اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج مقبوضه مغربي ڪناري ۾ 5 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو پرڏيهي ميڊيا موجب قابض ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جي بربريت جي نتيجي ۾ 14 ورهين جي ٻار سميت 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب اربع تي اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ڪارروائي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته خميس جي صبح اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت اسرائيلي فوج جي ڪاررواين ۾ پنجن ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اربع ڏينهن رام الله جي ويجهو اسرائيلي فوج سان جهڙپ ۾ هڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته اسرائيلي فوج ڪيترن ئي هنڌن تي حملا پڻ ڪيا.










