واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن چو آهي ته منهنجي طرفان پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ يوم آزادي ملهائيندڙن کي يوم آزادي جي مبارڪ هجي.يوم آزادي پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن پاڪستانين کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته آمريڪي عوام طرفان پاڪستانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، هن چيو ته منهنجي طرفان پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ آزادي ملهائيندڙن کي پرمسرت يوم آزادي مبارڪ هجي، گذريل 77 سالن کان اسان جا عوامي لاڳاپا اسان جي ٻطرفي لاڳاپن جي بنياد آهن.انتوني بلنڪن چيو ته ايندڙ سالن ۾ اسان آمريڪا، پاڪستان ڀائيواري کي هٿي ڏيندي عوامي لاڳاپن کي وڌائيندي ٻنهي قومن جي لاءِ وڌيڪ خوشحال مستقبل جوڙينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ گڏيل ارادن کي مضبوط ڪندي اسان اهڙي ڀائيواري جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون، جيڪا ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ مضبوط بنائي.










