ليکڪ حاجي شفيع محمد سٺيو
علم ، تعليم ۽ شعور جي بيداري قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي، جيڪڏهن اهي شيون نه هجن ته قومون اونڌاهيءَ جي پاتال ۾ ڪري پون ٿيون، علم انسان جي سڃاڻپ سان گڏوگڏ شعوري سگهه جي ڪري پنهنجي دنيا سان گڏوگڏ آخرت جي بهتريءَ جا سمورا گس ملن ٿا، جيڪي به قومون هن وقت دنيا جي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري چڪيون آهن انهن تعليم شعور جي بنياد تي پنهنجي تحقيق ريسرچ ڪندي ترقيءَ جو معراج ماڻي چڪيون آهن، جن قومن علم تعليم ۽ شعور کان منهن موڙيون آهي اهي قومون هروڀرو جي خام خياليءَ گم ٿي ويون آهن، دنيا جي اندر علم جي اهميت افاديت کي محسوس ڪندي انهن قومن سڀ کان اڳ ۾ “ استاد ” جي عظمت، بلندي، عزت، احترام ۽ انهيءَ کي وقار ڏيڻ جو قدم کنيو، جنهن ڪري اهي قومون اڄ سموري دنيا جي نقشي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي جي ارهه تي گامزن آهن، آمريڪا، لنڊن سميت يورپين ڪنٽيريز ۾ “ استاد ” ٽيچرس جو ڪيڏو مرتبو آهي، هن ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، هڪ طرف ڪورٽ جو جج صاحب ٻئي طرف وزير صاحب ۽ ٽئين طرف “ استاد صاحب ” روڊ تان گذر ڪري ٿو ته پوليس سارجنٽ کي حڪومت طرفان اهو آرڊر حڪم آهي ته پهريان جج ۽ وزير کي نه پر پهريان “ عظمت جي بلندين تي پهچائيندڙ عظيم شخصيت“ استاد صاحب ” کي رستو ڪراس ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو “ استاد ” پنهنجي اداري اسڪول، ڪاليج يونيورسٽي ڏانهن قوم جي معمارن کي تعليمي شعور سان آراسته ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ انهيءَ جو هڪ سڪنڊ منٽ به ضايع نه ٿيڻ گهرجي، سڌريل قومن ۾ “ استاد ” کي مسيحا سمجهو وڃي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ انهيءَ طبقي تي حڪومت توانايون خرچ ڪندي رهي ٿي، استادن جي سهولتن، انهن جو معاشي طرح هر حوالي سان خصوصي خيال رکيو وڃي ٿو، اهي قومون ائين ترقيءَ جون راهون طئي ڪري جديد ٽيڪنالاجي جي معراج تي ائين ناهن پهتيون پر انهن استاد ٽيچرس جي مان، مرتبي، شان و شوڪت کي پهريان محسوس ڪندي انهي کي هر حوالي سان سکيو ستابو رکيو آهي ۽ انهن استادن جي فيضان مان فيض حاصل ڪيو آهي، پوءِ اهي قومون سڄي دنيا جي نقشي تي اهڙيون ته ڇائنجي ويون آهن جو ٻيون قومون ۽ ملڪ انهن جي ترقي تي ريس ته ڪن ٿيون پر اهي انهن جي ٻڌايل ترقيءَ جي راز کي اپنائڻ لاءِ پوئتي پيل آهن، حالتن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته جيڪا قوم هن وقت به پنهنجي اوائل جي بزرگان دين سلف صالحين جي ڏسيل واٽ راههن تي گامزن ٿين ٿيون اهي وري به علمي شعور جي بلندين کي پهچي سگهن ٿيون، اسان جي ملڪ ۾ تعليم کي عبادت سمجهڻ بجاءِ بزنس، ڪاروبار ۽ ڌنڌو ڪري هلائڻ جو رواج جڏهن کان پيو آهي تڏهن کان هن ملڪ ۾ تعليم ڏيندڙ گهڻي کان گهڻا پيدا ٿيا آهن پر تعليم جي نچوڙ جامع ۽ مختصر واري فارمولي تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري استاد جي معزز معتبر شخصيت کي ڌڪ رسيو آهي، معاشري ۾ جنهن عاليشان طبقي “ استاد ” کي وزير ۽ جج کان وڌيڪ مرتبو ۽ پروٽوڪول ملڻ گهرجي انهيءَ کي هن معاشري ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجي جو شهري طور سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي، استاد جي عظمت ۽ بلندين سبب اڄ ملڪ جا صدر، وزير اعظم، سينئير وزير، جج، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، وزير اعليٰ ، گورنر، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر سميت مڙني اهم پوسٽن تي ويٺل آفيسر “ عظيم استاد” جي بدولت عهدا ماڻي ويٺا آهن پر بدقسمتي سان