اعجاز ممنائي
حضرت امام حسين عليه السلام، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جا ڏوهٽا ۽ حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت بي بي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها جا فرزند هئا. امام حسن عليه السلام جي شهادت کان پوء امت جا ٽيان امام مقرر ٿيا ۽ دين اسلام جو زميواريون مٿن آيون ته ٻئي پاسي يزيد بن معاويه زبردستي اسلامي خلافت تي قابض ٿيو ۽امام حسين عه ڏانهن خط لکي بيعت جو مطالبو ڪيو جنهن تي امام حسين عليه السلام صاف انڪار ڪندي فرمايو ته مون جهڙو ڪڏهن به يزيد جهڙي فاجر ۽ فاسق شخص جي بيعت نه ٿو ڪري سگهي۔ ڇوته ان جي ظالماڻين، اسلامي اصولن خلاف هلت ۽ بي ديني جي خلاف پوري رعيت بيزار ٿي چڪي هئي۔ نيٺ اهڙا حالات پيدا ڪيا ويا جو 28 رجب المرجب سن 60هه تي امام حسين ابن علي عليه السلام پنهنجي ناني جي شهر مدينو ڇڏي خدا جو دين اسلام بچائڻ جو وچن ڪري نڪتو ساڻس اهلبيت عليهم السلام جا سادات نوجوان ۽ ٻار ساڻ هئا پاڻ پنهنجي هجرت جو مقصد بيان ڪندي فرمايو ته مان نانا جي امت جي اصلاح ۽امربالمعروف (نيڪيء جو حڪم ڏيڻ)۽ نهي عن المنڪر (برائيء کي روڪڻ لاء) نڪتو آهيان۔ مديني کان نڪري مڪي ۾ رهڻ لڳا جتي ڪوفي جي ماڻهن سندن مدد جو وعدو ڪرڻ لاء ڪيترائي خط موڪليا پر ڪجهه ڏينهن ۾ ئي خبر پئجي ويئي امت کين اتي به سڪون سان زندگي گذارڻ نه ڏني ۽ حج جي موقعي تي کين شهيد ڪرڻ جي سٽ سٽي۔پر پاڻ پنهنجي نانا جي شهر مديني ۽ خدا جي گهر خانه ڪعبه جي حرمت جي حفاظت خاطر مڪي کان ڪوفه طرف روانگي اختيار ڪئي، پر رستي ۾ خبر پئي ته ڪوفي جي ماڻهن بغاوت ڪري ڇڏي ۽ امام عه جي سفير حضرت مسلم بن عقيل عه کي شهيد ڪيو ويو.
مڪي کان ڪربلا جو مفاصلو لڳ ڀڳ 1381 ڪلوميٽر آهي. اڄ جي دور ۾ هي مفاصلو گاڏيءَ ذريعي 18 ڪلاڪن ۾ طئه ڪري سگهجي ٿو، پر 60 هجريءَ ۾ هيءَ رستو تمام ڏکيو، خطرناڪ ۽ وقت طلب هو. امام حسين عليه السلام هيء سفر 8 ذوالحج تي شروع ڪيو ۽ 14 اهڙن مڪانن تي ترسيا يا ماڻهن کي خطاب ڪيو هو. اهي مڪان هيٺ ڏجن ٿا:
1. الصفا: امام حسين عليه السلام جو پهريون مڪان، جتي عرب جو مشهور شاعر الفرزدق مليو. جڏهن امام عه کانئن ڪوفي جي حالتن بابت پڇيو ته هن چيو “ڪوفي وارا دل سان توهان سان آهن، پر سندن تلوارون توهان جي خلاف آهن.” تڏهن امام عه کيس جواب ڏنو ته “الله جيڪو چاهي ٿو سو ڪري ٿو، مان سڀ ڪجهه سندس حوالي ٿو ڪريان.”
2. ذاتِ عِرق: مڪي کان 92 ڪلوميٽر پري هي ٻيو مڪان هو. هتي امام عه جي چچازاد ڀاءُ عبدالله بن جعفر پنهنجي ٻن پٽن عون ۽ محمد کي حضرت زينب (س) سان گڏ موڪليو ته جيئن امام جي مدد ڪري سگهن. عبدالله امام عه کي واپس وڃڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امام چيو ته “منهنجي منزل جو فيصلو الله جي هٿ ۾ آهي.”
3. حاجِر يا بطن الرُما:هتي امام، قيِس بن مسهر کي خط ڏيئي ڪوفي روانو ڪيو. عبدالله بن مُطيع سان ملاقات پڻ هتي ٿي، جنهن امام عه کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو، پر امام سفر جاري رکيو.
4. زَرُود: هتي امام عه جي ملاقات زُهَير بن القين سان ٿي، جيڪو پهرين امام عه سان شامل ٿيڻ نه پئي چاهيو، پر پوءِ پنهنجي زال کان موڪل وٺي امام سان شامل ٿي ويو ۽ چيو “منهنجي خواهش آهي ته مان امام سان گڏ شهيد ٿي وڃان.”
5. زَبالَه: هتي امام عه کي خبر ملي ته سندن سؤٽ ۽ سفير مسلم بن عقيل عه ۽ هاني بن عروہ عه شهيد ٿي ويا آهن. امام عه فرمايو “إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ” ۽ رڪني ساٿين کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. ڪيترائي ماڻهو واپس هليا ويا، فقط 50 جانثار ساڻس گڏ بچيا.
6. بطن العَقيق: هتي امام عه کي ٻڌايو ويو ته ڪوفو يزيدي فوجن جي گهيري ۾ آهي. ماڻهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امام عه پنهنجي ارادي ۾ قائم رهيو.
7. صُورات: هتي امام عه هڪ رات ترسيا، صبح ٿيندي ئي فرمايو “جيئن به ٿي سگهي، پاڻي گڏ ڪريو.”
8. شَراف: هتي امام عه جي لشڪر مان ڪنهن چيو ته مخالف فوج اچي رهي آهي، امام عه حڪم ڏنو ته هڪ محفوظ هنڌ ڏانهن وڃو.
9. ذُو حُسَم:هتي امام عه جي ملاقات حر بن يزيد التميمي سان ٿي، جيڪو يزيدي لشڪر جو سپهه سالار سان هو. امام عه انهن کي پاڻي پياريو، نماز پڙهي، ۽ کين خطاب ڪندي چيو “توهان مون کي خط لکي ڪوفي گهرايو، هاڻي جيڪڏهن توهان بي وفائي ڪئي ته مان واپس وڃڻ لاءِ تيار آهيان.”پر حر امام کي واپس وڃڻ نه ڏنو.
10. البَيضه: هتي امام فرمايو”جيڪو ظالم حڪمران کي نٿو روڪي، اهو الله جي عذاب جو مستحق آهي.” حر جي لشڪر تي ڪو اثر نه ٿيو.
11. عُذَيب الحِجانات: هتي امام عه کي ٻڌايو ويو ته ڪوفي وارا هاڻ مدد نٿا ڪن. طرماح بن عدِي امام عه کي پنهنجي قبيلي جي مدد جي آڇ ڪئي، پر امام عه جواب ڏنو “اسان ۽ انهن جي وچ ۾ عهد ٿي چڪو آهي، هاڻ مان واپس نٿو موٽي سگهان.”
12. قصر بني مقاتل: هتي امام عه جو خواب آيو، جنهن بعد امام فرمايو:”هي قافلو موت ڏانهن روانو آهي.” ان تي شهزاده علي اڪبرؑ پڇيو”ڇا اسان حق تي نه آهيون؟” امام چيو: “ها”، ته شهزاده علي اڪبرؑ چيو: “ته پوءِ موت کان ڇو ڊڄون؟”
13. نِينَوَا: هتي ابن زياد جو خط مليو ته امام عه کي اهڙي جاءِ تي ترسايو وڃي جتي پاڻي ۽ هريالي نه هجي. جڏهن امام عه کان هن جاءِ جو نالو پڇيو ويو ته چيو ويو ڪربلا۔ امام عه فرمايو: “هيءَ ڪرب ۽ بلا جي جاءِ آهي، جتي اسان کي شهيد ڪيو ويندو.”
14. ڪربلا: آخرڪار امام عه جي حڪم تي ڪربلا جي ميدان ۾ خيما لڳايا ويا. اهو 2 محرم 61 هجري جو ڏينهن هو. درياءِ فرات ڪجهه ميل پري هو.3 محرم تي يزيدي فوج درياء فرات تان سندن خيما پٽرايا ويا ۽ يزيدي فوج جا وڏا اٽالا پهچڻ شروع ٿي ويا۔ 7 محرم تي حسيني قافلي جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ هر پاسي العطش العطش جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون. 10 محرم تي يزيد جي لشڪر عمر بن سعد جي اڳواڻي هيٺ امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين تي حملو ڪيو.ائين عصر جي وقت تائين امام حسين عليه السلام 72 ساٿين سميت سڀني کي واري واري شهيد ڪيو ويو.