اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جي ختم  ٿيل اميد

اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جي ختم ٿيل اميد

وفا سانوڻ نوحاڻي
عوامي سياست عوامي انقلاب،جون اميدون کڻي پاڪستاني سياست ۾ سندرا ساھي لھندڙ تحريڪ انصاف جي بيوقوفي سان ڀريل سياسي اداڪاري ڪندي جيڪي ڪردار ادا ڪندي رهندي آئي ، ان جون پڄاڻيون به عجيب عالم ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ، اسٽيبلشمينٽ جي ڪک مان جنم وٺندڙ تحريڪ انصاف ، پاڪستان ۾جيڪي ، عوام کي وڏا وڏا سياسي خواب عوام کي ڏيکاريا ، جن خوابن جي تعبير جي لاءِ سياسي اداڪاري ڪافي ڪامياب ٿي وئي ، ، شوشل ميڊيا جي زينت بڻيل تحريڪ انصاف جي سامھون سياست ڪندڙ سموريون سياسي پارٽيون ڪو به مقبول ترين نعرو منشور عوام کي نه ڏئي سگھيون ، ڏينھون ڏينهن ڏسندي ڏسندي تحريڪ انصاف ، عوامي مقبوليت حاصل ڪري سياسي آسماني بلندين تي پهچي ويئي ، باقي سياسي پارٽين جو سچ به تحريڪ انصاف جي ڪوڙ جي سامھون بيوس بڻجي ويو ، تحريڪ انصاف جي ڪوڙن سياسي واعدن تي اعتبار ڪري عوام ساڻس ھڪ محبت جو رشتو جوڙيو ، عوام تحريڪ انصاف جي روپ ۾عمران خان سان محبت جو اظهار ڪندي سندس جائز ناجائز سڏ کي لبيڪ چوندي رهي ، ايتري تائين جو عوام سان گڏ اسٽيبلشمينٽ به عمران خان تي انڌو اعتماد ڪري ، کيس وزيراعظم جي اعليَ عھدي تائين پهچايو ، ، جنهن عھدي جو عمران خان کي خود به تصور به نه هو ، برحال عمران خان وزيراعظم ٿيڻ جي ٿوري عرصي کان پوءِ سڀني کي اکيون ڏيکارڻ جي شروعات ڪئي ، نيٽ عمران خان جي ضد ، بيوقوفي ، سياسي نااهلي سبب وزيراعظم ھائوس مان نڪري جيل ۾ اچي ويو ، پاڻ کي عقل ڪُل سمجھندڙ عمران خان سياسي بي عقل ثابت ٿيو ، عوام کي سندس سمورا ڪوڙ اداڪاري پسند آئي ، عوام کيس اڃان تائين سياسي وڏو ليڊر سمجھي ٿو ، ڪي پي ڪي جي عوام ۾ مقبول ترين سياسي ليڊر آهي ، عمران خان جي سياست ئي سياسي ، قلابازين سان ڀريل آهي ، پر 8 فيبروريءَ جي اليڪشن کان پوءِ ، سياست عجيب عالم مان گذري رهي آهي ، 9مئي واري احتجاج جي روپ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪيل انتشاري ۽ دھشتگردي سندس سياسي جاھليت جو چٽو ثبوت ھئي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف 8 فيبروريءَ جي اليڪشن کي ڌانڌلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ، اسيمبلي کي مڃڻ کان انڪاري آهي ، حڪومت کي فارم 47جي پيدوار قرار ڏئي پوري ملڪ ۾احتجاج ڪيو آهي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف آن ڌانڌلي جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏئي ٿي، ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ان فيصلي جي خلاف احتجاج ب ڪندي اسلام آباد تي ڪيترائي دفعا سياسي چڙھائي ب ڪري چڪي آھي ، جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت جي سرڪاري مشينري استعمال ڪري اسلام آباد ۾ سياسي اداڪاري ڪندي رهي ، پر سندس ان اداڪاري کي 25,26, نومبر تي اھڙيءَ طرح حڪومت ۽ محسن نقوي ،چٿيو،۽ اھڙيءَ طرح واپسيءَ جو رستو ڏيکاريو ، جو ھاڻ ٻيھر ، اچڻ کان انڪاري آهن ، ۽ ڪافي لنوائين پيا ،سياسي احتجاج ۾ ناڪامي کان پھرين ت تحريڪ انصاف جو مطالبو ھيو ته ،ھي حڪومت مڙهيل آهي ، حڪومت ختم ڪري سياسي قيادت کي آزاد ڪري آقتدار اصل فارم 45وارن يعني تحريڪ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ، 26نومبر کان پھرين ت تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين لاءِ تيار ھئي ، صرف ھڪ پوائنٽ تي ، ته حڪومت ختم ڪري اسان کي مينڊيٽ ڏنو وڃي ، تحريڪ انصاف ، جيڪا ، محترمه بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف جي چارٽر آف ڊيموڪريسي کي اين آر او ، چوندي سياسي ڪردار ڪشي ڪندي نظر ايندي هئي ، ماضيءَ ۾ جنرل مشرف کي آقتدار مان . نيڪالي کي به اين آر او ، چوندي سياسي سفر ڪندي رهي آهي ، پر اھا جڏهن سياسي اداڪاري ناڪام ٿيڻ کانپوءِ پوءِ پاڻ اين آر او ،جا ڏينهن رات جتن ڪندي رهي ٿي ، تازو جنهن حڪومت کي حڪومت ئي نٿي مڃيو ، ان سان ڊيل جون ڪوششون ڪيون ،اسپيڪر جي ذريعي ، جڏهن ته ، مطالبات ب سڀ ، ڊيل وارا ھئا ، جيل مان عمران خان جي آزاديءَ ڊيل جو پهريون مطالبو ھئو، حڪومت جي واپسيءَ جو به آخري مطالبو ھيو ، جنرل فيض جا قصيدا پڙھندڙ تحريڪ انصاف سندس جيل وڃڻ بعد بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي ، جيڪا بوکلاهٽ اڄ تائين سندس پيڃو نٿي ڇڏي ، تازوخان عمران سياستدان سان ڊيل ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ وري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن محبت جو ھٿ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر، اسٽيبلشمينٽ سندس ئي پراڻي مطالبي جي حمايت طور صاف چٽو جواب ڏنو ته اسٽيبلشمينٽ جو سياست سان واسطو ناهي ، سياسي اگواڻ پنھنجا سياسي مسئلا پاڻ ئي حل ڪن، اسانجو سياست سان واسطو ناهي ، جڏهن ته ان کان پھرين اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي عمران خان مختلف بهانن سان بيوقوف بڻائي پنهنجي حمايت جي گيم کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر اھا به سندس سياسي چال ڪامياب نه ٿي سگهي ، ٽرمپ ڪارڊ ، به ڪم ويچاري جي ن اچي سگھيو ، نيٽ ھر سطح تي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ نيٺ ، عمران خان آخري منٿ ميڙ جي طرف اچي ويو آهي ، عمران خان ، جيڪو سدائين چوندو رهيو آهي ته توهان کي گھبرائڻو ناهي ، جي فلسفي تي شھباز حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ عمل شروع ڪيو آهي ته ھاڻ گھبرائڻو ناهي ، ھرسازش انتشاري جو جواب ڏيڻو آهي ، گھبرائڻو ناھي جي فلسفي جو سرواڻ عمران خان گھبرائجي نيٽ آرمي چيف کي خط،لکيو آهي جنهن ۾پنهنجي جي لاءِ رليف ڏيڻ جي لاء منٿ ميڙ ڪئي آھي ، اھئي منٿون ڪري آخري پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ،جڏھن ته تحريڪ انصاف جي ان خط تي ب عجيب اداڪاري ڪئي آھي ت اھو خط عمران خان سربراهه تحريڪ انصاف جي حيثيت سان نه پر سابق وزيراعظم جي حيثيت سان لکيو آهي ، ڪيڏي ن پاڪستاني عوام سان تحريڪ انصاف جي مشڪري آهي ، جيڪا منٿ ب ڪري پئي ،۽ مڃي به نٿي، ۽ مڃي به ٿي ته ان م تحريڪ انصاف عمران خان کي منٿ ۽ ڊيل ۾ پاڻ کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي ، ان کان اڳ ۾تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون آهن بشرہ بيگم ،۽ علي امين گنڊاپور جي ذريعي سندس ڪوششون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ نيٺ ھاڻ عمران خان خود پاڻ ئي اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪري رهيو آهي ،عمران خان جي موڪليل خط کي اسٽيبلشمينٽ پھچڻ کان ئي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ،واضع ڪيو آهي ت اسان ڏانهن خط موڪلن جي ضرورت ناهي سياستدان سياسي مسئلا پاڻ ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن آسان جو سياست سان واسطو ناهي ، انھيءَ خط جي مايوسي وارو جواب ملڻ کان پوءِ عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين جي اميد ختم ٿي چڪي آهي ، عمران خان جا سمورا سياسي فيصلا سندس بيوقوفي جي ڪري ناڪامي طرف وڃي رهيا آهن ، ھاڻ عمران خان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بيوقوف بڻائي پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کان وري ڪنهن انتشاري جي جدوجھد جي رٿابندي ڪري رهيو آهي ، پر ان ۾ عمران خان ڪنهن ٻئي کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، ان لاء سڀ کان وڏيڪ پنهنجي سياسي مخالف مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪا تحريڪ ھلائڻ جي چڪر ۾آهي جنهن جي نقصان جو نزلو مولانا فضل الرحمان جي مٿان ڪيرائي پاڻ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش۾ رڌل آهي، ھاڻ عمران خان ڊيل جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري چڪو آهي، انھيءَ ڊيل جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ھاڻ ڪا نئينءَ سياسي اداڪاري ڪرڻ جي ضروري ڪندؤ، عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جي سھاري ريليف ملڻ جي اميد ئي ختم ٿي چڪي آهي بس دنيا اميد جي سھاري قائم آهي، عمران خان عوام کي بيوقوف بڻائي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪري ناجائز مفادن جي لاءِ سياسي تحفظ چاھي ٿو،۽ ھاڻ سندس اميدون حسرتون ئي دل۾رھجي ويون آهن عوامي سياستدان جي سياست جو محور۽ مرڪز عوام ئي هوندي آهي جڏهن ته چور دروازي کان اقتدار۾اچڻ جي روايت رکندڙ سدائين ان دروازي جي تلاش۾ھوندا آھن عمران خان جنھن دروازي کان سياست جي شروعات ڪئي ۽ سياسي اداڪاري ڪندي جيڪي فيصلا ڪيا، اھئي ناڪام ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن، تڏهن ت اسٽيبلشمينٽ۾ اميد خاطر خط لکيا آهن، آهي اميدون حسرتون ئي رهجي ويون آهن عوامي مقبوليت حاصل ڪرڻ جي بجاءِ سندس اھئي ڊيل وارا فيصلا سندس عوامي مقبوليت وڃائي ڇڏيو آهي ڀلي ڪيڏي به چال ڪري پر ڪامياب نه ٿيندا، سياسي اداڪاري ناڪامي جي طرف وڃي رھي آھي، عوام کي تحريڪ انصاف جي سياست جي خبر پئجي وئي آھي ھوءَ عوام جي بجاءِ پنهنجي مفادن جي تحفظ جي سياست کي اوليت ڏيڻ جي خاطر ھر سياسي اخلاقي حدون ڪراس ڪندي نظر اچن ٿا، سندن سياست جو محور صرف آقتدار، آهي، سندن سياست صرف ذاتي مفادن جي لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جي آهي جڏهن کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي وئي آھي آهي ته ڪو به سچو پاڪستاني سندن اھڙي حرڪت۾ن ايندو تحريڪ انصاف جي سياست سول نافرماني سان شروع ٿي ھئي ۽ سول نافرماني تي ئي ختم ٿيڻ طرف وڃي رھي آھي، جنهن کان بچڻ جي لاءِ سياسي ريليف جي حاصلات لاءِ تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪيون پر اھئي ب قبول نه پئجي سگهيون، سموريون اميدون حسرتون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڏسجي ته تحريڪ انصاف وري ڪھڙي ٿي سياسي اداڪاري ڪري، ان ۾ ڪھڙا ٿا ھيروز جو ڪردار ادا ڪن ، جلد نئون راڳ نئين سر ۾ شروع ڪندؤ عمران خان، خط ب فضول ثابت ٿي چڪا اسٽيبلشمينٽ مان في الحال ته تحريڪ انصاف جون اميدون پوريون ن ٿي سگھيون آهن برحال تحريڪ انصاف،۽ عمران خان جيڪي، حڪومت۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪيرائڻ جي لاءِ کڏون کوٽيون انھن۾ پاڻ ئي ڪري چڪو آهي انھيءَ دلدل مان نڪرڻ جي لاءِ اڃان گھڻو وقت لڳندو،۽ اڃان ڱھڻيون منٿون، ميڙون ڪرڻيون پونديون، ايتري جلدي۾ ٺاھ ممڪن ڪونهي جيترو خان صاحب سوچيو آهي،

پهنجو تبصرو موڪليو