غلط حڪمرانن جي غلط روشن ڪري استاد جي سمورين ڀلاين ۽ چڱاين کي وساري ويٺا آهن، جيڪڏهن استادن جي چڱاين ۽ ڀلاين جي انهن کي صحيح طرح قدر ۽ خيال هجي ها ته هن ملڪ ۾ “ انهي عظيم هستي پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ استاد جو واقعي قدر هجي ها ” ته استادن جي جائز حقن لاءِ نڪتل احتجاجي ريلين مارچ تي مختلف وقتن ۾ روڊن رستن تي نڪرڻ مهل واٽر ڪينن، شيلنگ، لاٺي چارج، تشدد جو نشانو نه بڻجڻ ها، استاد ايندڙ مستقبل جي معمارن جي آبياري ڪري ٿو پر چوٽ چڙهيل مهانگائي ۾ انهي استاد کي هڪ تولي سون برابر پگهار نٿي ڪئي وڃي، سماج ۾ استاد کي بي يارو مددگار ڪرڻ جون ڪوششون ٻيا نه پر وقت جا ظالم، ڪرپٽ سماجي ڏوهاري ڪرپشن ۾ ملوث ڪي هٿ ڪندا رهن ٿا، ملڪ ۾ مافيائون سرگرم ٿي وڃن ٿيون جيڪي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسائيڻ لاءِ ٻنهي هٿن سان نقصان پهچائڻ لاءِ نوان نوان مدي خارج فارمولا ڏيڻ لاءِ ويتر تعليم جهڙي حساس ترين شعبي کي مذاق بڻائڻ لاءِ تجربا ڪندا رهن ٿا، تعليمي پرائمري نصاب ۾ نالي جي وڏن اديبن سان گڏوگڏ ئي سنڌ جي پرائمري استادن مان سينئر تجربه ڪار ماهر استادن جي نگراني ۾ نصاب تشڪيل ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي، نصاب ۾ اسان جي قومي هيروز قابل قدر تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ وارن شخصيتن صوفي شاهه عنايت شهيد رح، مخدوم بلال شهيد رح، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، قائد فخر استاد جان محمد جمالي سميت ٻين اهڙن ڪردارن جي تعليم دوستي، تعليم سان پيار ۽ شعور طور تي نگر نگر وستي وستي تعليمي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ خدمتون ڏيندڙن کي اسان جي ايندڙ نسلن تائين اهڙو سنيهو پهچايو وڃي، استاد جي عظمت کي سلام آهي جنهن جي ڪوششين سان فرش کان عرش تي ماڻهو پهچي وڃي ٿو، تعليمي بيداري شعور اجاگر ڪرڻ وڏي ۾ وڏي عبادت آهي ۽ خاص ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ عين عبادت آهي ڇاڪان ته هڪ نياڻي کي پڙهائڻ سان پورو خاندان تعليم يافته ٿئي ٿو، اهڙي طرح اهو گهر ڳوٺ علائقو محلو تعليم جي نعمت سان مالا مال ٿئي ٿو، تنهن ڪري پنهنجين نياڻين کي تعليم جهڙي نعمت سان سرفراز ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ انهي تعليم شعور جي نعمت دنيرا جي سڀ کان وڏي ۽ خدا پاڪ کي ملائڻ واري نعمت عظمه آهي، انهي ڪري چيو ويو آهي عابد زاهد کان وڌيڪ مرتبي ۽ شان وارو اهو آهي جيڪو علم جي روشنيءَ سان ڀرپور آهي، ڇاڪاڻ ته علم الله جي وحدانيت جو سڏ ٻڌائي ٿو ۽ رب پاڪ کي سڃاڻڻ جون اکيون ۽ سمجهه عطا ڪئي وڃي ٿي، هڪ مثال ڏيندا آهن ته هڪ دفعي شيطان علم واري ۽ جاهل جي اڳيان آيو، جنهن ۾صبح جو سوير شيطان هڪ شخص کان پڇا ڪئي ته ڇا سوئيءَ جي هن ننڍڙي سوراخ مان الله پاڪ دنيا پار ڪري سگهي ٿو ته جيڪو عابد زاهد وڏو هيو پر علم ۾ گهٽ هيو انهي چيو ته هن ننڍڙي سوراخ مان دنيا ڪئين پار ٿي سگهي ٿي، معنيٰ ته الله جي شهنشاهي بادشاهيءَ جو ڄڻ ته انڪار ڪري ويٺو پر جڏهن ٻئي علم واري عالم کان اهو ساڳيو ئي سوال شيطان ڪرڻ لڳي ٿو ته انهيءَ کي علم وارو عالم جواب ڏيئي ٿو ته هيءُ سوراخ ته ڇا پر هن کان ننڍڙو به هجي ته مالڪ ڪائنات اتان به پار ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته مالڪ الله ڪريم ذري ذري جو مالڪ آهي، اهڙي طرح علم جي روشني ڦهلائيندڙ “ استاد ” کي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪريان ٿو. نوٽ ليکڪ حاجي شفيع محمد سٺيو، اڳوڻو مرڪزي صدر، آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ( پ ٽ الف ) سنڌ رهيو آهي.