انهن شهيدن ۾ 01 : حضرت امام حسین عه 02 : حضرت عباس بن علي عه 03 : حضرت علی اڪبر بن حسین عه 04 : حضرت علی اصغر بن حسین عه 05 : حضرت عبداللّه بن علي عه 06 : حضرت جعفر بن علي عه 07 : حضرت عثمان بن علي عه 08 : حضرت ابوبڪر بن علي عه 09 : حضرت ابوبڪر بن حسن بن علي عه 10 : حضرت قاسم بن حسن بن علي عه 11 : حضرت عبداللّه بن حسن عه 12 : حضرت عون بن عبداللّه بن جعفر عه 13 : حضرت محمد بن عبداللّه بن جعفر عه 14 : حضرت عبداللّه بن مسلم بن عقیل عه 15 : حضرت محمد بن مسلم عه 16 : حضرت محمد بن سعید بن عقیل عه 17 : حضرت عبدالرحمن بن عقیل عه 18 : حضرت جعفر بن عقیل عه 19 : حضرت حبیب ابن مظاهر اسدي عه 20 : حضرت أنس بن حارث اسدي عه 21 : حضرت مسلم بن عوسجه اسدي عه 22 : حضرت قیس بن عشر اسدي عه 23 : حضرت ابو ثمامه بن عبداللّه عه 24 : حضرت هریر همداني عه 25 : حضرت هنزله بن اسد عه 26 : حضرت عابس شاڪري عه 27 : حضرت عبدالرحمن رهبي عه 28 : حضرت سیف بن حارث عه 29 : حضرت عامر بن عبداللّه همداني عه 30 : حضرت جنده بن حارث عه31 : حضرت شوذب بن عبداللّه عه 32 : حضرت نافع بن حلال عه 33 : حضرت حجاج بن مسروق مؤذن عه 34 : حضرت عمر بن ڪرضه عه 35 : حضرت عبدالرحمن بن عبد رب عه 36 : حضرت جنده بن ڪعب عه 37 : حضرت عامر بن جنده عه 38 : حضرت نعیم بن عجلان عه 39 : حضرت سعد بن حارث عه 40 : حضرت زہیر بن قین عه 41 : حضرت سلمان بن مضارب عه 42 : حضرت سعید بن عمر عه 43 : حضرت عبداللّه بن بشیر عه 44 : حضرت وھب ڪلبي عه 45 : حضرت حرب بن عمر شیخ الاسلام قیس عه 46 : حضرت ظهير بن عامر عه 47 : حضرت بشیر بن عامر عه 48 : حضرت عبداللّه ارواح غفاري عه 49 : حضرت جون غلام ابوذر غفاري عه 50 : حضرت عبداللّه بن امیر عه 51 : حضرت عبداللّه بن یزید عه 52 : حضرت سلیم بن امیر عه 53 : حضرت قاسم بن حبیب عه 54 : حضرت زید بن سلیم عه 55 : حضرت نعمان بن عمر عه 56 : حضرت یزید بن سبیت عه 57 : حضرت عامر بن مسلم عه 58 : حضرت سیف بن مالڪ عه 59 : حضرت جابر بن حجاج عه 60 : حضرت مسعود بن حجاج عه 61 : حضرت عبدالرحمن بن مسعود عه 62 : حضرت بیڪر بن حئي عه 63 : حضرت عمار بن حسن تائي عه 64 : حضرت زرغامه بن مالڪ عه 65 : حضرت ڪینانه بن عتیق عه 66 : حضرت عقبه بن سولت عه 67 : حضرت حر بن یزید تمیمي عه 68 : حضرت عقبه بن سولت عه 69 : حضرت حبله بن علي شیبني عه 70 : حضرت ڪنب بن عمر عه 71 : حضرت عبداللّه بن یڪتیر عه 72 : حضرت اسلم غلام اي ترڪي عه شامل آهن۔يزيدي فوج اڪثر لاشن تي گهوڙا ڀڄائي بيحرمتي ڪئي ۽ آخر ۾ شام غريبان برپا ڪري سادات جي خيمن کي باهيون ڏيئي ساڙي رک ڪيو ويو هر پاسي هاء حسين ياحسين جون صدائون گونجڻ لڳيون عورتن ۽ ٻارن کي زنجيرن ۽ رسين ۾ قيد ڪري بي پلاڻ اٺن تي سوار ڪري باغي باغي چئي، ڪوفه ۽ دمشق(شام) جي رستن ۽ چونڪن تان ڦيرائي يزيد ملعون جي درٻار ۾ آندو ويو. شريڪة الحسين حضرت زينب سلام الله عليها ۽ حضرت امام زين العابدين عليه السلام هر موڙ ۽ بازار سميت يزيد جي درٻار ۾ بهادري سان خطبا ڏئي يزيد ۽ سندس ساٿين جو اصل چهرو امت کي ڏيکاريو ۽ امام حسين عه توڙي سندن ساٿين جي بيگناهه شهادت کي ظاهر ڪري اسلام جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو ۽ خدا جي دين جي حفاظت ڪئي. حقيقت ۾ ڪربلا جي جنگ حق ۽ باطل جي جنگ هئي جنهن ۾ امام حسين عليه السلام پنهنجي ساٿين سميت ظلم، بي انصافي ۽ بي ديني خلاف اواز اٿاريو ۽ شهادت جو جام پيتو ۽ بيبي زينب سلام الله عليها دين جو دفاع ڪيو. هن واقعي ۾ اسلام لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو مثال قائم ڪيو جيڪو قيامت تائين جي ايندڙ انسانن جي رهنمائي ڪندو رهندو۔










