طفيل مگسي
امريڪا جي اسرائيل نواز پاليسي کي جڏهن مسلمان دنيا ڏسي ٿي ته اڪثر هن کي صرف مذهب۔يهود و نصاري جي سازش يا عقيدي جاري عينڪ سان ڏسي ٿي۔
ڪي ساڌڙا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته دنيا نيڪي۔بدي ۽ انصاف جي ڪنهن آسماني اشاري تي هلي رهي آهي۔جتي هر فيصلو عقيدت يا دشمني جي بنياد تي ٿيئي ٿو۔مگر اصل دنيا نه ايتري ساڌڙي آهي ۽ ايتري سچي ۔دنيا طاقت۔مفاد۔اثر و رسوخ۔تاريخ۔نفسيات ۽ جعفرافيا جي گڏيل ميز تي ٺهيل آهي يعي هڪ باسط تي۔جتي فيصلا صرف ان بنياد تي ٿين ٿا ته ڪرنير ڪيترو فائدو ڏئي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جي پٺيان لڳي ڪري عالمي طاقت جو توازن بهتر سنڀالي سگهجي ٿو۔امريڪا جي اسرائيل سان محبت ڪنهن مقدس آيت يا آسماني وعدي کان ناهي بلڪ هڪ ڏکي تاريخ۔مضبوط مفادن۔اندرين سياسي پريشر پرڏيهي حڪمت عملي ۽ مذهبي لابين جي ميل جول کان جنم وٺي ٿي۔
اصل ۾ امريڪا ۽ اسرائيل جو تعلق محض هڪ عام اتحاد ناهي بلڪ تهذيبي تصور۔مذهبي انتظار۔جنگي معاهدو ۽ نفسياتي سبب جو هڪ اهڙو مرڪب آهي۔جيڪو عالمي سياست جي سڀ کان ڏکيئي ۽ جذباتي باب جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽اهو اهڙو رشتو آهي جيڪو نه صرف واشنگٽن جي پاليسين کي متاثر ڪري سگهي ٿو بلڪ امريڪي ضمير۔عيسائي روحانيت۔يهودي تاريخ ۽ عرب جغرافيا کي هڪ هڪ اهڙو ڌنڌو بڻائي چڏي ٿو۔جنهن کي سمجهڻ جي لاء صرف پرڏيهي پاليسي نه بلڪ تاريخ۔مذهب۔نفسيات ۽ معشيت جو گڏيل سڏيل چشمو گهربل آهي۔
ان تعلق جي شرعات 1948ع ۾ نه ٿي بلڪ ان جو خواب انهيء وقت ڏٺو ويو جڏهن ٻي جنگ عظيم جا زخم اڃا تازه هئا ۽ هولو ڪاسٽ جو الميويورپي ذهن ۾ هڪ ناقابل شرمساري جي صورت ۾ لامارا ڏئي رهيو هو۔چھ ملين يهودين جي قتل عام مغرب کي ان احساس واري ڏوه ۾ مبتلا ڪري چڏيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا قوم هڪ الڳ رياست جي لائق آهي ته اهي يهودي آهن۔مگر اها رياست محض جذباتي نه هئي بلڪ هڪ اهڙي نظرياتي چوڪي به هئي جنهن کي مغرب وچ ايشيا ۾ پنهنجي اثر و رسوخ جي تسلسل جي لاء وڏي حڪمت عملي سان گهڙيو۔
امريڪا جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ صرف هڪ انساني همدردي جو مظاهرو نه هو بلڪ اها هڪ سفارتي شرنج جي پهرين چال هئي۔سرد جنگ جي ۾ وچ ايشيا ۾ ڪا اهڙي حڪومت گهربل هئي جيڪا سوويت يونين جي مقابلي ۾ مغربي مفادن جي نگهبان بڻجي۔عرب دنيا ۾ قومپرستي ۽ کاٻي ڌر جي لاڙن جي خلاف هڪ اهڙي رياست جي موجودگي ضروري سمجهي وئي جيڪا جمهوريت۔سرمائيداري ۽ فوجي اتحاد جي نمائنده هجي۔اسرائيل انهيء ڪردار ۾ بلڪل فٽ هو۔
مگر ان سموري سياسي راند جي پٺيان هڪ مذهبي وهڪرو به آهي جيڪو ايونچليڪل عيسائيت جي شڪل ۾ امريڪا جي عوامي شعور ۾ ڳوڙهائي تائين لهي چڪو آهي۔يعني اهو اهڙو عقيدو آهي ته جيڪو بائيبل جي هڪ خاص تشريح کي بنياد بڻائي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جڏهن سمورا يهودي يروشلم واپس اچي وڃن ته قيامت جي شروعات ٿيندي ۽ حضرت عيسي ٻيهر نازل ٿيندو ۔اهو عقيدو صرف پادرين تائين محدود ناهي بلڪ امريڪي سينيٽ ۔ڪانگريس ۽ ايستائين ته صدارت جي عهدي تائين پنهنجو اثر رکي ٿو۔جيڪو سياستدان انهن ڌرين جي حمايت کان محروم ٿي وڃي اهو پنهنجي ڪيريئر کي الوداع چوڻ جي تياري ڪري سگهي ٿو۔
