آمريڪي پارليامينٽ ۾ پاڪستان مخالف بل پيش

آمريڪي پارليامينٽ ۾ پاڪستان مخالف بل پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪاميٽي ۾ ريپبلڪن ميمبر اينڊي بگس هڪ بل پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان جي اهم اتحادي واري حيثيت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ميڊيا جي رپورٽ موجب ايري زونا مان چونڊيل ڪانگريس جي ميمبر اينڊي بگس 117 هين ڪانگريس ۾ پاڪستان مخالف بل پيش ڪيو آهي.بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي آمريڪا جي هڪ اهم غيرنيٽو جي حيثيت حاصل آهي جنهن جي مناسبت سان ڪيترين مراعتن جو حقدار به آهي هاڻ پاڪستان جي اهم اتحادي واري حيثيت تي نظرثاني جو وقت اچي ويو آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو