غزه (ويب ڊيسڪ)فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسماعيل حانيه کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ونگ جو سربراهه چونڊيو ويو آهي. هو 2017 ۾ پهريون ڀيرو سربراهه چونڊيو هو ۽ هاڻي 4 سالن لاءِ ٻيهر چونڊيو آهي. رائٽر موجب اسماعيل حانيه هماس جي باني شيخ احمد ياسين جو ويجهو ساٿي آهي. شيخ کي 2004 ۾ قتل ڪيو ويو هو. 2006 جي چونڊن ۾ هن پي ايل او جي اڳواڻ ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس کي شڪست ڏني هئي ۽ صدر چونڊجي ويو هو پر آمريڪا، اسرائيل، برطانيا ۽ ٻين چيو ته حماس دهشگرد تنظيم آهي ۽ کيس تسليم نه ڪيو ويو هو. حماس جو غزه تي مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ سندن حڪومت آهي ۽ هو ٽيڪس به وصول ڪن ٿا. جڏهن ته فکسطين جي ٻين علائقن تي محمود عباس جي حڪومت آهي.










