استادن مٿان وحشياڻو تشدد آمريت جي ياد ڏياري ٿو!

استادن مٿان وحشياڻو تشدد آمريت جي ياد ڏياري ٿو!

احمد رضا عباسي

9 ڊسمبر 2019ع سومر ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي استادن مٿان هلان ڪئي ويئي ۽ پوليس گرديءَ جي بدترين وحشياڻي ڪارروائي ٿيندي رهي، ڇا پنهنجي جمهوري ملڪ ۾ وزيراعليٰ هائوس تائين يادداشت نامو پيش ڪرڻ جي سزا پوليس جو وحشياڻو تشدد لٺيون، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، واٽر ڪين، پوليس جون گاڏيون ڀري مهذب پيشي سان تعلق رکندڙ انهن استادن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ضروري آهي ڇا؟

ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي جياپي تي وار ڪرڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ جي حلالي پٽن پنهنجو فرض سمجهي استادن جيان پرامن احتجاج ڪيو هيو ته انهن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جڏهن ته سنڌ جا ٽڪرا ڪندڙن لساني تنظيم جي بيان بازي ۽ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ ۽ سنڌين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ تي انهن ڌرتيءَ مخالفن خلاف ڇو نه ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ انهن دهشتگردن کي حڪومتي حلقن پاران انتهائي نفيس ماڻهو چوڻ شرم جوڳو عمل آهي. پاڪستان ملڪ ۾ عجيب قسم جي جمهوريت عوام کي مليل آهي. هتي حق گهريندڙن مٿان نوان نوان لقب ڏيئي ڪوڙا ۽ بي بنياد من گھڙت الزام لڳائي حق گهرندڙن کي هروڀرو جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. سنڌ جا پرائمري استاد پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن نموني احتجاج لاءِ روڊن تي نڪتل آهن. سنڌ جي استادن جو چوڻ آهي ته پرامن احتجاج کي يقيني بنائيندي اسان سنڌ جي هر هڪ شهر کانپوءِ ڪراچي پهتاسين. جتي هزارين استادن هڪ آواز بڻجي ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس آڏو مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رستي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي پرائمري استادن مٿان وحشياڻو تشدد ڪندي استادن کي رتورت ڪري ڇڏيو. وڏي ڳالهه اها ته استادن جي پرامن احتجاج ڪرڻ واري ڏهاڙي يعني انساني حقن جو ڏهاڙو هجي ۽ ٻئي پاسي وري سنڌ جي استادن مٿان وحشياڻي تشدد جو عمل جاري رهيو. ڏٺو وڃي ته آخر ڪار استادن جا مطالبا تسليم ڪرڻ باوجود انهن جو عملي طرح نوٽيفڪيشن جاري ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ استادن جي مٿان ائين جيڪڏهن پوليس گردي جو سلسلو جاري رکڻو آهي ته پوءِ هن سماج ۾ هڪ معتبر ۽ مانائتي پيغمبري پيشي جو لحاظ باقي ڇا رهي ٿو. شايد انهن عقل جي انڌن کي اها سڌ ئي ڪانهي ته اهڙي عملي سان استادن جي مٿان وحشياڻي تشدد سان پوري سماج سوسائٽي ۾ پيپلز پارٽي حڪومت جو ڪردار ٺهڻ بجاءِ ويتر رهيل پيپلزپارٽي جو مورال به ڪيرائي رهيا آهن. اها ڳالهه ته هاڻي واضح ٿي چڪي آهي ته هيءَ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي استادن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ٿورو به سنجيده ۽ نيڪ نيت ناهي، بلڪه سنڌ جي استادن سان ماٽيلي ماءُ جهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن تي سوا لک استادن سميت انهن جي لکين شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي استادن جي اولاد، مائٽن، عزيزن رشتيدارن، دوستن احبابن معنيٰ ته هي انگ ڪروڙين ماڻهن جو ٿئي ٿو، انهن سان پ پ پ سنڌ حڪومت جو هروڀرو جو وير ۽ دشمني ڪا چڱي ڳالهه ته ناهي. انھي سلسلي ۾ استادن جي نمائنده تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي سابق مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو، جنرل سيڪريٽري جاويد احمد ڌرپالي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ جي پرائمري استادن جا هڪ وڏي عرصي کان رهيل مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن جنهن ۾سنڌ جي پرائمري استادن کي بلوچستان طرزِ تي 16هون اسڪيل ڏيڻ، جنهن لاءِ خود وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاران پڻ اجازت ڏني وئي آهي پر سنڌ يونيورسٽي، اقراءَ، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ٽيچرس لاءِ عملي طرح اپاءَ نٿا ورتا وڃن ۽ هر دفعي ڪوڙا بهانا بڻائي ٽال مٽول ڪري سنڌ جي استادن سان ظلم ڪيو ويو آهي، 2010ع ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي سنڌ اسيمبليءَ پاران 2012ع ۾ کين ريگيولر ڪرڻ جو بل به پاس ڪيو ۽ انهيءَ ۾ صرف ڪراچي جي استادن کي ريگيولر ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي استادن کي اڄ تائين ريگيولر نٿو ڪيو وڃي، بائيوميٽرڪ سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ بجاءِ صرف ڪراچي سيڪريٽريٽ هر ضلعي ۾ رائج ڪيو وڃي ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ٿي سنڌ جا ڪافي استاد ڪنهن سبب ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سالن کان رپورٽ ڪرايل آهن انهن کي پنهنجي ضلعن ۾ مقرر ڪري ڊي او يا ڊائريڪٽر معرفت ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٽيچرس ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ انرولمينٽ کي وڌ کان وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ پ ٽ الف سان گڏ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ آف اڪستان پاران استادن جي انٽرينڊ انڪريمينٽ جي حق ۾ فيصلو ڏنل آهي ته سنڌ ٽريبونل پاران پڻ انٽرينڊ انڪريمينٽ بابت منظور ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ضلع نوابشاهه ميرپورخاص جي استادن انٽرينڊ انڪريمينٽ جون مراعتون حاصل ڪري ورتيون آهن ساڳي قسم جون مراعتون سموري سنڌ جي استادن کي پڻ ڏنيون وڃن ۽ 2002ع کان تعليمي انڪريمينٽون بند پيل آهن سي بحال ڪيون وڃن اهڙي طرح استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ باوجود انهن جو باضابطه طور عملي طرح نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ سنڌ جي پرائمري استادن سان ظلم ۽ زيادتي مترادف عمل آهي.

