حبيب ٽالاڻي
ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته افغانستان ماضي ۾ صدي سوا اڳ دنيا جي نقشي تي ھڪ خوشحال ۽ ڏيھان ڏيھ واپار جي حوالي سان مشھور ملڪ ھو ۽ ھن جا دنيا سان بھترين واپاري لاڳاپا ھـٔا ان ڪري ان مھل افغانستان توڙي افغاني معاشرو دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۽ معاشرن ۾ ليکيو ويندو ھو پر وقت گذرڻ سان گڏ جڏھن سوويت يونين افغانستان تي چڙھاـٔي ڪـٔي ان وقت کان ھن وقت تاـٔي افغانستان جنگ تباھي بربادي ۽ زوال پذير جي ور چڙھيل آھي ۽ ڪيترن ـٔي ڏھاڪن کان افغانستان پنھنجي پراڻي سڃاڻپ وڃاـٔي ھڪ خطرناڪ ملڪ طور نروار ٿي بيٺو آھي ۽ دنيا جي پابندي پيل ڪيترن ـٔي ويڙھاڪ دھشتگرد تنظيمن جي ڳڙھ طور سڃاتو وڃي ٿو افغانستان جي ھن موجودا زوال جا پيرا کڻڻ سان پتو پوي ٿو ته سوويت فوجن جي افغانستان مٿان چڙھاـٔي کان پوء افغانستان جي بربادي شروع ٿي اسي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن سوويت يونين جي افغانستان تي چڙھاـٔي بعد امريڪا پنھنجي دشمن سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ يا ھن خطي ۾ کيس ڦاساـٔي وڏو فوجي نقصان ڏيڻ لاء ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا ۽ ٻـٔي پاسي اسان جي ملڪ جي اترين سرحدن ويجھو سوويت فوجن جو پھچڻ به ڪنھن وڏي خطري جي ڄڻ ته گھنٽي ھـٔي ان سڄي صورتحال امريڪا ۽ پاڪستان جي مفادن کي ھڪ جاء تي آڻي بيھاري ڇڏيو ته ڪنھن به طريقي سان سوويت فوجن کي شڪست ڏياري افغانستان مان نيڪالي ڏيارجي ۽ اھڙيون حالتون پيدا ڪجن جو سويت فوج جان ڇڏاـٔي ڀڄي وڃي جنھن بعد امريڪا اربين روپيا خرچ ڪيا ۽ اسان جي ملڪ ۾ جھاد جو نعرو ھنيو ويو امريڪي ڊالر پاڻي جيـٔان وھندو رھيو اسان جا حڪمران ڊالرن سان کيڏندا رھيا اسلام ۽ جھاد جي نالي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪار جي نگراني ھيٺ مدرسا کلي ويا جتي اسلامي ۽ دنياوي تعليم بدران جھاد جي نالي تي ويڙھاڪ طالب پيدا ڪيا ويا ان عمل ۾ عرب به اڳيان اڳيان رھيا عرب ملڪن جي به ڪنڊ ڪڙڇ مان جھاد جي نالي تي دھڙا دھڙ ماڻھو ھن خطي ۾ ايندا رھيا جن کي سي آـٔي اي جي خرچ تي ٽريننگ ڏيـٔي افغانستان ۾ سوويت فوجن سان ويڙھايو پـٔي ويو ان سڄي صورتحال ۾ توڙي جو سويت فوجون شڪست کاـٔي افغانستان مان نڪري ويون ۽ سويت يونين به ٽٽي پـيو امريڪا اربين روپيا خرچ ڪيا ۽ پنھنجا مفاد به ماڻيا پر افغانستان ۽ پاڪستان ان صورتحال سبب گھڻو ڪجھ ڀوڳيو ۽ اڄ تاـٔين ٻـٔي ملڪ ۽ ان جو عوام