آسٽريلوي حسين يادون کڻي وڃي رهيو آهي: رميز راجا

آسٽريلوي حسين يادون کڻي وڃي رهيو آهي: رميز راجا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن کي 38 ڏينهن جي دلچسپ دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پي سي بي طرفان رميز راجا جو بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته 15 ڏينهن تي مشتمل ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ونر جو تعين سيريز جي آخري ڪلاڪ ۾ ڪيو ويو، جڏهن ته محدود انداز جي ڪرڪيٽ ۾ ٻنهي ٽيمن شاندار مهارت جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جو هڪ ٻئي لاءِ احترام مثالي ۽ ڪرڪيٽ جي راند جي ڀرپور نمائندگي هو.چيئرمين پي سي بي چيو ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ميدان تي ۽ ٻاهر پنهنجي رويي سان ڪرڪيٽ جي جذبي ۽ راند جي قدرن کي پروان چڑھايو.

پهنجو تبصرو موڪليو