اعتراف ( Confession) جي سچائي

اعتراف ( Confession) جي سچائي

طفيل مگسي
مون پنهنجي طبقي جي زندگي گهارڻ وارو ڍنگ ڇڏي ڏنو.ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻي چڪو هوس ته زندگي اها ناهي بلڪ ان جو محض نقل ۽ ڌنڌلو پاڇو آھي.ان کانسواء جنهن عيش جي ماحول ۾ اسان زندگي گذارڻ جا عادي ٿي چڪا آھيون اها اسان کي ان جي سمجه وارن امڪانن کان ڪوهين ڏور وٺي وڃي رهي آھي.مون کي پروڙ پئجي وئي هئي ته زندگي جي مفهوم کي سمجهڻ جي لاء مون کي پوئلڳن يا ڍونگين جي ان اقليت کان ناتو ٽوڙڻڻو پوندو.جنهن جو مان پاڻ به هڪ فرد آھيان ۽ ان محنت ڪش طبقي ڏانهن رخ ڪرڻو پوندو .جيڪو زندگي کي حقيقي ۽ سچو مقصد ڏيئي ٿو.
منهنجي آس پاس يا چوڌاري اهي ساڌڙا سٻاجهڙا ۽ غريب روسي عوام هئا.جن سان هاڻي مون رشتو قائم ڪرڻ ٿي چاهيو هو.جيڪڏھن ان مفهوم کي عام فهم لفظن ۾ بيان ڪرڻ چاهيان ها ته ائين ئي چوندس ته دنيا ۾ ھر انسان خدائي بزرگ و برتر جي رضا سان اچي ٿو ۽ خدا اسان سڀني جي تخليق ان انداز ۾ ڪئي آھي ته اسان پنهنجي روح کي ٺاهي به سگهون ٿا ۽ مٽائي به سگهون ٿا.انسان جي تخليق جو مقصد پنهنجي روح جي تعمير آھي نه ته ان جي ۽ پهرين ڪيل ذڪر جي حاصلات جي خاطر هن کي پنهنجي زندگي رب جي رضامندي سان گذارڻ کپي.
رب رحمان جي راضپي جي خاطر هن کي زندگي جي عيش و عشرت و آرام کي ڇڏي ڪري سادگي.محنت ۽ تڪليفن ڏانهن واپسي ڪرڻ گهرجي ۽ رحمدل ٿيڻ کپي.زندگي جو اهوئي اهو حقيق مقصد آھي ته جيڪو عوام هزارين سالن کان انهن مذھبي تعليمات کان ورتو آھي.جيڪي انهن کي کي عالم ۽ تبليغ ڪرڻ وارن منتقل ڪيون آھن.انهن اڳواڻن جي پنهنجي زندگي به انهيء ريت جي هئي.مذھبي روايتن.ڪهاڻين ۽ قصن ۾ به مون کي اهو لاڙو وڌيڪ غالب نظر آيو ۽ ان منهنجي دل تي اثر پڻ ڪيو.ايستائين ته مون کي مذھب ۽ ان جي تعليمات تي ڪو اعتراض نه هو ۽ نه ڪڏھن مون کي انهن کي سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش آئي هئي.باوجود ان جي ڪافي مسئلا هتي به موجود هئا ۽ اهڙيون ڳٺھڙيون هيون جن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ کان منهنجو دماغ عاجز هو.مثلا
نه سمجه ۾ ايندڙ عقيدن.عبادتن.چرچ جي حاضرين.روزن.بتن ۽ ماضيء جي يادگارن جي سامهون سجدو ڪرڻ.،اهو سڀ ڪجه ڇا هو.ضعيف عقيدا.معجزا.۽ وهم.پرستي ان کانسواء ھئا.عوام هڪ ٻيئي کي پاڻ کان الڳ نه ڪري سگهندا هئا ۽ پاڻ ۾ به اهڙي اهليت نه رکندو هو. بهرحال جڏھن مون هڪ طريقار کي اپنائي ئي ورتو ته بيڪار اعتراضن جي ڪهڙي گنجائش..جيتوڻيڪ مان به اهو سڀ ڪجه ڪرڻ لڳس ۽ حيرت جي ڳاله اها آھي ته منهنجي عقل ۽ شعور ڪڏھن ان تي سوچ به نه ڪئي.ائين منهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ٿيو.مان قائدي سان چرچ جي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس.صبح و شام جو عڀادت ڪرڻ .روزا رکڻ.مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ونڊ به وڏي شوق سان کائيندو هوس.