يروشلم(ويب ڊيسڪ)فلسطين جي ويسٽ بئنڪ جي شهر جنين ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا.الجزيره جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج جون درجنوں گاڏيون جينين ڪيمپ ۾ داخل ٿيون ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني مارجي ويا ۽ 44 زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج ۽ فلسطيني شهرين وچ ۾ صبح کان شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ منجهند تائين جاري رهي، فلسطيني شهرين جينين پناهگير ڪيمپ جي دروازي تي پٿراءُ ڪيو، ان کان علاوه اسرائيلي فوج سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. اسرائيلي فورسز ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ گولا بارود فائر ڪيا.فلسطيني صحت واري وزارت جي اهلڪارن الجزيره کي ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 26 سالن جو احمد الوانا، 27 سالن جو عابد حازم، 30 سالن جو محمد الوانہ ۽ محمد ابوناسا شامل آهن. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث 2 شڪي ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويو.










