اسان جا اقتدار ڌڻي ۽ ملڪي سلامتيءَ متعلق حساس معاملا

اسان جا اقتدار ڌڻي ۽ ملڪي سلامتيءَ متعلق حساس معاملا

سيد يوسف شاھہ
ھونئن تہ ملڪ اندر ٿيندڙ ڪرپشن ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ مالي گهوٽالن جون ڳالھيون ڪافي سالن کان گردش ڪنديون رھيون آھن پر ان وقت دماغ جا طاق ٿڙي ويا جڏھن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان  پنھنجي تازي رپورٽ ۾ وفاقي حڪومت جي حساب ڪتاب بابت 375 ٽريلين رُپين يعني3 لک ۽ 75 ھزار ارب رپين جي بي قاعدگين يا گوٻين جو انڪشاف ڪيو آهي. جڏھن تہ پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار  لڳ ڀڳ 110 ٽريلين يعني ھڪ لک ۽ 10 ھزار رپيا آهي يعني مجموعي ملڪي پيدا وار کان ٽيڻ کان مٿي مالي بي قاعدگيون ٿيون آھن ۽ مالي سال 2023-24 جو وفاقي بجيٽ فقط 14هزار ۽ 500 ارب رپيا هو، جڏھن تہ اهڙيون ٿيندڙ بي قاعدگيون قومي بجيٽ کان 26 سئو سيڪڙو وڌيڪ  آھن. رپورٽ ۾ انھن مالي بي ضابطگين جي ڏنل تفصيلن موجب خريداري سان لاڳاپيل معاملن ۾ 2 لک 84 ھزار 170 ارب رپيا، ناقص ۽ دير سان مڪمل ٿيندڙ رٿائن ۾ 85 ھزار ۽ 600 ارب رپيا،  قرضن ۽ اڳاڙين جي مد ۾ 2 ھزار ۽ 500 ارب رپيا ، سرڪاري ادارن جي گردشي قرضن ۾ ڦاٿل 1200 ارب رپيا شامل آهن، ان کان سواءِ اربين رپيا اندروني ڪنٽرول جي ڪمزوري، اثاثن جي ناقص انتظام، معاهدن جي غلط استعمال ۽ سرڪاري زمينن تي قبضي جي نتيجي ۾ ضايع ٿي ويا آھن. 
ميڊيا جي مختلف ذريعن کان اھي خبرون بہ عام ٿي رھيون آھن تہ حڪمران سياستدانن خلاف نيب جا ڪيس کولڻ جون تيزيءَ سان تياريون جاري آھن. ان سلسلي ۾ پنجاب ، سنڌ ۽ ٻين صوبن جي مختلف کاتن ۾ ڳجهن ادارن جا ماڻهو فائل چيڪ ڪري، مالي گهوٻين جو پڇاڻو ڪري رھيا آهن. جنھن مان اھو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناھي تہ مستقبل قريب ۾ حڪمران سياستدانن کي سوڙھو ڪري سگهجي ٿو، ڇوتہ جڏھن بہ ان قسم جون سرگرميون نظر اينديون آھن، تڏھن ”ڪجهہ نہ ڪجهہ“ ضرور ٿيندو آھي،تہ ٻئي پاسي سياستدانن سندن خلاف متوقع طور ٿيندڙ ڪارروائين جي بوءِ محسوس ڪندي پنھنجا اثاثا ظاھر نہ ڪرڻ لاءِ قانونسازيءَ جون ڪوششونشروع ڪري ڇڏيون آھن، جنھن ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻُٽ آھن. ان حوالي سانپيپلزپارٽيءَ جي شازيا مري ۽ نويد قمر پاران بل آڻي پارليامينٽ ميمبرن جي رازداري جو مطالبو ڪيو ويو آهي يا ٻين لفظن ۾قانون مطابق پارليامينٽ ميمبرن کي پنھنجا ذاتي اثاثا ظاھر ڪرڻ کان ڇوٽ مليل ھجي ڇوتہ اھڙي ڇوٽ ھوندينيب جا ڪيس نہٺھي سگهندا.موجودھہ قانون مطابق سياستدانن کي ھر ڊسمبر جي آخر ۾ پنھنجا اثاثا ظاھر ڪرڻا پوندا آھن جڏھن تہ ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريٽس کي اثاثن ڊڪليئر ڪرڻ کان ڇوٽ مليل ھوندي آھي، پرسوال ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اھڙي قانون سازي پنھنجي چوري لڪائڻ جو اعتراف نہ ھوندو۽ ان ڳالھہ جي مترادف نہ ھوندو تہ ”ٻين کي پنھنجون چوريون لڪائڻ جي قانوني اجازت آھي تنھنڪري قانوني طور اھڙي اجازت سياستدانن کي بہ ڏني وڃي.“ ان بدران اھڙي قانون سازي ڇو نٿي ڪئي وڃي جنھن مطابق سياستدانن، ججن، جنريلن ۽ بيوروڪريٽس سميت ھر شھريءَ کي پنھنجا اثاثا پڌرا ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي.
ان دوران اھا ڳالھہ بہ سامھون آئي آھي تہ معاشي ٿنڪ ٽينڪ اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊيولپمينٽ نون صوبن بابت 3 تجويزون ڏيئي ڇڏيون آھن، پھرين تجويز مطابق ملڪ ۾ 12 صوبا قائم ڪرڻ، ٻين تجويز مطابق 15 کان 20 صوبا ٺاھڻ ۽ ٽئين تجويز ملڪ ۾ 38 وفاقي ڊويزنون قائم ڪرڻ متعلق آھي. ان حوالي ساندليل ڏنو پيو وڃي تہ پاڪستان جو موجودهہ انتظامي ڍانچو اهم اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آهي، ان لاءِ گورننس ۽ وسيلن جي ورڇ کي بهتر  بڻائڻ لاءِ ننڍا صوبا قائم ڪرڻ ضروري آھن. اتي اھا ڳالھہ بہ چئي سگهجي ٿي تہ جيڪڏھن پاڪستان جو موجودهہ انتظامي ڍانچو اهم اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آهي تہ ان جا ذميوار بہ ملڪ جي اقتدار تي ھميشہ قابض رھندڙ ڌريون آھن. جيڪي اھا وضاحت ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام رھيون آھن تہ ملڪ کي ننڊن ننڊن ٽڪرن ۾ ورھائڻ سان گڊ گورننس ڪيئن قائم ٿي سگهندي ۽ وسيلن جي ورڇ کي ڪيئن بھتر ڪري سگهبو؟جڏھن تہ ھن وقت بہ آباديءَ جي لحاظ کان سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بھتر حڪمراني قائم آھي. اھڙا غيرآئيني منصوبا ٺاھيندڙ ان معاملي تي بہ خاموش آھن تہ ايترا گهڻا صوبا ٺاھڻ کان پوءِ انھن کي سينٽ ۾ نمائندگي ڪيئن ڏني ويندي يا مورڳو سينٽ کي ئي ختم ڪيو ويندو.؟ اڄ ھن ملڪ ۾ جيڪي بہ ڳالھيون ، منصوبا يا رٿائون پيش ڪيون پيون وڃن اھي سموريون آئين جي قتل جي برابر آھن. اھائي ساڳي اسٽيبلشمنٽ ماضيءَ ۾ بہ صوبن جي سڃاڻپ ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪرڻ جو تجربو ڪري ، ان جا نتيجا بہ ڀوڳي چڪي آھي پر ان مان بہ ڪو سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي.
حقيقت اھا آھي تہ جنھن ملڪ ۾ بي انتھا ڪرپشن ھجي، جتي لکين ارب رپين جون مالي بي قاعدگيون معمول بڻيل ھجن، جتي اقتدار جي اصل مالڪن کي پنھنجا مالي اثاثا لڪائڻ جي قانوني ڇوٽ مليل ھجي، جتي ڪرپٽ سياسي حڪمرانن خلاف انڪوائريون يا نيب جا ڪيس فقط کين بليڪ ميل ڪري، پنھنجا شرط مڃائڻ جي مقصدن لاءِ ھجن، اُن ملڪ ۾ بھتر انتظام يا گڊ گورننس، قانون جي حڪمراني، انساني بنيادي حقن جو تحفظ، آئين جي پاسداري ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحالي جو تصور فقط ”ديواني جو خواب“ بنجي رھجيو وڃي. تنھنڪري ملڪ جي سلامتيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري آھي تہ حڪومت جي انھن بيلغام گهوڙن کي قابو ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ سان تعلق رکندڙ حساس معاملن کي نہ ڇيڙيو وڃي.
