آمريڪي صدر جي ڪامياب حڪمت عملي

آمريڪي صدر جي ڪامياب حڪمت عملي

نديم علي خواجه 
غزا ۾ فلسطيني مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ عورتن، مردن، ٻارن ۽ بزرگن جي قتل عام سبب دنيا جي مسلمانن جي دلين ۾ فلسطيني عوام جي لاء ھمدردي ۽ محبت وارو جذبو پيدا ڪري رھيو ھو، ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ بيگناھ فلسيطيني عوام جي قتل تي احتجاج پڻ ٿي رھيو آھي، انھي سان گڏو گڏ مغربي ملڪن ۾ پڻ اسرائيل خلاف ۽ فلسيطينن سان يڪجھتي لاء مظاھرن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي، اسرائيل جو حمايتي تصور ٿيندڙ ملڪ آمريڪه لاء اھو مسئلو پيدا ٿي رهيو ھو ته جيڪي اسلامي ملڪ آمريڪه جي ويجھو ھئا، تن اسرائيل خلاف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سامھون احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، سندن مطالبو هو ته اسرائيل کي لغام ڏئي، فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بھترين حڪمت عملي تحت 24 نڪتن تي ھڪ امن فارمولو پيش ڪيو، جنھن کي اسلامي ملڪن سميت مغربي ملڪن پڻ قبول ڪيو، جڏھن ته فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس کي پڻ پابند ڪيو ويو ته انھي فارمولي کي تسليم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ خطرناڪ نتيجا سامھون اچي سگھن ٿا، اھا ڌمڪي ڪنھن عام ملڪ جي سربراھ جي نه ھئي، پر ھڪ سپر پاور ملڪ جي سربراھ جي ھئي، جنھن وٽ جديد ھٿيار آھن، اسرائيل کي يقين ھو ته حماس آمريڪه پاران ڏنل ڪنھن به فارمولي تي عمل نه ڪندو، ۽ اسان کي فلسطيني عوام جو قتل عام ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو، ڇوته ھن وقت فلسيني بھوک ۽ بدحالي سبب تمام گھڻي تعداد ۾ مري رھيا آھن، عالمي امداد پڻ اسرائيلي ھٽ ڌرمي سبب غزا تائين نه پھچي رھي آھي، جڏھن ته حماس ڪجھ اسلامي ملڪن جي ضمانت کانپوء امن جي انھي فامولي کي تسليم ڪيو آھي، جڏھن ته فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ڪجھ نقطن تي اعتراض پڻ ڪيو آهي، جيئن ئي حماس انھي فارمولي کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي پابند ڪري ڇڏيو آھي ته غزا تي حملا فوري طور تي روڪيا وڃن، اسرائيل آمريڪه جي اھڙي پابندي جي حق ۾ بلڪل نه آھي، اسرائيلي ڪابينه سخت ناراض نظر اچي رھي آھي، اسرائيل جو اھو ئي منصوبو ھو ته ڪنھن به طريقي سان فلسطيني رياست جو خاتمو آڻي ھڪ نئين رياست اسرائيل جو بنياد رکي سگھجي، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، نيتن ياھو ۽ سندس ڪابينه جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آھي، ھڪ رپورٽ موجب آمريڪي نيوز آئوٽ ليس ايڪسپوس ھڪ اسرائيلي عملدار جي حوالي سان ٻڌايو آھي ته نيتن ياھو کي اھا ئي اميد ھئي ته اگر حماس امن فارمولي تي مشروط حمايت ظاھر ڪئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انھي کي مسترد ڪري ڇڏيندو، پر ايئن نه ٿيو، اسرائيلي فوج آمريڪي صدر جي اعلان کانپوء پوئتي ھٽڻ تي راضي ٿي چڪي آھي، جڏھن ته اھي به اطلاع سامھون اچي رھيا آھن ته نيتن ياھو حڪومت لاء خطرو وڌي ويو آھي، ۽ ڪنھن به وقت سندس حڪومت جو خاتمو اچي سگھي ٿو، جيڪو يقينن خطي ۾ امن لاء بھتر ثابت ٿيندو، ھڪ اھم ڳالھ اھا آھي ته نيتن ياھو جي اسيمبلي ۾ اڪثريت تمام گھٽ آھي، ڪنھن وقت به سندس اتحادي حڪومت کان الڳ ٿي سگھن ٿا، جيڪو سندس حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي سگھي ٿو، جڏھن ته اسرائيل ۾ نيون چونڊون پڻ ممڪن ٿي سگھن ٿيون، ھڪ ٻي رپورٽ موجب نيتن ياھو ھن وقت سخت دٻاء جو شڪار آھي، جڏھن ته اسرائيل جي ڪجھ وزيرن انھي امن معاھدي کي اسرائيلي سلامتي لاء خطرو پڻ قرار ڏنو آھي، ڪجھ اسرائيلي وزيرن جو اھو به چوڻ آھي ته اھا ھڪ وڏي سفارتي ناڪامي آھي، جڏھن ته حماس جو مڪمل خاتمو ڪري ھڪ ئي رياست اسرائيل قائم ڪئي وڃي، جنھن ۾ غزا پڻ شامل ھجي، مخالفين جو اھو به چوڻ آھي ته اگر نيتن ياھو انھي امن معاھدي کي تسليم ڪري ٿو ته ھو حڪومت کان الگ ٿي ويندا، اسرائيلي حڪومت جي اتحادي پارٽي جي اڳواڻ پڻ انھي ڳالھ تي به ناراض آھي ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو قطر کان معافي ڇو ورتي آھي، ميڊيا جو ھڪ وڏو حصو انھي ڳالھ تي پڻ زور ڏئي رھيو آھي ته اھو منصوبو يرغمالين کي واپس آڻڻ لاء آخري ۽ بھتر منصوبو ثابت ٿي سگھي ٿو، حماس پاران پڻ انھي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاء قطر،مصر ۽ ترڪيه جي حڪومت کان گارنٽي ورتي آھي، حماس کي يقين آھي ته جيڪڏھن انھي امن فارمولي تي عمل ٿي ويو ته فلسطين ۾ ٿيندڙ خونريزي جو خاتمو اچي سگھي ٿو، ۽ جلد ئي فلسطين ٻيھر ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگھي ٿو، ۽ ھڪ نئين دور جي شروعات ٿي سگھي ٿي، يقينن اھو ڪريڊٽ پڻ آمريڪي صدر کي ئي ملندو، جنھن ھڪ ڀيرو ٻيھر خطي ۾ امن جي بحالي جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو