تحرير؛ احمد رضا عطاري مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي، مومن، مومن جي ڀاءُ آهي، مومن ڪلمي گو، ايمان آڻيندڙ کي ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪو ايمان جي قيمتي نعمت سان مالا مال هوندو آهي اهو وڏو خوش نصيب هوندو آهي، مومن جي وصف ۾ اها ڳالهه واضع ۽ چٽي آهي ته جيڪو خوف خدا عزوجل ۽ عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي لازوال نعمت سان سرفراز هجي، پاڻ کي هرهڪ ته وڏو مومن سڏائي ٿو پر مومن ڪامل حقيقت ۾ اهو شخص آهي جيڪو رب العالمين جي رضا ۽ خوشنوديءَ ڪارڻ ٻين جو حق غضب نه ڪري، ڪوڙ نه ڳالهائي، گلا غيبت، ساڙ، بغض، حسد، گار گند نه ڪڍي، مومن ته اهو آهي جيڪو پاڻ کي سڀ کان گهٽ تصور ڪري ۽ ٻين جي طور طريقي، مسلڪ ۽ مذهب جي گلا غيبت نه ڪري، جيڪو مومن هوندو آهي اهو ته ڪڏهن به الله ۽ انجي پيارن نبين، پيغمبرن، رسولن، انبياءِ ڪرام جي عظمت تي تون تان نه ڪندو آهي، مومن جو ڪم اهو ناهي ته اهو ڪلمو به الله جي نبي پاڪ تي پڙهي ۽ وري الله جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيارن اصحابه ڪرام حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه، حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه، حضرت سيدنا عثمان غني ذو النورين رضي الله عنه ، حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم يا ڪنهن به نبي پاڪ عليه الصلوات والسلام جي جانثاران غلامن جي مٿان طنز بازي ڪري ته پوءِ اهو سوال آهي ته جيڪو مومن به پاڻ کي سڏائي ۽ وري محبوب خدا جي محبوب صحابه ڪرام جي شان ۾ بي ادبي گستاخي ڪري ته سمجهو وڃي ته انهيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ ڪلمي گو لاءِ وير ۽ ڪينو آهي، ڪيني حسد، گلا غيبت ، ساڙ بغض ۽ لکين ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪندڙ جي سزا ڪهڙي هجڻ گهرجي؟، الله جي آخري ڪتاب قرآن پاڪ ۾ انهن صحابه ڪرام جي شان ۾ آيتون آيل آهن ۽ عظمت جي مينار سرڪار عالي وقار حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جن خود انهن متبرڪ مبارڪ هستين چئن يارن جي شان شوڪت، پيار و محبت لاءِ هرهڪ مومن مسلمان کي هدايت بلڪ سخت تاڪيد فرمائي ويئي آهي ته جنهن منهنجي صحابه سان محبت ڪئي ڄڻ انهيءَ مون سان محبت ڪئي جن انهن خلاف زبان درازي ڪئي، انهن مٿان بهتان بازي ڪئي اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم سمجهي، صحابه منهنجا اهي ساٿي آهن جن منهنجو هر سطح تي ساٿ ڏنو جڏهن مڪي جا ماڻهو نه مڃيندا هئا تڏهن انهن منهنجو هر طرح ساٿ ڏنو، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پنهنجن غلامن چئن يارن عشرهه مبشرهه ۽ ڪيترن ئي غلامن صحابه ڪرام کي بشارت ڏيئي ڇڏي ته اهي جنتي، جنتي جنتي آهن، اهڙي طرح اسان جي پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم پنهنجي غلامن جانثاران جي محبت کي پنهنجي محبت ڪوٺيو آهي ۽ انهن لاءِ فرمايو آهي اهي آسمان جا ستارا آهن، انهن جي پيروي ڪرڻ وارا هدايت وارا ڪوٺيا ويا آهن، جيڪو انهن جي پيروي نٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن خلاف ٻين لکين ڪروڙين اربين مسلمانن جي دل آزاريءَ جو خدارا سبب نه بڻجي، تازو جيڪا لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ آگاڻي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ مومن مسلمانن جي محبت جي مرڪز عظيم جليل القدر صحابه ڪرام حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه، حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه، حضرت سيدنا عثمان غني ذو النورين رضي الله عنه جي شان ۾ کليل طرح لائوڊ اسپيڪر ۽ ايڪو سائونڊن تي جهڙي طرح گستاخي ڪئي ويئي انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪو به غيرتمند مسلمان مومن برداشت نٿو ڪري سگهي، جانثاران نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم مٿان بڪواس ڪندڙ بدمعاش دهشتگرد غفور شاهه ۽ ان جي لاٺڙين سهولتڪارن ڪروڙين مومنن جي دل آزاري ڪئي آهي پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي جڏهن لاڙڪاڻي، رتوديرو، قمبر، ڏوڪري، باڊهه، باقراڻي، سکر ۽ ٻين شهرن جا هزارين عاشقان رسول ماهوٽا ٿاڻي سامهون احتجاجي ڌرڻو لڳايو، تڏهن انهيءَ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، انهي بد ذوق ماڻهوءَ جي نفرت سان ڀريل زبان درازي واري غليظ زبان ملڪ دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ سوشل ميڊيا ذريعي پکيڙجي وئي ۽ هر جاءِ تان انهي بد ذوق جنهن پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي کليل لتاڙ ڪندي هڪ طرف ته توهين صحابه ڪرام ڪئي، ٻئي طرف انهيءَ ڪروڙين اربين مسلمانن جي دل آزاري ڪري هڪ ئي وقت ٻه ڏوهه جرم ڪيا، آخر قانون ۾ ڪهڙو مونجهارو آهي ؟ ، جو الله، الله جي نبي پاڪ ، نبي پاڪ جي غلامن صحابه ڪرام جانثاران رسول پاڪ، اهلبيت پاڪ، ڪاملين جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن کي هميشه رعايت ڏني وڃي ٿي، قانون ۾ ڪا به لچڪ نه هوندي ته اهي بدبخت شرير ماڻهو جيڪي نفوس قدسيه جي خلاف بار بار مومنن جون دل آزاريون ڪري ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿا؟، جڏهن ته سنڌ دنيا جو اهو واحد خطو آهي جتي مذهب جي نالي ۾ نفرت پکيڙڻ کي اسان ڪبيرهه گناهه سمجهون ٿا، سنڌ ۾ صدين کان دين ڌرم، مسجد ۽ مندر ۾ رهي عبادات جو تصور هلندو پيو اچي، ڪنهن کي ڪا به جهل پل ناهي ۽ نه هجڻ گهرجي، هرهڪ پنهنجي انداز سان پنهنجي مالڪ کي ٻاڏائي راضي ڪري ٿو، ڪنهن مسلمان کي حق نٿو پهچي ته ڪنهن هندو جي مذهب تي تنقيد ڪري يا وري ڪنهن هندو کي ڪو به حق نٿو پهچي ته اهو وري ڪنهن مسلمان جي مذهب تي تنقيد ڪري زبان درازي ڪري سگهي. اسان ڪير ٿيندا آهيون ڪنهن جي دين ڌرم تي تنقيد ڪرڻ وارا اسان ته گهنگار عيبدار، خطا ڪار سياهه ڪار آهيون، رڳو عقل جي انڌن کي سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن جي به عقيدت جي محور مرڪز سان ڪو به ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ته انهن لکين ڪروڙين ماڻهن جي دل آزاريءَ جي سزا ڪيتري آهي، جيڪڏهن اهڙي طرح هر چريو کريو بد ذوق ماڻهو ديدهه دليريءَ سان مستي ۽ مسخريءَ ۾ ڊرامي بازي جي ريهرسل ڪندو رهندو ته پوءِ هن ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ماڻهن کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن اٿندا؟