ليکڪ محمد خالد ميمڻ
سنڌ صوبي جي هر کاتي ۾ بدانتظامي انتها درجي تي پهچي چڪي آھي هر کاتي اندر جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري ٿو پيو ڪير به ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي جيڪو ڏاڍو سو گابو واو سسٽم هلي ٿو پيو اهڙي بدانتظامي جو هڪ مثال تازو پنهنجي اکين سان آر ايڇ سي اسپتال جي بلڊنگ جو ڏٺم جيئن ته ڦل ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ (بي ايڇ يو)اسپتال آھي جيڪا ڪم ڪري پئي پر جيئن ته ڦل شھر کي پنج رستا ملن ٿا ۽ ڦل شھر انهن پنجن روڊن رستن جي بلڪل سيٽر تي واقع آھي هڪ نوشھروفيروز کان ڦل,ٻيو مورو سڌوجا کان ڦل,ٽيون پڊعيدن کان ڦل,چوٿون درياخان مري کان ڦل ۽ پنجون رستو مصر جي واه کان ڦل رستا موجود آھن ۽ ان ڪري رستي ۾ ڪيترائي ڳوٺ موجود آھن ۽ آس پاس ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين جا ڳوٺاڻا سهولت جي حساب ساب هتي ڦل شھر جي اسپتال ۾ علاج واسطي اچن ٿا جنهن جي ڪري بي ايڇ يو اسپتال جي او پي ڊي ۾ روزانه وڏي تعداد ۾ مريض اچن ٿا ۽ بي ايڇ يو اسپتال مريضن جو ايترو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي ان ڪري ڪڏهن دوائن جي کوٽ ڪڏهن ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت مختلف مسئلن کي ور چڙھيل رهي پئي ان ڪري ڦل شھر جي سماجي سياسي سول سوسائٽي جي اڳواڻن چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کان مختلف موقعن تي اسپتال کي اپ گريڊ ڪري رورل هيلٿ سينٽر(آر ايڇ سي)ڪري وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جا مطالبا ڪندا رهندا هيا جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت آر ايڇ سي اسپتال منظور ڪري ڪروڙين روپين جي بلڊنگ منظور ڪئي ۽ اسپتال جي بلڊنگ ٺھي به وئي گذريل ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن اسان سگا جي مفت اکين جي ڪئمپ جي سلسلي ۾ اسپتال وياسين ته اها آر ايڇ سي اسپتال جي ٺھيل عمارت ڏٺيسين اتي موجود اسپتال جي عملي ٻڌايو ته هي بلڊنگ 42 بيڊن تي مشتمل اسپتال آھي ۽ هن اسپتال جي عمارت جو ڪم مڪمل ٿئي 2 سال گذري چڪا آھن پر اسپتال جو اسٽاف مقرر نه ٿيڻ سبب هي عمارت بند پيل آھن اسان کي جڏهن انهن اسپتال جي بلڊنگ کولي ڏيکاري ته اسان ڏٺوسين ته اسپتال جي بلڊنگ هڪ بهترين نموني سان ٺھيل هئي مريضن جا ڪمرا,ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جا ڪمرا,آپريشن ٿيٽر,او پي ڊي روم وغيره مطلب ته هرهڪ سهولت جي حساب سان عمارت مڪمل طور ٺھيل هئي ۽ اسپتال جو ٻيو به مڪمل سامان مليل هيو بس ڪمي هئي ته اسپتال جي اسٽاف جي مقرري جي هئي ۽ انهن ٻڌايو ته هي عمارت ٻن سالن کان ٺھيل آھي ۽ اسٽاف مقرر نه ٿيڻ ۽ اسپتال نه هلڻ جي ڪري عمارت جي اندر مٽي جا تھ ڄمي ويا آھن ۽ جيڪي اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته واقعي به اسپتال جي اندر سڀني ڪمرن ۾ ڄارو لڳو پيو هيو ۽ مٽي جا مڻ پيل هيا اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو هڪ ته اسپتالون ٺھن ڪونه وري ٺھن ٿيون ته اتي اسٽاف نه ٿو ڏنو وڃي اهو الميو سڄي سنڌ جو آھي ته ڪٿي اسٽاف آھي ته بلڊنگون ڪونه آھن ته وري ڪٿي بلڊنگون آھن ته اسٽاف ڪونهي هاڻي اگر آر ايڇ سي اسپتال ڦل جو اسٽاف جلد مقرر نه ڪيو ويو ته هي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھيل اسپتال جي بلڊنگ جيڪا ٻڌائي پئي وڃي ته ورلڊ بئنڪ طرفان مليل آھي اها تمام جلد ناڪارا ٿي وڃڻ جو خدشو آھي ان ڪري سنڌ حڪومت,هيلٿ جي وزير,هيلٿ سيڪريٽري,ڊي ايڇ او,ڊي سي نوشھروفيروز کي گهرجي ته آر ايڇ سي اسپتال ڦل جي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل اسپتال جي بلڊنگ کي کولي اتي اسٽاف مقرر ڪري اسپتال جي جلد هلايو وڃي ته جيئن عوام کي صحت جون سهولتون ملي سگهن#










