اقرا اسڪول ڪرڪٽ جو فائنل ميچ کٽي ورتو

قاضي احمد (جاويد جتوئي) اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقدير گجر جي ھدايتن تي گورنمينٽ ھاء اسڪول قاضي احمد ۾ ڪرڪيٽ تورنامينٽ جو فائينل ميچ ٿي گذريو .جنھن جو فائينل مقابلو دولتپور ھاءِ اسڪول ۽ اقرا پبلڪ اسڪول ٽيمن وچ ۾ ٿيو . دولتپور ھاءِ اسڪول ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ٿيل 4 اوورن ۾ چار وڪيٽن جي نقصان تي 57 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ اقرا پبلڪ اسڪول 3 اوورن ۾ ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي ڏنل ٽارگٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتي. فيصل مگسي 52 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رهيو. اياز زرداري ۽ فيصل مگسي مين آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪيو. جڏھن ته شڪيل رند کي بھترين فيلڊنگ جو ميڊل ڏنو ويو .آخر ۾ ونر ۽ رنر ٽيمن کي گورنمينٽ ھاء اسڪول جي پرنسپال پروفيسر نور محمد سھتو ٽرافيون ۽ ميڊل ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو