مُحمد يُوسف ڀُٽو
آمريڪا جي 50 رياستن ۾ تقريبن 12 سئو کان وڌيڪ شھرن ۽ ھنڌن تي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس مشير ايلون مسڪ خلاف لکن جي تعداد ۾ ماڻھو رستن تي نڪري آيا آھن. ھي ٽرمپ جي اقتدار جي ڏينھن ۾ پھريون دفعو ائين ٿيو آھي جو سندس پاليسيز خلاف لکن جي تعداد م ماڻھو رستن تي نڪري آيا آھن. مزي جي ڳالھ تہ اھا آھي تہ ھي اھي ئي ماڻھو آھن جن ٽرمپ کي ووٽ ڏنو ھو. ھي احتجاج بوسٽن، شڪاگو سميت وڏن آمريڪي شھرن تائين ڦھليل آھي. احتجاج ۾ فلسطين ـ اسرائيل جنگ مخالف يھودي بہ ڏٺا ويا. جڏھن تہ انھن احتجاجن ۾ ھڪ وڏو سفيد پيپر بہ آندو ويو جنھن تي غزا جي بي گناھ شھيد ٿيل انسانن جا نالا لکيا پي ويا جيڪي آمريڪي اسلحي سان نيتن ياھو ھٿان بيدردي سان ماريا پيا وڃن. ھي احتجاج رڳو انڪري ئي نہ ٿي رھيو آھي تہ ٽرمپ دنيا جي درجنين
ملڪن تي Tariff يعني محصول يا تجارتي ٽئڪس لاڳو ڪيو آھي يا آمريڪا دنيا ڀر مان ماڻھن جون نوڪريون وڃن پيون، آمريڪي معيشت زوال طرف وڃي رھي آھي پر ان سان گڏوگڏ ھي احتجاج ٻين بہ ڪئين ڳالھين تي مبني رھيو. مثال طور: ھن احتجاج ۾ اھي ماڻھو بہ آيا جن کي غيرقانوني قرار ڏئي ٽرمپ انتظاميا آمريڪا مان ڪڍڻ ٿي چاھي. ان کان علاوہ ھن احتجاج ۾ اھي شاگرد بہ آھن جن فلسطين تي اسرائيلي ظلمن خلاف مظاھرا ڪيا ۽ تن کي زبردستي يونيورسٽين مان ڪڍيو پيو وڃي پر آمريڪي عوام ۾ ٽرمپ خلاف ڪاوڙ انڪري بہ وڌي وئي آھي تہ ھي شخص خود پنھنجي انتخابي جلسن ۽ جلوسن ۾ چوندو ھو تہ ”آئون تہ جنگيون نہ ٿو چاھيان پر آمريڪي اسٽيبلمينٽ جنگيون چاھي ٿي. جنگ جي ٺيڪيدارن کي ھٿيار وڪڻي پيسا ڪمائڻا آھن“ .. ٻيو تہ آمريڪي صدر ٽرمپ جي حڪمراني جي ھنن ڏينھن م آمريڪا م بيروزگاري سان گڏ مھانگائي بہ عروج تي پھتل آھي. حد اھا آھي تہ يورپ ۾ بہ ٽرمپ خلاف عوام رستن پئي نڪري. آمريڪي عوام کي صدر ٽرمپ تي انڪري بہ ڪاوڙ آھي تہ ٽرمپ پنھنجي انتخابي جلسن ۾ پنھنجو پاڻ کي جنگ مخالف طور ظاھر ڪيو. ھنن ٽرمپ کي انڪري ووٽ ڏنو جو ھو جنگيون ختم ڪرائيندو پر ٽرمپ تہ ھڪ اھڙو شخص نڪتو جيڪو ڏينھن جو ڪجھ چوي ٿو ۽ رات جو وري ڪجھ ٻيو چوي ٿو سو ان ٽرمپ دنيا ۾ جاري جنگيون ختم ڪرائڻ تہ ھڪ طرف پر ٽرمپ ٻيڻو ايران خلاف جنگ ڇيڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي وڌيون ۽ نيتن ياھو کي غزا تي حملي لاء اجازت ۽ اسلحو پڻ ڏنو. آمريڪي عوام انھن سڀني ڳالھين ھوندي ڪيئن ٿي چپ رھي سگھي؟ ھي اھو ئي ٽرمپ آھي جنھن پنھنجي پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو ۽ ان کي پنھنجي ھڪ رياست بڻائڻ جو مغروري سان اظھار ڪندو رھيو. ھن گرين لينڊ تي قبضي جا وڏي واڪي بيان ڏئي يورپ سان تنازعن کي بہ ھٿي ڏني.توھان آمريڪا جي معيشت جي زوال جي ھڪ جھلڪ ھنن ٻن ڳالھين مان لڳايو:
ھڪ تہ جيڪو Gold آمريڪا ۾ پيل ھو
اھو سون يورپ ۽ ٻيا ملڪ تيزي سان واپس وٺن پيا.
ٻي خبر ھيء تہ ٽرمپ پاران دنيا جي اھم ملڪن جي شين يا وپار تي ٽيرف عائد ڪرڻ بعد برطانيا جي مشھور ڪار ڪمپني جيگوار پاران آمريڪا م ڪارون نہ وڪڻڻ جو اعلان ٿيو. ڪار ڪمپني اپريل کان پنھنجون گاڏيون آمريڪا ۾ موڪلڻ ۽ وڪڻڻ بند ڪري ڇڏيون.صورتحال اھا آھي تہ ٽرمپ جي شروع ڪيل تجارتي جنگ دنيا کي لوڏي ڇڏيو آھي. اسٽاڪ مارڪيٽون ڪريش ڪري ويون. کربين ڊالر ٻڏي ويا صرف اھا ھڪ خبر سٺي ٻڌڻ لاء ملي تہ عالمي سطح تي تيل قيمتون پنج سالن جي گھٽ ترين سطح تي پھچي 60.72 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. ٽرمپ جي معاشي پاليسيز جيڪو رنگ ڏيکاريو آھي توھان ان سبب اڃان اھڙيون ٻيون خبرون بہ جلد ٻڌي سگھندا. جڏھن تہ چين ۽ يورپ آمريڪا تي جوابي ٽيرف عائد ڪري ڇڏيا. اھو بخوبي سمجھي سگھجي ٿو تہ انھن سڀني بحرانن کي منھن ڏيڻ ٽرمپ لاء آسان ھرگز نہ رھندو ۽ پنھنجي آمريڪي ووٽرن آڏو جوابدہ ٿيڻو پوندو.
نيتن ياھو جو ناڪام دؤرو
گذريل ڏينھن 7 اپريل 2025ع تي اسرائيل جي وڏي سفارتي ناڪامي سامھون اچي وئي. صيھوني رياست اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياھو جيڪو آمريڪا جي دوري تي پھتل ھو جنھن جو وائيٽ ھائوس جو دؤرو ناڪام ٿي ويو. آمريڪي صدر ٽرمپ کيس 4 ارب ڊالر نيٺ ياد ڏياري ئي ڇڏيا. ترڪي بابت نرم موقف توڙي ايران سان مذاڪرات جي تصديق بعد نيتن ياھو ۽ ٽرمپ جي گڏيل پريس ڪانفرنس ئي منسوخ ٿي وئي. مذڪورہ ملاقات اسرائيل جي سفارتي ناڪامي طور سامھون آئي آھي. ٽرمپ اسرائيل تي عائد 17 سيڪڙو ٽيرف ھٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي ۽ نيتن ياھو کي اھو چيو تہ”اسين پھرين ئي توھان کي 4 ارب ڊالر ساليانو ڏيون پيا“اھو بيان صيھوني رياست اسرائيل لاءِ پريشاني جوڳو آھي ۽ عالمي ميڊيا لاء حيران ڪندڙ بہ آھي. چيو پيو وڃي تہ آمريڪا اسرائيل جون ڪيتريون ئي درخواستون بہ رد ڪري ڇڏيون. اھا ڳالھ بہ دلچسپي کان خالي ڪونھي تہ نيتن ياھو جنھن وقت آمريڪا م موجود آھي تہ ان ئي وقت اسرائيل ۾ سندس خلاف وڏا احتجاجي مظاھرا جاري آھن.ڪيترائي تجزيہ نگار مذڪورہ دوري کي ڪنھن بہ اسرائيلي وزيراعظم جو ناڪام ترين دورو قرار ڏئي رھيا آھن.
اھو ٽرمپ جنھن جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي اسرائيل ۾ مٺايون ورھايون ويون، جنھن جي ھُشي تي نيتن ياھو غزا تي ٻيھر حملا آور ٿيو ۽ جنھن نيتن ياھو چاھيو ٿي تہ ھڪ دفعو وري آمريڪي صدر کي ايران تي حملي لاء قائل ڪري وٺندو سو ائين پنھنجن ٽٽل ارمانن کي سيھيڙي ناڪامي ۽ ذلت جو شڪار ٿي واپس اسرائيل ورندو سو ان ڪڏھن سوچيو نہ ھو. ھتي سفاڪ صيھوني دھشتگرد نيتن ياھو جي سفارتي تنھائي جو ھڪ نمونو بہ پيش ڪجي ٿو: عالمي عدالت مان نيتن ياھو خلاف فيصلو اچڻ بعد يورپي ملڪَ بدنام زمانہ بدترين عالمي دھشتگرد نيتن ياھو کي گرفتار ڪرڻ لاء راضي ٿي ويا آھن پر آئرلينڊ، نيدرلينڊ ۽ اسپين تہ ھن کي گرفتار ڪرڻ م صفا آتا آھن. اطلاع آھن تہ نيتن ياھو جڏھن يورپي ملڪ ھنگري مان نڪري آمريڪا وڃي رھيو ھو تہ ھي انھن ملڪن جي ھوائي حدن کان باء پاس ڪري ويو، جنھن ڪري ھن کي 400 ڪلوميٽر ويتر وڌيڪ سفر ڪرڻو پيو.ھي اھو نيتن ياھو آھي جنھن جو غرور ايسيتائين وڌي ويو ھو جو گڏيل قومن جي عالمي اداري کي بہ ھن ظالم ڌمڪيون ڏنيون ۽ ھن جي حڪم تي غزا ۾ نہ رڳو عام ماڻھن پر عالمي ريڊ ڪراس ۽ ٻين طبي امدادي ڪارڪنن ۽ صحافين کي سرعام بيدردي سان قتل ڪيو ويو.عالمي عدالت انصاف اڳ م ئي بدترين دھشتگرد نيتن ياھو کي War criminal يا جنگي ڏوھاري قرار ڏئي چڪي آھي.ھاڻي اھا ان گڏيل قومن ۽ عالمي عدالت انصاف جي ذميواري آھي تہ دھشتگردي ۽ نسل ڪشي جون سموريون حدون اورانگھي ويندڙ ھن بي رحم ترين ۽ انساني رت پياڪ صيھوني دھشتگرد نيتن ياھو کي سندس جنگي ڏوھن جي جرم ۾ بنا دير جي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏيڻ لاء قدم کنيا وڃن










