واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا روس سان وڙهندڙ يوڪرين لاءِ 150 ملين ڊالرن جي نئين فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب صدر جو بائيڊن جمعي تي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته هو يوڪرين کي ريڊار کانسواءِ هٿيار ۽ سامان فراهم ڪندو. صدر جو بائيڊن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”آمريڪا يوڪرين کي تمام تيز رفتاريءَ سان تاريخي امداد فراهم ڪئي آهي ۽ اسان انهن ماڻهن کي سڌو سنئون هٿيار ۽ سامان فراهم ڪيو آهي، جيڪي يوڪرين جي آزاديءَ لاءِ وڙهندا رهيا آهن“.بهرحال، هن تسليم ڪيو ته انهن جو تعداد يوڪرين جي حڪومت کي شڪست ڏيڻ لاء ڪافي نه هو. واضح رهي ته اڄ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪي ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جنهن ۾ صدر بائيڊن کانسواءِ جي 7 ملڪن جا سربراهه به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ روس خلاف مغربي ملڪن طرفان فراهم ڪيل امداد تي غور ڪيو ويندو.ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن جو چوڻ هو ته 24 فيبروري تي يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ آمريڪا هن وقت تائين ڪيف کي 3.8 بلين ڊالر ماليت جا هٿيار فراهم ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ اينٽي ايئرڪرافٽ اسٽنگر ميزائل، ڊرون ۽ ڳري هٿيار شامل آهن.