انهي نظرياتي ماحول ۾AIPAC جهڙيون اسرائيلي لابيون وڌن ٿيون جيڪي صرف قانون سازي تي اثرانداز نٿيون ٿين بلڪ سياسي صورت به جوڙين ٿيون۔اهي لابيون چونڊن وارين مهمن جي لاء ناڻو ميسر ڪن ٿيون۔پاليسيون ٺاهيندڙن کي تربيت ڏين ٿيون۔ميڊيا کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ڪنهن به تنقيد کي”يهود دشمني“ جي الزام جي چادر ۾ ويڙهي ڪري دفن ڪري چڏين ٿيون۔انلابي جو اثر انهيء حد تائين آهي ته جيڪڏهن ڪو امريڪي ڪانگريسي ميمبر فلسطينين جي حمايت ۾ آواز بلند ڪري ته ايندڙ اليڪشن ۾ ان شڪست اٽڪل يقيني ٿي وڃي ٿي۔
اسرائيل جي حمايت امريڪي پرڏيهي پاليسي جو لازمي حصو ان لاء به آهي ته اها رياست خطي ۾ امريڪي مفادن جي لاء هڪ فوجي ۽ انٽيليجنس مرڪز جي طور تي ڪم ڪري ٿي۔عراق۔شام۔لبنان۔ايران ۽ خليجي رياستن جي وچ ۾ واقعي اسرائيل اصل ۾ امريڪا جي نگاه آهي جيڪا سموري وچ اوڀر تي چانيل آهي۔ان جي بدلي امريڪا اسرائيل کي ساليانو اربين ڊالرز جي امداد ڏيئي ٿو جيڪا نه صرف دفاعي سامان ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيئي ٿي بلڪ امريڪي هٿيار ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي لاء نفعي وارو سودو پڻ آهي۔
هولو ڪاسٽ جي ياد به امريڪي ضمير کي مسلسل جهنجوڙيندي رهي آهي ۽ اسرائيل جي لاء هڪ اخلاقي سبب پيدا ڪري ٿي۔مگر اهوئي اخلاقي ٻوجھ فلسطينين جي ڏک ۽ انهن جي حق خوداراديت کي دٻائڻ جو هٿيار پڻ بڻجي چڪو آهي۔اسرائلي بمباري دفاع سڏجي ٿي ۽ فلسطيني مزاحمت دهشتگردي۔ميڊيا.بالي وڊ ۽ تعليمي ادارا هڪ اهڙي صورت کي واڌ ڏين ٿا جنهن ۾ اسرائيل سدائين مظلوم ڏيک ڏيئي ٿو ۽ فلسطيني سدائين ظالم۔اهڙي صورت ۾ هڪ ساڌڙو سوال به گستاخي بڻجي وڃي ٿو۔
اهو تصور صرف اسرائيل جي حمايت نه بلڪ امريڪي سڃاڻپ جو حصو بڻجي چڪو آهي۔اسرائيل کي چڏي ڏيڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي تهذيب کان پاڻ بغاوت ڪرڻ آهي۔اهوئي سبب آهي ته ڊيموڪريٽ هجي يا ريپلڪن ٻنهيء پارٽين ۾ اسرائيل جي حمايت اٽڪل مذهبي فرض جيان سمجهي وڃي ٿي۔اهوئي اهڙو نڪتو آهي جيڪو ان تعاق کي محض اتحاد کان وڌائي ڪري عقيدو بڻائي چڏي ٿو۔
اسرائيل سان امريڪا جو تعلق اصل ۾ هڪ تهذيبي معاهدو آهي۔جنهن ۾ مذهب۔سياست۔ناڻو ۽ اخلاق سڀ ڪجھ شامل آهي۔ان تعلق جون پاڙون هولو ڪاسٽ جي خاڪ ۾ آهن ۽ ٽاريون اينچليڪل ڪليسائن۔لابين۔دفاعي معاهدن۔ميڊيا بيانن ۽ جحرافيائي حڪمت عملي ۾ پکڙيل آهن۔هتي سوال به اجازت سان پچيا ويندا آهن ۽ حقيقتون به پاليسي جي عينڪ سان ڏٺيون وينديون آهن۔جيڪڏهن ڪڏهن ڪو امريڪي صدر اسرائيل جي کليل مخالفت ڪري ته اهو صرف هڪ ملڪ سان نه بلڪ پنهنجي ئي تاريخ۔پنهنجي ئي ووٽر۔پنهنجي ئي عقيدي ۽ پنهنجي ئي تهذيب سان هٿ چراند ڪرڻ جي برابر ٿيندو ۽ اهوئي سبب آهي ته امريڪا اسرائيل جو وڪيل به آهي ۔محافظ به ۽ ڪو وقت ترجمان پڻ۔چاڪاڻ ته اهو هڪ سفارتي تعلق ناهي بلڪ هڪ تاريخي خواب آهي۔جيڪو اڄ به امريڪا جي اک ۾ ڪنهن مقدس حقيقت جي صورت ۾ چمڪي رهيو آهي۔