ڀوڳي پيو ان افغان جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان جتي افغانين جو ٿيو اتي اسان جي سنڌ صوبي پڻ گھڻو ڪجھ ڀوڳيو ان افغان جنگ سبب جتي نه رڳو لکين افغانين اچي سنڌ ۾ ديرا ڄمايا پر انھن سنڌ ۾ ھٿيار ۽ مشيات ڪلچر کي عام ڪري ڇڏيو جنھن جي ڄار ۾ اڄ اسان جي سنڌ ڦاٿل آھي خير افغانستان مان سويت فوجن جي نڪرڻ بعد افغان حڪومت جون واڳون افغانين جي ھٿن ۾ اچڻ بدران ٻاھران آيل ويڙھاڪن جي ھٿن ۾ اچي ويون جيڪو افغاني عوام سان وڏو ويڌن ھو اھڙي ناانصافي تي امريڪا به خاموش ھو ان ڪري ته انھن ويڙھاڪن جي ڪري ھن سوويت يونين کي شڪست ڏني ان سان گڏ اھا به ھڪ حقيقت ھـٔي ته اھي ويڙھاڪ پـٔيسي توڙي ھٿيارن جي حساب سان ھڪ منظم فوج نظر اچڻ لڳي جن کي بي ھٿيار ڪرڻ امريڪا جي وس ۾ به نه ھو اـٔين اھي ويڙھاڪ طالبان جي صورت ۾ افغانستان مٿان قابض ٿي ويا ۽ پاڪستان اندر وزيرستان وانا سوات جھڙن علاـٔقن تاـٔين پنھنجو اثر قاـٔم ڪري ويٺا ۽ اڳتي وڌڻ جي پلاننگ ڪندا رھيا ته ٻـٔي پاسي افغانستان ۾ حالت اھا ٿي وـٔي جو طالبان سان گڏ داـٔش توڙي ٻيون عالمي ويڙھاڪ تنظيمن ديرا ڄماـٔي ورتا ۽ امريڪي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ويو انھن گروپن ۾ اڪثريت غيرافغانين جي ھـٔي جيڪي افغانستان تي قابض ٿي ويھي رھيا جنھن جو نقصان افغان عوام کي ٿيو خير افغانستان ۾ امريڪي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ سبب افغان طالبانن مٿان پابنديون لڳايون ويون پر ڪجھ به نه ٿيو آخر وڃي 2001 ۾ ناـٔن اليون وارو واقعو پيش آيو ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي تباھ ڪيو ويو ته ھڪ ڀيرو ٻيھر امريڪا کي ھن خطي ۾ اچڻو پيو ۽ پاڪستان جي ضرورت پـٔي پوء اسان ڏٺو ته ڪيـٔن ان ـٔي طالبانن خلاف جنگ ڪـٔي وـٔي جيڪي طالبان سوويت خلاف امريڪا تيار ڪيا امريڪا اتحادين سان گڏجي افغانستان مان طالبان حڪومت جو خاتمو آندو وڏا وڏا طالبان توڙي القاـٔدا اڳواڻ ان جنگ ۾ مارجي ويا افغانستان مٿان قبضي بعد امريڪا اتي پنھنجي پسند جي حڪومت قاـٔم ڪـٔي ٻن ڏھاڪن تاـٔين امريڪا اتي موجود رھيو پر آخر ھن کي ھتان نڪرڻو ھو پاڪستان ذريعي طالبان سان ڳالھيون ڪري امريڪا افغانستان مان نڪري ويو ته طالبانن ٻيھر افغانستان مٿان قبضو ڪري پنھنجي حڪومت قاـٔم ڪـٔي ۽ افغاني طالبان اھو چوندا رھيا ته اسان سويت کان پوء امريڪا کي به شڪست ڏني خير امريڪا جي افغانستان مان نڪري وڃڻ بعد جتي افغان طالبان اتي پنھنجي حڪومت قاـٔم ڪـٔي اـٔين پاڪستاني