سنڌ جا استاد به هن سسٽم جو حصو آهن، انهن کان اهي شيون توقع ڪيون وڃن جنهن تي اسان جا وزير، هٿ ٺوڪيا ليکڪ ۽ واندا وزير يعني تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ وارا پهريان پنهنجي گريبان کي ڏسن، پوءِ ٻين تي تنقيد ڪن. استاد هن معاشري جو اهم ترين فرد آهي، جيڪو مسلسل صبح کان منجهند تائين هڪ ڪلاس ۾ شاگردن سان ٻڌل آهي، هو هڪ پيرڊ وٺي پنهنجي جان نٿو ڇڏائي، بلڪه انهيءَ استاد جي مڪمل سرگرمين جو مرڪز، محور صرف ۽ صرف اسڪول ۾ ويٺل شاگرد ئي رهن ٿا، اهي ملڪ جا معمار تيار ڪن ٿا انهن پرائمري استادن جي بدولت اڄ جج، ملڪ جا صدر، وزيراعظم ۽ وڏا وزير پنهنجين سيٽن تي قائم ويٺل آهن. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جي سياستدان کي جيڪا عملي طرح سياسي طور تي نمايان ڪارڪردگيءَ ڏسڻ لاءِ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ناهي ته هو مڙيئي ماڻهن کي مصروف رکڻ لاءِ حڪومت ۾ ويٺل حڪمران سنڌ جي پرائمري استادن مٿان هروڀرو جي ڪاوڙ ڪري سياست ڪندا آهن. جڏھن ته تعليم کاتي ۾ حڪومت ۾ 5، 5 بلڪ 10.10 سال ويهڻ باوجود تعميري ۽ يادگار طور عملي ڪم گهٽ بلڪ نه هئڻ جي برابر ٿيا آهن. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪجھ ڏينھن اڳ جي رپورٽ موجب اهو ٻڌايو ويو ته سنڌ جي هزارين اسڪولن ۾ هن وقت به بنيادي ضرورتون واش روم، ليٽرين، اسڪولن ۾ صفائي عملي جو نه هجڻ، صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر نه هجڻ، اسڪولن جي اندر ڪلاس روم ٽٽل ڦٽل يا وري اڪثر هنڌن تي ڪلاس صفا نه هجڻ، راند جو ميدان نه هجڻ، کليل آسمان هيٺ هن جديد دور ۾ به پٽ تي ٻارڙا تعليم وٺڻ تي مجبور آهن، سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ، اقوام متحده، يورپين امدادي ادارن سميت پرڏيهي مختلف ملڪن کان تعليم شعبي جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ امداد ملندي رهي آهي پرگذريل 10 سالن کان اها الائي ڪٿي خرچ ڪئي وئي آهي. جهڙيءَ طرح آمريڪي سازشي صدر ڊونلڊٽرمپ پاڪستان جي حڪمرانن کان 33 ارب ڊالر ردهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل پئسن جو حساب وٺڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪا ان جي غلط ۽ بي بنياد ڳالهه آهي پر هتي ته نسورو ناحق آهي جو استاد جيڪي تعليم کاتي جا وڏا اسٽيڪ هولڊرآهن انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا عوام دشمن ۽ استاد دشمن فيصلا مڙهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي جيڪا ڪنهن به معاشري ۽ سماج ۾ قبول نه ٿي ڪري سگهجي. استاد جي تذليل ڪنهن ملڪ ۾ تصور نه نٿي ڪري سگهجي پر هتي معاشري جي انهن اهم ترين پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل استادن جي تذليل ڪرڻ استادن مٿان وحشياڻي تشدد ڪرڻ انهن مٿان لاٺي چارج ڪرڻ، شيل وسائڻ ۽ روڊن تي گهلڻ ڪٿان جي جمهوريت، انصافي ۽ عوام دوستي آهي؟ سماج جا ڪي قدر هوندا آهن، پر هن مدي خارج سماج ۾ جتي ڪنهن ڄٽ ڀوتار کي ته ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو پر پڙهيل لکيل استاد کي ڀوتارن جي مقابلي ۾ هيٺ پٽ تي ويهاري احوال ورتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي سوسائٽي خوف ۾ ورتل آهي، هوهڪ چور وڏيري، هڪ اڻپڙهيل جاهل جاڙي جمعدار کان خوف ۾ ورتل آهي، هتي جيل ۽ ٿاڻا وڪرو ٿين ٿا ۽ انهن جا واڪ لڳن ٿا، جتي اهڙي حالت هجي اتي پنهنجي لکيل پڙهيل استاد جو اهي هٿ ٺوڪيا وڏيرا، ڀوتار، مير، خان، نواب ۽ رئيس پنهنجي سنڌ جي استاد کي پنهنجو غلام سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو ڪميشن مافيا جي انڌي اٺ تي سوار هجڻ ڪري پنهنجي پوئين انجام کي وساري ويٺا آهن. جڏهن هن ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندڙ ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم نوازشريف ئي قدرت جي انتقام جو نشانو بڻجي سگهي ٿو ته پوءِ هي حڪمران ۽ سياستدان پنهنجي قدرتي انجام کان ڇو نه ٿا ڊڄن!؟

پهنجو تبصرو موڪليو