ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي طالبان حڪومت غير اخلاقي مواد جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ نئين نسل کي خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مختصر وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ ۽ انڪائونٽر گيم پب جي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ٽڪ ٽاڪ ۽ پب جي کي طالبان جي حڪومت کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن جي حڪومتن پاران پابند ڪيو ويو آهي. ٻنهي ايپليڪيشنن کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ قومي سلامتي جي خلاف ۽ ذهني صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي. اناطوليا نيوز ايجنسي موجب افغانستان جي اسلامي امارت جي نائب ترجمان انعام الله سمنگاني پشتو زبان جي ٽوئيٽ ۾ ٻنهي ايپس تي پابندي جي تصديق ڪئي.