طاقت جي زور تي جيڪي غيرآئيني معاملا اڄ موجودھہ پاڪستان ۾ اٿاريا پيا وڃن، بندوقن جي طاقت جي غرور ۾ اھڙي زور آزمائي اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ بہ ڪري ڏٺي ويئي تنھن ھوندي بہ بنگالين ڪڏھن بہ پاڪستان جي مخالفت نہ ڪئي پر 1940ع واري ٺھراءُ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي فريم ورڪ اندر رھڻ لاءِ پنھنجا 6 نقطا پيش ڪيا ھئا، انھن 1970ع واريون چونڊون بہ انھن ئي نقطن جي آڌار تي وڙھيون ۽ سئو سيڪڙو سوڀ ماڻي، تڏھن بنگالين جي مطالبن کي مان ڏيڻ ۽ ساڻن ڳالھيون ڪرڻ بدران ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ ۽رھنما کي سوگهو ڪري آڻي موجودھہ پاڪستان ۾ قيد ڪيو ويو۽ بنگالين خلاف بي رحم آپريشن ڪري سندن نسل ڪشي ڪئي ويئي، نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ھڪ آزاد ملڪ ”بنگلا ديش“ ۾ تبديل ٿي ويو. اڄ ڊالر پاڪستاني 284 رپين ۽ بنگلاديش جي 122 رپين جي برابر آھي، يعني انھن جي معيشت اسان کان 233 سيڪڙو وڌيڪ مضبوت آھي ۽ اسان بنگلاديش سان ڪاروباري معاھدا ڪري وڏو فخر محسوس ڪري رھيا آھيون.!، پر ملڪ ٻہ ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ بہ اسان وارا حڪمران ماضيءَ جي ھن لڱ ڪاڊاريندڙ حادثي مان ڪو سبق سکڻ بدران اڄ بہ پنھنجي ذاتي مفادن، انا ۽ ھٺ ڌرميءَ تي قائم رھندي پنھنجا ساڳيا رويا جاري رکندا پيا اچن. اڄ بہ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي عھدي تان لاھي چور ۽ ڪرپٽ قرار ڏيئي سڄي عمر لاءِ ”نااھل“ قرار ڏنو ٿو وڃي پر سندن سمورا شرط مڃڻ کان پوءِ ساڳئي سياستدان جا سمورا ڪيس ختم ڪري ڪيس ”کير سان ڌوئي“ وڏي اھتمام سان ملڪ جو اقتدار سندس پارٽيءَ جي حوالي ڪيو ٿو وڃي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏيءَ پارٽيءَ جو اڳواڻ سوين ھٿ ٺوڪين ڪيسن کي منھن ڏيندي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جيل ۾ قيد ڪاٽي رھيو آھي.سندس پارٽيءَ جي اڻ ڳڻين سينئر اڳواڻن کي اذيت ناڪ وڏيون سزائون ٻڌائي سندن ڳچين ۾ نااھليءَ جا طوق پارايا پيا وڃن ۽ عوام جي چونڊيل عيوضين کي اسيمبلين کان ٻاھر اڇلايو پيو وڃي. آباديءَ جي لحاظ کان ننڊن صوبن سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻھن کي انسان نہ پيو سمجهيو وڃي. بلوچستان فوج جي حوالي آھي، اتان ھزارين نوجوانن کي سالن کان گم ڪرڻ جي روايت تي رياست عمل ڪري رھي آھي، ان خلاف اڄ بہ ھزارين بلوچ نياڻيون اسلام آباد جي رستن تي احتجاج ڪري رھيون آھن. ڪي پي ڪي دھشتگرديءَ جي باھہ ۾ ٻري رھيو آھي ۽ سنڌ جهڙي پرامن پرڳڻي تي بہ روز نوان وار ڪيا پيا وڃن.ڪڏھن غير آئيني ۽ غير قانوني طور سنڌو درياھہ تي ڪئنال ٺاھي سنڌ سڪائڻ جون رٿائون ٿيون گهڙجن، ڪڏھن ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي وفاق ھڙپ ڪرڻ جون ڪوششون ٿو ڪري تہ ڪڏھن مائنر ۽ منرلز بل ذريعي وفاق پاران سنڌ جي سموري معدنيات جا وسيلا ڳڙڪائڻ جا سانڀاھا ٿا ٿين ۽ جڏھن سنڌوءَ تي ڪئنالن ٺاھڻ واري معاملي تي سنڌي قوم پاران شاندار پر امن تحريڪ کي منھن ڏيڻو پين، تڏھن وري ھڪ نئون شوشو ڇڏيو ويو آھي ، ان حوالي سان هڪ ٿنڪ ٽينڪ پيپر تيار ڪيو آهي تہ ملڪ ۾ وڏا ڊيم نٿا ٺهي سگهجن ڇوتہ اهي تڪراري بڻجي ويندا آهن ان ڪري ننڍا ڊيم ٺاهياوڃن جيڪي بجلي