پهريون ڀيرو مون زندگي ۾ اهو سڀ ڪجه خوشيء سان اپنائي ورتو.جنهن کان پهرين مون کي شديد اختلاف هو. مون.پهرين ڀيرو ان جي معني و مطلب جو تجزيو ڪرڻ چاهيو ته اهو محض خالي ٿانو ثابت ٿيو.جيتوڻيڪ مون ان کي پري ڦٽو ڪري ڇڏيو.هاڻي مامرو ان جي مختلف هو.هاڻي مون کي لڳندو هو ته زندگي جو نه ڪو مطلب آھي نه ٿي سگهي ٿو بلڪ اهو خوبصورت ۽ نگاه جو ڌوڪو ناهي جيئن پهرين لڳندي هئي.ليڪن گڏ ئي مذھب جي تعليمات مون کي بي معني.خوبصورت ۽ ڀليون معلوم ٿيڻ لڳيون ۽ مون کي يقين ٿي ويو ته انهن ئي تعليمات جي سهاري مون کي زندگي جو بهتر ۽ حقيقي مفهوم حاصل ٿي سگهي ٿو.مون کي ياد آھي ته مان انهن کي ڪنهن نفرت سان ڏسڻ جو عادي هوس.انهن کي بي بنياد.بيڪار.فضول.بڪواس. ردي ۽ بي فائدو سمجهندو هوس.عقل جون دشمن اهي ڳالهيون سدائين منهنجي اندر نا پسنديدگي جا جذبا اجاگر ڪنديون هيون.ليڪن هاڻي مامرو قطعي مختلف هو.هن ڀيري منهنجو عقيدن ۽ مذھب جي باري ۾ تمام گهڻو فرق هو.شروعات(ذھني بحران و اذيت کان اڳ جي دور ۾ ) مون کي نهايت خوبصورت ۽ معني واري محسوس ٿيندي هئي.جنهن ۾ مذھب جو قدر ۽ قيمت نه هئي. انهن غير عقلي ڳالهين کان هاڻي مون کي مقصد ۽ سچائي جا خيال ڏيک ڏيندا هئا.مون کي معلوم ٿي ويو ته انهن ۾ مفهوم آھي ۽ مون پاڻ کي چيو ته مون کي ان کي سمجهڻ گهرجي.مون ان کي هيٺ پيش ڪيل طريقي سان ترتيب ڏنو.انسان ۽ ان جي عقل و ڏاهپ جي اندر عقيدو هڪ پراسرار قانون کان پيدا ٿيئي ٿو ۽ اها خدا جي ذات آھي جيڪا پاڻ انسان جي جسم و روح جو ڳانڍاپو آھي.جهڙي ريت جسم مون کي خدا جي طرف کان مليو آھي بلڪل ساڳئيء ريت ذھن ۽ روح به ان جا بخشيل آھن ۽ سوچ سمجه جي اهليت به ان جي مهرباني آھي.جيتوڻيڪ ان جي جوڙ ۽ ارتقا جو ڪو به مرحلو غلط نٿو ٿي سگهي.جن عقيدن ۾ ماڻھو ان قدر شدت ۽ خلوص سان سچائي سان يقين رکن ٿا اهي به چٽا نٿا ٿي سگهن.ان جو اظھار ڪيترن ئي وسيلن ۽ طريقن سان ممڪن آھي ليڪن يقينن اهو ڪوڙ ۽ بڪواس ناهي.جيتوڻيڪ مان انهن کي غلط.بي بنياد ۽ من گهڙ قرار ڏيڻ جو حق نٿو رکان .مان صرف نيڪ نيتي سان اهو اقرار ڪري سگهان ٿو ته مان انهن کي سمجهڻ جي اهليت نٿو رکان.مان پاڻ به اهو چوندو هوس ته ڪنهن به عقيدي جو نچوڙ زندگي کي اهڙو مفهوم عطا ڪري ٿو جيڪو ملت کانپوء به ختم نه ٿيئي.عقيدو اهو آھي يا اهو هئڻ گهرجي جيڪو ڍير تي مرندڙ زار کي به ان جي سوالن جا حواب ڏئي سگهي ۽ گڏ ئي گڏ ان ضعيف عمر هاري کي به صحت ميسر ڪري سگهي جنهن زندگيء ۾ مشقت کانسواء ٻيو ڪجه نه ڏٺو.عقيدي جي سمجه ۾ هر ڪنهن جي لاء ڪجه نه ڪجه هئڻ گهرجي چاهي اهو معصوم ٻار هجي يا ڏاهو برزگ.بي عقل پوڙھي هجي يا نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪرو هجي.يا اميدن سان ٽمٽار ڪا نينگري هجي.جيڪڏھن عقيدو يا مذھب مختلف عمر.مختلف خيال ۽ قسم جي سماجي حيثيتن سان تعلق رکڻ الڳ فردن جي الڳ الڳ سوالن جا جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ته انهيء کي ان ابدي ۽ واحد جي جواب کان به خبروار هئڻ گهرجي.جيڪو سمورن انسانن جو نمائنده سوال آھي .مان ڇا جي لاء زنده آھيان.؟منهنجي زندگي جو ڪهڙو مقصد آھي؟جيتوڻيڪ سوال جو هڪ ئي جواب آھي.جيڪو ساڌڙو ۽ مختصر آھي.ليڪن ان جو بيان نهايت ئي ڏکيو ۽ ڊيگهارو آھي.جواب جيترو منفرد .سچو ۽ ڳوڙھو هوندو اپتري قدر تفصيل ۽ مختلف شڪل و صورت انهيء ان وقت اختيار ڪرڻي پوندي ته جڏھن ان کي الڳ الڳ قسمن جي لائق انسانن جي سامهون پيش ڪيو ويندو.ڇوته هر انسان جو مزاج.حسب نسب .تعليم ۽ حالتون هڪ ٻيئي کان الڳ کان الڳ هوندا آھن.اهي مسئلا ۽ بحث منهنجي لاء ان وقت اهميت اختيار ڪري ويندا هئا.جڏھن منهنجو واسطو اڳين رسمن و عبادتن سان پوندو.ڇوته انهن ئي مامرن جي باري ۾ مان سڀ کان وڌيڪ اڄاڻائي جو شڪار هوس.ليڪن پوء به مون ٻيهر ان کي پنهنجي رستي جي رنڊڪ ٿيڻ نه نه ڏنو ڇاڪاڻ ته مان مري مري ڪري ان نتيجي تي پهتس ته عقيدي کان بنا منهجي ڪا زندگي ناهي.۽ ھاڻي مذھب ئي حياتي جي ڪاوش جو اڪيلو مرڪز هو.پنهنجي وجود جي سموري طاقت گڏ ڪري مون ڪوشش شروع ڪئي ته مان رواجن و رسمن جي ميڙاڪي ۾ به عوام جو شريڪ بڻجي سگهان .مگر اهو نٿي سگهيو.مون کي اهو محسوس ٿيو ته ائين ڪرڻ جي صورت ۾ مان پاڻ سان
ڪوڙ نه ڳالهائيندس ۽ ڄڻ ته ان شي جي ٺٺول ڪندس جنهن کي مقدس خيال ڪريان ٿو.ان موقعي تي روسي رهواسين منهنجو ڪم آسان بڻايو.
علم ڪلام جي انهن جديد ماهرن جي مطابق عقيدي جو پهريون بهترين پاسو (Dogma )چرچ جي درستي ۽ صحت ۾ ڪامل ايمان آھي يعني چرچ ڪنهن به صورت ۾ غلط نٿو ٿي سگهي.چرچ ايمان وارن جو مجموعو آھي.جيڪي گڏيل محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌل آھن.جيتوڻيڪ حق و سچائي جا مالڪ آھن.ان ڪري اهڙي اهل ايمان اداري جي غلط هئڻ جو ڪوامڪان ئي ناهي.مون ان کي به دل جي ڳوڙھائي سان مڃي ورتو.مان هن ڳاله تي ايمان کڻي آيس ته مذھبي سچائي اڪيلي فرد تي آشڪار نٿي ٿي سگهي.بلڪ اها يقينن انسانن جي ڪنهن گروه تي ٿيئي ٿي جيڪي الفت جي ٻڌڻ ۾ ٻڌل آھن.ان الفت کي قائم رکڻ جي لاء جدائي جون راهون ڪڍڻيون پونديون ۽ جدائي کي روڪڻ جي لاء محبت جو رستو اپنائڻو پوندو ۽ محبت جي طريقي تي قدم وڌائڻ جي لاء گڏيل اختلاف جو رستو اختيار ڪري هڪجهڙائي.رواداري ۽ برداشت کي واڌ ڏيڻي پوندي.انهن ماڻھن جي ڳاله ٻڌڻي ۽ مڃڻي به پوندي ته جيڪي اسان سان اختلاف رکن ٿا.سچائي پنهنجو اظھار محبت جي وسيلي سان ڪري ٿي ۽ جيڪڏھن اوهان چرچ جي راهب جو احترام نٿا ڪيو ته ڄڻ ان جي پيروڪارن سان محبت نٿا ڪيو.پوء ڪيئن پاڻ کي سچائي يا حق جا طلبگار چئي سگهو ٿا..محبت جي سچائي کي ٺڪرائي ڪري ته انهن جو نانء وٺڻ به ڪنهن جي لاء مناسب ناهي.ان وقت مان انهن لفظن ۾ لڪل سو فسطائيت يا لفظي نادانين کي نه سمجهي سگهيس.مان اهو نه ڄاڻي سگهيس ته محبت ۽ پيار کان عشق جا اسرار ته يقينن کلي سگهن ٿا.ليڪن ان کان اهي رباني حقيقتون.ڪهڙي ريت چٽيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي نهايت ئي صاف ۽ شفاف لفظن ۾ ( Nicene Creed) ۾ لکيل آھن.مان شايد اهو به نه سمجهي سگهيس ته محبت.ويڳاڻپ ۽ سچائي جو ڪو آھي.اهي ٽئي الڳ الڳ قدر آھن ۽ انهن منجهان ڪو هڪ به هڪ ٻيئي جي لاء لازم ناهي.محبت سچائي کي ڄاڻڻ پرکڻ جو ڪو اوزار ناهي. ان وقت مون بنا دليل جي هن تي وڌيڪ ويچار ڪرڻ جي انهن کي تسليم.ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.جنهن منجهان الحمد لله اهو نتيجو نڪتو ته مان ارٿوڊڪس چرچ جي ڪيترن ئي مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو.حالانڪ انهن ۾ مون کي گهڻي تڪڙ نه هئي.ان وقت مون روح جي گوڙهائي کان اها اميد ڪئي ته شيشن کان بچان ته جيئن دليل ۽ رد دليل کان پلاند ڇڏائي ڪري چرچ جي تعليمات تي عمل ڪري سگهان ليڪن اندر کان اهو نه ڄاڻيندو هوس ته منهنجو عقل اڄ به ان سان سلهاڙيل آھي.۔
چرچ جي رسمن جي ادائيگي ۾ مون پنهنجي عقل کي مڪمل طور تي چٿي ڪري رکي ڇڏيو ته جيئن انهن روايتن تي عمل ڪري سگهان جن تي سموري انسانيت ايمان رکي ٿي.ان جي بغل ۾ مون پنهنجن بزرگن ۽ پپارن سان ويجهڙائيپ ڪري ڇڏي.مان پنهنجي پيء ماء ۽ ڏاڏو ڏاڏي جي ساڳئي عقيدي وارو ٿي ويس.اهي جيڪي مون کان اڳ ڄاوا هئا.انهن عقيدن کي مڃيندا رهيا هئا.انهن جي مطابق زندگي گذاريندا هئا.۽ سڀ کان وڌي ڪري اهو ته هنن مون کي جنم ڏنو هو.مان انهن ڪروڙين فردن جو رفيق بڻجي ويو هوس جن جو پهرين صرف چاهيندڙ رهيو هوس.انهن سڀني ڳالهين ۾ ڪا برائي به نه هئي(ڇو ته ڪا نفساني اميد ڪنهن شيء کان سگه نه حاصل ڪندي هئي) جڏھن مان باک ڦٽيء جو سجاڳ ٿي عبادت جي لاء چرچ ويندو هوس ته منهنجي دل مطمئن ۽ مسرور ٿيندي هئي ته مان ڪو بهتر ڪم ڪرڻ جي لاء وڃي رهيو آھيان.باوجود ان جي ان ۾ ھي پوء به شامل رهندو هو ته اهو سڀ ڪري مان پنهنجي جسماني آرام کان وٿ ڊراء ٿي رهيو آھيان ۽ پنهنجي مغرور ذھن جي ڪري رهيو آھيان.اهو سڀ ڪجه ان جي لاء آھي ته پنهنجي اعلي مورخن ۽ ڏاهن سان هڪجهڙائي قائم ڪري سگهان ۽ زندگي جو مفهوم تلاش ڪري سگهان.انهن ئي احساسن کان بي نياز ٿي ڪري مان گڏيل عبادتن ۾ به شريڪ ٿيندو هوس.پنهنجي سيني تي صليب جو نشان به ٺاهيندو هوس.جهڪندو ۽ سجدا به ڪندو هوس ۽ روزا به رکندو هوس.جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجه نهايت گهٽ ۽ ادني هو.پوء به ان جي پٺيان سٺا مقصد هئا.ان لاء مان ذڪر و فڪر ۽ عبادتن جو سلسلو چرچ سان گڏ گهر ۾ به جاري رکندو هوس.چرچ ۾ خطبو ٻڌندي هر هر لفظ جي معني تي غور ڪندو هوس ۽ انهيء کي مقصد وارو بنائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس.خطبي ۾ مون کي سڀ کان خوبصورت لفظ ھي لڳندا هئا ته ٻڌي ۽ هڪجهڙائپ سان گڏ هڪ ٻيئي سان محبت ڪيو.جڏھن ته جن لفظن کي ڌيان سان ٻڌي ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندو هوس.اهي هيء ھئا ته اسان پيء.پٽ ۽ روح القدس ۾ ايمان رکون ٿا.ڇوته مان انهن کي سمجهڻ کان لاچار هوس.

پهنجو تبصرو موڪليو