اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ وقت کان اڳ مقامي حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني وفاقي راڄڌاني ۾ وقت کان اڳ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا ۽ اسسٽنٽ اٽارني سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته مڪاني چونڊون نه ٿيڻ سبب نظام تباهه ٿي ويو آهي، پراپرٽي ٽيڪس نٿو لڳائي سگهجي، ڪو به ڪم صحيح طريقي سان نه ٿي رهيو آهي ۽ عدالتي فيصلن جي مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا عدالت کي ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025 ۾ ڪيل ترميمن ۾ ڪجهه پيچيدگيون آهن.اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته مڪاني حڪومتن جي چونڊن بابت قانون سازي جي ڪري چونڊ ۾ دير ٿي، ۽ اهو پارليامينٽ جو ڪم آهي ته ترميم ۽ قانون سازي ڪري.ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پارليامينٽ هن وقت آئين جي تشريح ۾ مصروف آهي ۽ ڪا به ترميم مشڪل آهي. اي جي صاحب، هر غلط ڪم جو دفاع نٿو ڪري سگهجي. جڏهن غلط قانون ٺاهيا ويندا آهن، ته انهن کي بعد ۾ صفر تي واپس آڻڻو پوندو آهي. اهڙي قانون کي واپس آڻڻ ۾ وقت لڳندو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي غلطيون هجن.بعد ۾ عدالت اسلام آباد ۾ وقت کان اڳ مقامي حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.










