اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطه ڪميٽي 7 ارب 60 ڪروڙ روپين جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي 19 ضروري شين تي سبسڊي ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گيهه جي قيمتن ۾ واڌ سبب رمضان پيڪيج جو بجيٽ وڌايو ويو آهي. ذريعن موجب اي سي سي 7 مختلف ادارن جي لاءِ ٽيڪنيڪي گرانٽس جي منظوري به ڏني.جڏهن ته وزيراعظم لو ڪاسٽ هائوسنگ اسڪيم جي لاءِ ڏيڍ ارب، عالمي بينڪ جي مدد سان ڪورونا بابت منصوبي جي لاءِ به گرانٽ منظور ڪئي آهي. اي سي سي سي پاران يو اين امن مشن ۾ مقرر عملي جي لاءِ 33 ڪروڙ جي ٽيڪنيڪي گرانٽ جي منظوري ڏني جڏهن ته ڀاڻ جا 2 پلانٽ ايندڙ 9 مهينن تائين هلائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ان کان علاوه طورخم سرحد ذريعي ڪپهه کي گهرائڻ جي به مشروط اجازت ڏني وئي آهي.