طالبن کي به شوق ٿيو ته وري وزيرستان وانا سوات توڙي اھڙن ٻين علاـٔقن ۾ وري وڃجي ۽ رياست اندر رياست قاـٔم ڪجي ٽي ٽي پي جي ان ـٔي سوچ توڙي عمل ۽ مٿان وري ٽي ٽي پي کي افغانستان طالبان جي ھر طرح جي مدد ۽ حمايت سبب اڄ افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدن تي ڇڪتاڻ آھي جتي ھر روز ٽي ٽي پي جا دھشتگرد افغان طالبانن سان گڏجي سرحدي چوڪين تي حملا ڪري رھيا آھن پاڪستان جي باربار چوڻ باوجود طالبان افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي قيادت خلاف ڪا به ڪارواـٔي ڪرڻ لاء تيار نه آھي ان ڪري ـٔي مجبور ٿي پاڪستان کي افغانستان ۾ پڪتيا صوبي ۾ ٽي ٽي پي جي ڪـٔمپن تي حملا ڪرڻا پيا حالانڪ ان کان اڳ عمران دور ۾ افغان طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ اھو طـٔي ٿيو ته ٽي ٽي پي وارن کي عام معافي ڏني وڃي ۽ پاڪستان ۾ قيد ڪجھ طالبان اڳواڻن کي عام معافي ڏيـٔي آزاد ڪيو وڃي ته ٽي ٽي پي وارا سرينڊر ڪندا ۽ پاڪستان ۾ پرامن طريقي سان رھندا پاڪستاني آـٔين کي تسليم ڪندا ۽ ھڪ سياسي تنظيم جوڙي ٻين مذھبي تنظيمن جيئان ڪم ڪندا جنھن بعد جيلن ۾ قيد ڪيتراـٔي ٽي ٽي پي اڳواڻ قيد مان آزاد ڪيا ويا پر اھي سڌرن ڪٿي مدرسن ۾ مفت جي ماني کاـٔي کاـٔي ھنن جا پيٽ ڀرجي ويا وقت گذرڻ سان گڏ ٽي ٽي پي پنھنجي ساڳـٔي سوچ ته اسان پاڪستاني رياست اندر رياست قاـٔم ڪنداسين تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو وري دھشتگردي وري ساڳيا ڪم ۽ وري افغان طالبان به ھنن جو ڪلھو ٺپيندا رھيا اصل ۾ افغان طالبان پاڪستان کان ناـٔن اليون کان پوء افغانستان مٿان ٿيل امريڪي ۽ سندس اتحادين جي حملي جو بدلو وٺڻ چاھن ٿا ان ڪري افغان طالبان ٽي ٽي پي کي استعمال ڪري پاڪستان اندر حالتون خراب ڪري رھيا آھن افغان طالبان سمجھن ٿا اسان امريڪا ۽ سوويت جھڙن سپر پاورن کي شڪست ڏـٔي پڄاـٔي ڇڏيو ته پاڪستان اسان جي اڳيان ڪجھ به ناھي پر اھا طالبانن جي ڀل آھي سويت يونين کي شڪست امريڪا ۽ پاڪستان ڏني ۽ امريڪا ھٿان ان ڪري ويو ته جن مقصدن خاطر امريڪا افغانستان تي حملو ڪري قبضو ڪيو اھي مقصد امريڪا حاصل ڪيا پوء اھڙي صورتحال ۾ امريڪا جو ھتي افغانستان ۾ رھڻ بي مقصد ھو ھن کي ھتان نڪري وڃڻو ھو ان ڪري به ته ھو افغانستان قابض ھو ان ڪري امريڪا ھليو ويو افغان طالبان ٻن ڏھاڪن ۾ امريڪا کي افغانستان مان ڪڍي نه سگھيا ڇو؟ اصل ۾ امريڪا جا مفاد اتي ختم ٿي چڪا ھـٔا ان ڪري ھو ھليو ويو ان ڪري طالبان کي سمجھڻو پوندو ته امريڪا ۽ پاڪستان کي ھڪ نظر سان ڏسڻ ۽ ھڪ جھڙو سمجھڻ سندن وڏي غلطي ۽ ڀل آھي طالبان حڪومت کي سمجھڻو پوندو ته پاڪستان ھن خطي ۾ ھڪ آزاد رياست آھي ڪو قابض ملڪ ناھي ته اوھان جي جنگ جي خوف کان پاڪستان ھن خطي مان سوويت يونين يا امريڪا وانگي نڪري ويندو پاڪستان ھتي ـٔي رھڻو آھي ڀل ڪيتراـٔي سال جنگ ٿـٔي پاڪستان ڪاڏي به ويندو نقصان پاڪستان جو ٿيندو ته بچندو افغانستان به نه ٻنھي ملڪن ۾ حالتون خراب ٿينديون قديم سماجي لاڳاپا متاثر ٿيندا فاـٔدو اسلام دشمن طاقتن کي ٿيندو طالبان حڪومت ماضي مان سبق سکڻ بدران ساڳـٔي غلطي ڪري رھي آھي سوويت فوجن جي نيڪالي بعد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي دھشتگردن اچي افغانستان ۾ ديرا ڄمايا وري ساڳـٔي صورتحال پيدا ٿي رھي آھي تازو عالمي ادارن پاران به اھو چيو ويو آھي ته داـٔش سميت ڪجھ عالمي دھشتگرد تنظيمون ٻيھر افغانستان ۾ منظم ٿي رھيون آھن جيڪا صورتحال نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا سان گڏوگڏ خود افغانستان جي لاء نقصانڪار آھي طالبان حڪومت کي افغان سرزمين کي عالمي دھشتگردن کان پاڪ رکڻ گھرجي ۽ افغانستان جي طالبان حڪومت کي دنيا سان گڏ ھلڻ گھرجي افغان شھرين کي اسلامي معاشري توڙي عالمي قانون مطابق انھن جا حق ڏيڻ گھرجن چار ڏھاڪن جي ويڙھاند ۽ جنگن افغانستان کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي افغانستان کي وڌيڪ جنگن ۾ ڌڪڻ کان بچاـٔڻ لاء افغانستان حڪومت کي ٽي ٽي پي ۽ ٻين عالمي دھشتگرد تنظيمن خلاف ڪارواـٔي ڪرڻ گھرجي جيـٔن ھن خطي ۾ حالتون امن طرف اچي سگھن اھڙو عمل خود افغانستان جي به بھتري ۾ آھي جنھن سان افغانستان امن ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ٿيندا جي افغان طالبان ماضي مان سبق سکي جنگ بدران امن طرف وک وڌاـٔي ته ان سان پوري علاـٔقي تي ان جا مثبت اثر پوندا طالبان کي سمجھڻو پوندو ته مسلمان رياستن کي ڪمزور ڪرڻ لاء مسلم رياستن ۾ گھرو ويڙھ ڪراـٔڻ توڙي مسلم رياستن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪراـٔڻ لاء عالمي سازشون ٿي رھيون
شام عراق لبنان لبيا ڪويت يمن فلسطين ان جو ثبوت آھن جيڪي ملڪ پنھنجي آزاد وجود وڃاـٔي اولھ جون ڪالونيون بڻيل آھن ھاڻي ھن خطي ۾ به اھڙي ڪوشش ڪـٔي ويندي جنھن ۾ انڊيا ۽ ان جا ھمدرد اڳيان اڳيان ھوندا پويا ٻيون طاقتون ھونديون ان سازش کان بچڻ لاء پاڪستان ۽ افغانستان وچ بھتر لاڳاپا ضروري آھن جنھن جو دارو مدار افغان طالبان جي رويي تي آھي