، جيڪڏهن انصاف ۾ دير ۽ مسلسل سستي رفتاري سان ڪيس کي کڻڻ، حاضرين ذريعي فريادين، شاهدن، وارثن، مالڪن کي ٿڪائي ٿڪائي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ بدقسمتيءَ سان جيڪو نه ٿيڻ گهرجي اهو سلمان تاثير جي روپ ۾ واقعا سامهون اچڻ لڳن ٿا، جڏهن قانوني طرح قاتلن، رهزنن، وحشين، دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ بند ڪري سخت سزا ملڻ لڳندي ته پوءِ ڪو به يقينن بد ذوق ديدهه دليريءَ سان آئين پاڪستان ۽ قانون جي لتاڙ ائين نه ڪندو جيئن لاڙڪاڻي شهر لڳ ڳوٺ آگاڻي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ ڪيو ويو آهي، خدا تعاليٰ رب العالمين مالڪ حقيقي الله جي پياري حبيب ڪريم رئوف رحيم صلي الله عليه وسلم سان مٺڙي شهر مديني مقدس ۾ ڪير يار مزار گڏ آهن ؟، ڪير يار غار رهيا؟، ڪير ظاهري حيات مقدسه دوران نماز جي مصلي تي امامت لاءِ بيهاريا ويا؟، بيمثال محبتن جا محور ۽ مرڪز صحابه ڪرام جي شان بلندين جي هڪ ڀرپور ناياب ۽ انمول تاريخ آهي، جيڪا سونهري اکرن ۾ لکجي چڪي آهي ڪنهن چمڙي کي ڪهڙي خبر ته بي مثال ڇا کي چئبو آهي؟. دين اسلام ۾ صحابه ڪرام جي لازوال ۽ بي مثال قربانين کي زندهه قومون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن، پنهنجي عظيم محسنن صحابه ڪرام جو احسان پوري امت محمدي تي آهي، جن اسان جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو مڪي مديني ۾ نه صرف هر وک تي ساٿ نڀايو پر هر وک تي نڇاور ٿيندي جنگ جي محاذن تي اسلام خاطر هر طرح جي قرباني ڏيندا رهيا، خدارا ! مسلمانن ۾ نفرت جي فضاءَ قائم نه ڪئي وڃي جيڪو جهڙي انداز، طريقي ۽ نموني سان عبادت ڪري ٿو يا ڪهڙي عظيم شخصيتن سان محبت ڪري ٿو انهن جي رهبرن، رهنمائن اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجي پرڪارن تي نظر ڪريو. اسين ڪير ٿيندا آهيون ڪنهن جي دين ڌرم مسجد مندر تي ڳالهائڻ وارا ؟، ڀلجي به بلڪ خواب ۾ به ڪنهن جي مقدس هستين مٿان ٽوڪ بازي ٺٺول نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهڙو ماحول رهيو ته پوءِ انهيءَ ۾ انسانيت جي دل آزاري ٿيڻ سان گڏوگڏ ئي باطل قوتون، بد مذهب ماڻهو، اسلام جا دشمن ويري، يهود و نصارا ناجائز فائدا وٺندا ۽ مسلمانن جي سگهه، قوت ۽ طاقت ويهارجي ويندي. الله تعاليٰ جي بارگاهه عاليشان ۾ دعا عرض آهي ته مسلمان ڪلمي گو پاڻ ۾ متحد، منظم، ايڪي، اتحاد، ڀائيچاري، امن سلامتي ۾ هڪ رهن شيعه ، ديوبنديءَ بجاءِ سڀ جو سڀ مسلمان ئي مسلمان هجون، يا الله پياري حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي امت تي رحم ڪرم ڪر ۽ انهن ۾ ايڪو اتحاد اتفاق عطا فرماءِ، اسلام دشمن باطل عناصرن جي سازشين کان محفوظ فرماءِ آمين. عقل ڪو تنقيد سي فرصت نهين، عشق په اعمال ڪي بنياد رکهه. ياران جو نهين مڃيندا، مفلس تي مفعول رهيندا.، مين ترڪ تنهان ڪون ڪردي هان، مين يار دي گهڙولي ڀردي هان. ( حضرت سچل سرمست رح )










