ۾ اهوئي رول ڏکڻ ايشيا ۾ هندستان کي ڏنو ويو۔جنهن جو مقصد چين کي روڪڻ هو۔ان سان گڏ ئي ٽرمپ سعودي عرب جي درخواست تي شام جي نئين انتهاپسند حڪومت تي پابنديون هٽائي چڏيون آهن۔ياد رهي بشرالاسد جي حڪومت 13سال شديد پابندين ۽ اسرائيلي/ امريڪي جارحيت کانپوء ڊسمبر2024ع ۾ انهن گروپن جي هٿان ڊهي پئي هئي جن کي هڪ زماني ۾ مغرب پاڻ دهشتگرد سڏيو هو۔امريڪي ورلڊ آرڊر اڳ به ڪنهن قسم جي اصولن جي بنياد تي نه هلندو هو۔جهموريت ۽ انساني حق صرف ان حد تائين استعمال ٿيا هئا ۔جنهن حد تائين امريڪي سامراجي ارادن تي قائم هئا۔ليڪن هاڻي ائين به نه ٿيندو چوته ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته هر ملڪ جو ڪلچر الڳ هوندو آهي ۽ اسان کي ڪنهن جي سوچ بدلائڻ جي ڪا ضرورت ناهي۔يعني صرف مفادن جي نقط نظر سان طئي ڪيا ويندا۔
ان انٽرنيشنل آرڊر جي ڀيٽ ۾ گذريل هفتي ماسڪو ۾ به هڪ وڏي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ روس ۽ چين سان ڱڏ ڪيوبا۔برازيل۔ايران۔ويٽنام۔ونيزويلا۔برڪينا فاسو۔ڏکڻ افريقا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا شامل ٿيا۔اهي اهڙا ملڪ آهنجيڪي ڪنهن نه ڪنهن طور تي امريڪي مخالف ڪيمپ ، شامل آهن۔۽ ٽٽندڙ عالمي آرڊر جي اندر هڪ نئون لاء عمل جوڙڻڻ چاهين ٿا۔ان ميٽنگ جو مقصد ٻي عالمي جنگ ۾ روس ۽ ٽين دنيا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو۔ ليڪن ان دوران بيانن ۾ نئين عالمي آرڊر جي حوالي سان به ڳالھ ٻولھ ٿي۔خاص طور تي واپار ۽ دفاعي مامرن تي بجث به ٿيو۔جنهن ۾ مختلف علائقن ۾ امريڪي جارحيت۔۔دهشتگرد گروپن جي پٺڀرائي ۽ ڪجه ملڪن کي علائقائي چوڌري بنائڻ جي مذمت ڪئي وئي۔
اها ڳالھ طئي آهي ته امريڪا جي لاء اهو۔نئون آرڊر قائم رکڻ آسان نه ٿيندو۔تازي پاڪ ڀارت جنگ ۾ عالمي ليفٽ جو هڪ وڏو حصو ان سبب کان به خوش آهي چاڪاڻ ته ڀارت جا علائقائي چوڌري بنجڻ جا خواب اڻپورا رهجي ويا آهن ۽ اهو پڻ ثابت ٿيو ته چين جي ٽيڪنالوجي ڪنهن به لحاظ کان امريڪي ٽيڪنالوجي کان پوئتي نه رهي۔وچ اوڀر کان وٺي ڪري افريقا تائين گذريل20سالن جي مسلسل بمباري ۽ نسل ڪشي جي باوجود هينئر به مزاحمتي تحريڪون علائقي ۾ موجود آهن ۽ انهن جي مقبوليت ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي۔افريقا جي اندر برڪينا فاسو۔ڏکڻ افريقي ۽ ڪيترائي ٻيا ملڪ امريڪا مخالف ڪيمپ ۾ اچي ويا آهن۔ساڳيوئي حال لاطينا امريڪا جو آهي۔جتي علائقي جون ٻه وڏيون معشيتون برازيل ۽ ميڪسيڪو هن وقت امريڪا کان ناراض آهن ۽ انهن جي جڪومتن چين سان واپاري معاهدا ڪيا آهن۔ساڳئي صورتحال ايشيا ۾ ASEAN ملڪن جي آهي۔جن هن ٽرمپ جي واپاري جنگ کانپوء نئين چين سان گڏ نوان معاهدا ڪيا آهن۔مٿان کان امريڪي معشيت ان لا ئق ناهي ته ڊالر ڦثا ڪري نوان اتحادي قائم ڪري۔ سگهي۔
امريڪا هاڻي ڪنهن ملڪ ۾ ڊويلپمنٽ نٿو ڪري سگهي۔ليڪن آڄ به بدترين تباهي پکيڙڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو يعني امريڪا پنهنجي روال جي دوران سموري دنيا کي جنگي جنون ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي۔ان” تباهيء جي سلطنت“ کي روڪڻ انسانيت جي بقاء جي لاء لازم ٿي چڪو آهي۔!