جي پيداوار بدران برساتي ۽ ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ٺاهي ، انهن ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي. پيپر ۾ چيو ويو آھي تہ ملڪ ۾ تازو ٻوڏ وھڪرن دوران 14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو ويو. تنھن ڪري ڪرم ٽنگي ڊيم، جيڪو 0.084 ملين ايڪڙ فوٽ جو آهي، ملڪ ۾ اهڙا 170 ڊيم ٺاهيا وڃن، جنهن تي بہ حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سطح تي بحث ھلي رھيو آهي، تہ ٻئي پاسي فقط انفرادي مفادن خاطر ملڪ جي سمورن صوبن کي ختم ڪري ڪڏھن 12 تہ ڪڏھن 20 صوبا ٺاھڻ يا 38 وفاقي ڊويزنون ٺاھڻ جون رٿائون پيش ڪري ملڪ جي بنيادن کي لوڏيندڙ ۽ آئين جي خلاف قدمن کي ھمٿائيندي ملڪي سلامتيءَ کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي. اھڙا حساس معاملا اٿاري ڇا ھو سنڌي قوم جو ردعمل ٿا ڏسڻ چاهين؟، تہ کين ياد رکڻ گهرجي تہ جڏھن بہ سنڌي قوم پنھنجيءَ ڌرتيءَ جي بچاءُ جي خاطر ميدان تي لٿي آھي،تڏھن سنڌ دشمن قوتن کي پوئتي هٽڻو پيو آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا ۽ پنهنجي وطن جي وحدت جي حفاظت بہ ڪري سگهن ٿا. جيڪڏھن سنڌ جي وحدت خلاف ڪا سازش ڪئي ٿي وڃي تہ پوءِ سنڌي قوم جي شديد مزاحمت کي بہ منهن ڏيڻو پوندن. ڇوتہ ڪئنالن واري معاملي تي بہ سنڌي قومجي پرامن عوامي مزاحمت جي جهلڪ جڳ ڏسي چڪو آهي، تنھنڪري صوبن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙن جي هٿن مان شيون نڪرنديون وينديون ۽ پوءِ پڇتائڻو پوندن، تنھنڪري عقلمنديءَ کان ڪم وٺندي ملڪ جي سلامتيءَ خاطر اهڙين غير قانوني ۽ غير آئيني حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي. ڇو تہ جڏھن سنڌي قوم آڏو سنڌ جي مالڪيءَ جو مسئلو ايندو آھي تڏھن قوم هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندي آھي.
ھونئن بہ ڪنھن صورت ۾ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ ناممڪن آھي،ڇوتہ پاڪستان سمورين قومي وحدتن جي رضاڪاراڻي الحاق جي نتيجي ۾ وجود ورتو آھي،جڏھن قومن جا تاريخي وطن هن ملڪ جو حصو بڻيا، تنھنڪري جيڪڏھن قومن جي تاريخي وطنن جي وحدت ۽ جاگرافيءَ خلاف ڪا سازش ڪئي وئي تہ ان جا انتهائي اگرا نتيجا نڪرندا. نون صوبن جي مھم دھشتگرديءَ ۽ انتشار پکيڙڻ جي سازش جي برابر آھي، سنڌ ۽ ملڪ ۾ شامل ٻيون وحدتون ڪي صوبا نہ پر تاريخي طور تي وطن رھيا آهن، سنڌ، اُن 40ع واري ٺھراءُ مطابق پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ رياست بدران رياستن جو ذڪر ٿيل آھي،اھوئي سبب آھي تہ پاڪستان ھڪ گهڻ قومي ملڪ آھي، جنھن لاءِ دنيا جي ٻئي ڪنھن ملڪ جا مثال نٿا ڏيئي سگهجن. سنڌي قوم سنڌ جي وحدت جي حوالي سان انتهائي حساس آهي, ان ڪري سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ هر سازش جي مزاحمت ڪندا. تنھنڪري اھڙي مھم جوئيءَ کان پاسو ڪيو وڃي جنھن مان ملڪي سلامتيءَ کي ڪو ڇيھو رسڻ جو خطرو ھجي ۽ مستقبل ۾ پيش ايندڙ چئلنجن ۽ سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي سياسي قيادت، وڪيلن, صحافين ۽ ساڃاهہ وند ڌرين کي دانشمندي ۽ نظرياتي سچائيءَ سان سنڌ جي قومي مفادن،وحدانيت ۽ جاگرافيائي حدن جي تحفظلاءِ مستقل مزاجيءَ سان وڏا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو