اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ ٽڪراء، معاملو ڇا آهي؟

اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ ٽڪراء، معاملو ڇا آهي؟

اعجاز ممنائي
هونء ته پاڪستان ۾ روزانو نوان اشوز جنم وٺندا رهن ٿا ڪڏهن سياستدانن جون ذاتي ناراضگيون ۽ انتقامي ڪاروايون ته ڪڏهن وري ڪرسيء جي ڊوڙ ۾ طاقتور قوتن سان ٽڪراء اسانجي ملڪ جا اهم موضوع رهيا آهن پر تازين هوائن جو رخ تبديل ٿي ويو، جتي ملڪ ۾ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ کان مٿي پيو وڃي اتي ٻن وڏن ادارن اسٽبلشمينٽ ۽ عدليه جو پارو به هاء ٿي ويو آهي جنهن ڪري عدالتي مداخلت حڪومت کي ”گري ايريا“ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، انڪري حڪومت اهم ترين فيصلا وٺڻ کان به لاچار ٿي وئي آهي، هڪ پاسي حڪومت ڪمزور پوزيشن ۾ اچي وئي آهي ته ٻئي پاسي ملٽري اسٽيبلشمينٽ به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪمزور وڪيٽ تي اچي وئي آهي،اهم ذريعن موجب هن وقت صورتحال نهايت ڳڻتي جوڳي آهي، سالانه بجيٽ کان اڳ معاشي صورتحال ۾ بهتري ممڪن نه ٿي ٿي سگهي ۽ هاءِ ڪورٽ مان عمران خان لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ختم نه ٿيو ته نواز ليگ حڪومت ڇڏي سگهي ٿي، جڏهن ته بحراني ڪيفيت ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ به ”اسلام عليڪم عزيز هم وطنو“ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،
ذريعن مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته انهن امڪانن کي ان اطلاع هٿي ڏني آهي ته حڪومت 2025-24ع جي بجيٽ لاءِ هيل تائين ڪابه سنجيده سرگرمي ناهي ڏيکاري سگهي،ايندڙ مالي سال2024-2025 جي هدفن لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس به اڃان تائين ناهي گهرايو ويو۔ ٻئي پاسي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ جو آئيني عمل به اڃا تائين مڪمل ناهي ڪيو ويو،اهم حڪومتي ذريعن موجب ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران عدليه ۾ آءِ ايس آءِ جي مداخلت خلاف خط لکڻ کانپوءِ ساڳئي عدالت مان پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلن جي قطار لڳي وئي آهي، ٽيريان وائيٽ ڪيس،اسلام آباد جي 6 سيڪٽر ۾ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪرڻ ۽ حمود الرحمان ڪميشن بابت ٽوئيٽ ڪيس ۾ رئوف حسن،عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر کي ايف آءِ اي پاران طلبي جو نوٽيفيڪشن بي اثر بڻايو ويو آهي،ذريعن موجب ن ليگ هاڻي چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ ائين ئي عدالتي سهولتڪاري جاري رهي ته پوءِ عدالت ڄاڻي،عمران خان ڄاڻي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڄاڻي، اسان پنهنجو منهن وڌيڪ ڪارو نه ڪنداسين. اهڙي صورتحال مان واضح ٿي رهيو آهي ته هن وقت عدليه ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽڪراءُ وڌي ويو آهي،جنهن ڪري اهو جهيڙو هاڻي آخري رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي،ڇوته 70 سالن تائين فوج ۽ عدليه گڏجي ملڪ تي حڪمراني ڪئي جنهن کان پوء به ملڪ جي ترقي وارو خواب اڌورو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڪٿي به قانون جي پاسداري نظر نه ٿي اچي ظالم لاء قانون الڳ آهي ۽ مظلوم لاء الڳ آهي۔ سوين سالن جا ڪيس عدالتن ۾ ٿها لڳا پيا آهن۔هڪ ڪيس اڪلائڻ لاء عام ماڻهوء جو موت واقع ٿي وڃي ٿو پر پوء به ڪيس جي پڄاڻي نه ٿي ٿئي۔ ملڪ ۾ ڀلي عدليه شهنشاهيت قائم ڪري ويٺل هجي پر جيستائين عوام کي انصاف نه ملندو ته هرڪو عدليه ڏي اک کڻندو۔ هاڻي به عدليه چاهي ٿي ته ماضيء وانگر اڄ به ان جو راڄ قائم رهي،ته ٽڪراء واري پاليسيء کان پاسيرو ٿيڻو پوندو۔هن وقت تائين اسٽيبلشمينٽ عمران خان خلاف پنج ڪيس داخل ڪرايا،جن ۾ توشاخانه ڪيس،ٽيريان ڪيس،سائفر ڪيس خارج ٿي ويا،عدليه اسٽيبلشمينٽ جي ٽڪراء ۾ اچي اهي ڪيس ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيا، جڏهن ته تازو سائفر ڪيس جو نتيجو اچڻ کانپوءِ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي،۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته پارليامينٽ،حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ عدليه کي ڪنڊائتو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،هاڻي ڪيترائي جج فارغ ٿيندا، عدليه جي حوالي سان ڪا ايمرجنسي لڳي ٿي سگهي ٿي، اهو طئي ٿي ويو آهي۔اسٽيبلشمينٽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي عدليه ۽ فوج گڏجي نٿيون هلي سگهن، سندن خيال آهي ته عدليه ۽ عمران خان گڏجي اسٽيبلشمينٽ خلاف محازآرائي قائم ڪري ويٺل آهن،جڏهن ته فوج ٻنهي کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿي، اها ويڙهه هاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ غيرآئيني قدم جو رستو به نظر اچي رهيو آهي.تجزيانگار مبشر لقمان موجب عمران خان وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ سان نه رڳو مس هينڊل ٿيو بلڪه تمام خراب طريقي سان ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي،جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف به ان خيال جو حامي آهي،هن وقت عدليه اسٽيبلشمينٽ سامهون بيهي رهي آهي، انٽيليجنس جا گهڻا ماڻهو اسٽيبلشمينٽ خلاف آهن ته اها اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڳڻتي جي گهڙي هئڻ گهرجي، عمران خان يقينن غلطيون ڪيون آهن پر عدليه ۽ عوام جو وڏو حصو اڃا به هن کي غلط نٿو سمجهي،جنهن جو ثبوت جنرل اليڪشن2024 آهي جنهن ۾ پي۔ ٽي۔ آئي جي قيادت کي جيل ۾ بند ڪري سندس خلاف ڏينهن رات پروپيگنڊا ڪري ڏوهاري قرار ڏئي پارٽي ٽڪيٽون کسي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ واريون سموريون ڪوششون ڪرڻ باوجود عمران خان جي ڪاميابي ان ڳالهه جو پڪو ثبوت ملي ويو ته اهو بار بار اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين جو ذاتي ڏوهاري آهي باقي ملڪ ۽ قوم جو سچو ۽ همدرد اڳواڻ آهي جيڪا ڳالهه اقتدار ڌڻين کي نه وڻي جنهن ڪري مٿس سياسي ڪيس داخل ڪري تڪليفن مٿان تڪليفون ڏيندا رهن ٿا۔ بهرحال موجوده صورتحال مان لڳي ائين ٿو ته مخصوص سيٽن جو ڪيس به پي ٽي آءِ جي حق ۾ ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ايندو، هونئن به اڪثر فيصلا ٽرولنگ کان متاثر ٿي ڪيا پيا وڃن، معاشي ميدان ۾ ايس آءِ ايف سي هڪ رپئي جي سيڙپ ڪاري به نه آڻي سگهي آهي جنهن ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو