اعجاز ممنائي
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ فوجي ڪشيدگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ۽ آمريڪا دارخوين ايٽمي پلانٽ تي حملو ڪيو آهي جنهن جي ايران تصديق ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جو چوڻ آهي ته ايٽمي بجلي گهر تي مبينا حملن جي جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي اردن ۾ ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملي ۾ 2 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ جي لاپتا ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ايران جي مختلف علائقن ۾ نوان هوائي حملا ڪيا. جڏهن ته ايران ڪويت، بحرين ۽ علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ مفادن کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو آهي.تفصيل موجب آءِ اي اي اي ايران جي علائقي دارخوين ۾ زيرِ تعمير مجوزہ ايٽمي بجلي گهر جي تعميراتي سائيٽ تي رات دير سان ٿيندڙ آمريڪي حملي جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايجنسي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اها تنصيب اڃا تعمير جي ابتدائي مرحلن ۾ آهي ۽ آءِ اي جي آخري معائني وقت اتي ڪوبه ايٽمي مواد موجود نه هو. ان ڪري تابڪاري جي ڪنهن به خطري جو امڪان ناهي.
اداري جي ڊائريڪٽر جنرل رافائيل ماريانو گروسي سڀني ايٽمي تنصيبات جي آس پاس فوجي ڪاررواين ۾ تحمل ڏيکارڻ جي اپيل ٻيهر ورجائي آهي.ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم ملڪ جي ڏکڻ-اولهه صوبي خوزستان ۾ زيرِ تعمير دارخوين ايٽمي بجلي گهر تي آمريڪي حملي جي تصديق ڪندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايراني خابرو اداري ارنا موجب آمريڪي انتظاميه مقامي وقت موجب رات 3 وڳي 39 منٽ تي هن ايٽمي تنصيب تي حملو ڪري بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي. بيان ۾ دارخوين ايٽمي بجلي گهر کي ايراني قوم جي وقار ۽ سائنسي خود ڪفالت جي علامت قرار ڏيندي چيو ويو ته دشمن زيرِ تعمير منصوبي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروجيڪٽائل استعمال ڪيا.
آمريڪا گذريل هڪ سال دوران بين الاقوامي نگراني هيٺ ڪم ڪندڙ ايران جي پرامن ايٽمي تنصيبات تي ڪيترائي حملا ڪيا آهن، جيڪي واشنگٽن پاران اسرائيل سان گڏجي شروع ڪيل جنگ جو حصو آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ڪيل حملن جو مقصد آبنائے هرمز ۾ واپاري جهازن کي لاحق خطرا گهٽائڻ ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجين تي حملي ۾ ملوث پاسدارانِ انقلاب جي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ هو. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته حملن جو سلسلو تيز ڪندي مسلسل اٺين رات جي ڪاررواين ۾ سامونڊي نگراني، هوائي دفاع، ميزائل ۽ ڊرون ذخيرا ۽ بحري فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو.آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسٿ 2 فوجين جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سندن قرباني آمريڪا جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ايران طرفان اردن ۾ بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ آمريڪي فوج جا 2 اهلڪار مارجي ويا هئا جنهن جي تصديق سينٽڪام به ڪئي آهي. ان اعلان کان پوءِ جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هاڻي تائين مارجي ويل آمريڪي اهلڪارن جو انگ 16 ٿي ويو آهي جڏهن ته 420 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن ىصدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ ايران جي عبوري معاهدي تان پوئتي هٽڻ جي به اسان کي ڪابه پرواهه ناهي.آمريڪي ڪيبل نيوز نيٽ ورڪ “نيوز نيشن” کي ٽيليفونڪ انٽرويو ۾ اردن تي ايران جي ميزائل حملن ۾ 2 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ تي خاموشي ٽوڙيندي ٽرمپ واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته هي صورتحال ڏسي مون کي سخت ڏک آهي. مان ايران کي ڪڏهن به نيوڪليئر هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندس. جيڪڏهن ايران معاهدي تي عمل نه ڪري رهيو آهي ته آمريڪا کي به پرواه ناهي.
ٻئي پاسي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي آمريڪا کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته واشنگٽن کي تڪرار وڌائڻ جي ڳري قيمت ڏيڻي پوندي. ايراني اختيارين موجب آمريڪي حملن ۾ خوزستان، هرمزگان، قشم، سيرڪ ۽ زيرِ تعمير دارخوين ايٽمي بجلي گهر سميت ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
جڏهن ته ايراني وزير خارجہ عباس عراقچي چيو ته ملڪ جو دفاع آخري ساهه تائين جاري رکنداسين. آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ جنگ يا امن جو آخري فيصلو صرف سپريم ليڊر جي اختيار ۾ آهي. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته آئون سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جو ويجهو آهيان. منهنجي ڪڏهن به ان سان ملاقات نه ٿي آهي، صرف چند ماڻهن کي ئي ان سان ملڻ جي اجازت آهي.ايراني فوج ۽ پاسدارانِ انقلاب ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڏن، علي السالم ايئر بيس، العديري ڪيمپ، بحرين ۾ آمريڪي تنصيبات ۽ عراق جي ڪجهه هدفن تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جو دعويٰ ڪيو آهي. ان سان گڏ هڪ آمريڪي MQ-9 ڊرون مار گرانڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ڪويت ۽ بحرين ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملا ناڪام بڻائڻ جو دعويٰ ڪندي چيو ته سندن هوائي دفاعي نظام ڪيترن ئي هدفن کي هوا ۾ ئي تباه ڪري ڇڏيو. آمريڪي پرڏيهي وزارت به سڄي دنيا ۾ پنهنجن شهرين کي ممڪنه خطرن کان خبردار ڪندي سفري احتياطي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. متحده عرب امارات علائقي ۾ وڌندڙ ڪشيدگي تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي سڀني ڌرين تي فوري جنگبندي، تحمل ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.مسلسل آمريڪي ۽ ايراني جوابي ڪاررواين سبب مشرقِ وچ ۾ وڏي جنگ، آبنائي هرمز ۾ جهازن جي آمدورفت، عالمي توانائي جي سپلائي ۽ عالمي معيشت تي سنگين اثر پوڻ جا خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. برينٽ ڪروڊ جي قيمت 2.77 ڊالر يا 3.14 سيڪڙو واڌ سان 90.87 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جيڪا 11 جون کانپوءِ سڀ کان بلند ترين سطح آهي. گذريل هفتي برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 15.9 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو اپريل کانپوءِ سڀ کان وڏو هفتيوار اضافو آهي. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئٽ WTI ڪروڊ 2.35 ڊالر يا 2.85 سيڪڙو واڌ سان 84.84 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو آهي، جيڪا 12 جون کانپوءِ بلند ترين سطح آهي. گذريل هفتي WTI جي قيمت ۾ 15.5 سيڪڙو اضافو ٿيو هو، جيڪو مارچ جي شروعات کانپوءِ سڀ کان وڏو هفتيوار اضافو هو.ٻئي پاسي آمريڪا ۾ به پيٽرول جي پرچون قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في گيلن قيمت 4 ڊالر کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. آمريڪا-ايران جنگ کانپوءِ آمريڪا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ شروع ٿيل ڪشيدگي ۾ گهٽتائي جو تاحال ڪوبه امڪان نه آهي ۽ آمريڪا گذريل رات به ايران خلاف حملا ڪيا، جڏهن ته ايران علائقي ۾ آمريڪي هدفن تي جوابي حملا ڪيا آهن.










