آزادي جا 78 سال ۽ پاڪستاني عوام جي حالت !

آزادي جا 78 سال ۽ پاڪستاني عوام جي حالت !

اعجاز مهر
اڄ پاڪستان جي آزادي جو 78 هون جشن ملهايو پيو وڃي، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان جلسا جلوس ۽ تقريبوبن منعقد ٿي رهيون آهن. هن ڀيري معرڪه حق جشن آزادي جو ٿيم طئي ڪيو ويو آهي. تازو ڀارت مئي ۾ جيڪو پاڪستان تي حملو ڪيو ان جو پاڪستان کيس ڀرپور جواب ڏنو، جيڪو سندن توقعات کان به مٿي هو. آزاد قومون آزادي جا جشن ملهائينديون آهن پر انهن قومن جي قيادت عوامي خدمت ۽ فلاح جا اهڙا منصوبا به جوڙينديون آهن جيڪي قوم جي اجتماعي فلاح ۽ ترقي جا هجن.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسانجي ملڪ جي عوام کي اڄ به سياسي قيادت کان شڪايت آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي هجي، معياري صحت، تعليم، توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي به ممڪن نه بڻائي سگهيا آهن. امن امان نه ملي سگهيو آهي، شهرن م اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ جنجال آهي. اسانجو ملڪ قرضن ۾ ٻڏو پيو آهي، ٽيڪس مٿان ٽيڪس هڻي عوام جو ساهه سڪايو ويو آهي. چوڻ ڪاڻ ته اسين ايٽمي طاقت آهيون پر اسان عوام کي سٺا رستا، معياري تعليم ۽ صحت، بجلي، گيس جهڙين زندگي جون بنيادي سهولتون به فراهم نه ڪري سگهيا آهيون. سياسي جماعتون هڪٻئي تي الزام هڻن ٿيون پر ذميواري پوري نٿيون ڪن. معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آهي ۽ خدا خدا ڪري ڊيفالٽ جي منهن مان موٽيا آهيون، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي پر حڪومت ان کي پنهنجي ڪاميابي سڏي رهي آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي معيشت جي ترقي جو دارو مدار توانائي جي مستقل فراهمي ۾ هوندو آهي پر بدقسمتي سان اڄ به ملڪ جي بهراڙين جي اڪثر علائقن ۾ بجلي ناهي ۽ صنعتن کي هلائڻ لاءِ به گهربل مقدار ۾ بجلي ناهي.
مونکي چڱي طرح ياد آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1994 کان 1996 واري پنهنجي سيڪنڊ ٽرم ۾ گورڊن وو نالي هڪ سيڙپڪار سان معاهدو ڪيو هو ته ڪيٽي بندر تي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر اڏيندو، ابتدا ۾ ٻاهران ڪوئلو آندو ويندو ۽ بعد ۾ ٿر جو ڪوئلو ڪڍي ان تي بجلي گهر کي هلائيندو. بدقسمتي سان 1997 ۾ نواز شريف صاحب جي حڪومت آئي ته ان اها رٿا ختم ڪري ڇڏي ڪروڙين ڊالر ڏنڊ طور ادا ڪري گورڊن وو کي واپس موڪلي ڇڏيو هو.
بينظير صاحبه جي شهادت بعد 2008 ۾ جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني SECMC ٺاهي ٿر ڪول رٿا کي اڳتي وڌايو ۽ هن منصوبي کي ڪامياب ڪرايو. بلاڪ ون 1320 ميگا واٽ ۽ بلاڪ ٽو به 1320 ميگا واٽ يعني مجموعي طور 2640 ميگا واٽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ سستي ترين بجلي قومي گرڊ کي فراهم ٿي رهي آهي.
ٿر جي وارياسي ڌرتي، جيڪا صدين کان محرومي جو شڪار رهي، اڄ قوم جي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ اميد بڻجي وئي آهي. هاڻي سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني ٿر ڪول جو ٽيون فيز شروع ڪري رهي آهي. جنهن تحت ڪوئلي جي پيداوار 7.6 ملين ٽن سالانه کان وڌائي 11.2 ملين ٽن تائين ڪئي ويندي.
هاڻ جڏهن فيز ٿري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ته ان سان گڏ لڪي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ (660 ميگاواٽ) کي به ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو منظور ٿيو آهي. ٿر جي ڪوئلي هوندي پرڏيهي ڪوئلي تي بجلي گهر هلائڻ جو ڪو جواز ئي ناهي.
اهو ئي ٿر جو ڪوئلو آهي، جنهن ملڪ کي 1.6 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ناڻي جي مٽا سٽا جي بچت ڏني آهي ۽ ٽيهه لک کان مٿي گھرن تائين بجلي پهچائي آهي. اها ٻئي ڳالهه آهي ته ٿر ڪول جي سستي بجلي سنڌ کي نٿي ملي پر پنجاب فيضياب ٿي رهيو آهي.
مون جڏهن هي مضمون لکيو پئي ته منهنجي ذهن ۾ ڪيئي سوال اڀريا ته ڪوئلو سنڌ جو، بجلي سنڌ کي نٿي ملي ڀلا ڇا ان سان سنڌ ۽ ٿر جي عام ماڻهن کي ڪو فائدو ٿيو آهي؟ ڇو ته گهوٽڪي ۾ اينگرو وارا عوامي فلاحي منصوبا رحيم يار ۾ هلائيندا هئا. ملازم به ٻين صوبن جا گهڻا هوندا هئا. ايتري قدر جو هڪ ڀيري مون لکيو هو ته رهائشي ڪالوني جو پيش امام به پنجاب مان گهرايو ويو هو.
لاڳاپيل ڪجهه دوستن سان ڳالهائڻ۽ ڪمپني جي ويب سائيٽ جو جائزو وٺڻ بعد خبر پئي ته 94 سيڪڙو ملازمتون سنڌ جي ڊوميسائيل وارن کي مليون آهن ۽ 60 سيڪڙو ملازمتون ٿر جي ماڻهن کي مليون آهن. اهي انگ اکر بظاهر ته ڀلا لڳا پر ان جو بريڪ اپ نه ملي سگهيو ته 94 سيڪڙو سنڌ ڊوميسائيل وارن ۾ سنڌي اسپيڪنگ ڪيترا آهن؟
جتي ٿر بلاڪ ٽو مان بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اتي ئي ٿر فائونڊيشن جيڪا ، SECMC جي سماجي ذيلي اداري طور، ڪم ڪري پئي. ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات مطابق هن اداري پاران صحت، تعليم، پاڻي، عورتن جي خودمختياري، روزگار، ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ به اهم قدم کنيا ويا آهن. ويب سائيٽ تي ڏنل ڄاڻ موجب ٿر فائونڊيشن، TCF سان گڏجي، ٿر جي ٻارن لاءِ 28 معياري اسڪول يونٽ هلائي رهي آهي، جتي 5 هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ ٿر فائونڊيشن طرفان 32 آر او پلانٽس لڳايا ويا آهن، جيڪي هزارين ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن. صحت جي شعبي ۾ ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ، ماروي ڪلينڪ، گوڙاڻو ماءُ ۽ ٻار جو صحت مرڪز، موبائيل ڪلينڪ جي سهولت به آهي. عورتن جي خودمختياري لاءِ ڊمپر ڊرائيور پروگرام، آر او پلانٽ آپريٽر،سولر آپريٽر، اسڪول ٽيچرز، صحت جي شعبي ۾ ملازمتون شامل آهن، مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جي موقعن سان گڏ کين فني تربيتون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. ماحولياتي تحفظ کي نظر ۾ رکندي ٿر ملين ٽري منصوبي تحت 13 لک کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويا آهن.
اها معلومات ڏسي چيم ته جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت، ٿر ڪول رٿا ۽ ٿر فائونڊيشن جي انتظاميا کي شاباش ڏيڻ گهرجي ۽ اهو ماڊل سنڌ جي ٻين علائقن ۾ جتان به تيل، گيس، ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا نڪرن ٿا اتي به ان ماڊل تي عمل ڪرائڻ گهرجي.

“آزادي جا 78 سال ۽ پاڪستاني عوام جي حالت !” هڪ تبصرو

  1. ايڊيٽر صاحب،

    مان محترم اعجاز مهر صاحب جي مضمون “آزادي جا 78 سال ۽ پاڪستاني عوام جي حالت” کي وڏي دلچسپي سان پڙهيو ۽ دل سان ان جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو۔ ليکڪ جن نه رڳو موجوده حالتن جي بيباڪ عڪاسي ڪئي آهي، پر تاريخي پسمنظر سان گڏ ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ اهم تجويزون به پيش ڪيون آهن، جيڪي بيحد اهميت رکن ٿيون۔

    بيشڪ، آزادي جو حقيقي مطلب تڏهن پورو ٿئي ٿو، جڏهن عوام کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون جهڙوڪ صاف پاڻي، معياري تعليم، سستي بجلي، جديد صحت جون سهولتون، ۽ امن امان مهيا هجن۔ افسوس جو 78 سالن کان پوءِ به اسان جا شهري ۽ ٻهراڙيءَ جا علائقا بنيادي ضرورتن کان محروم آهن۔

    ٿر ڪول منصوبي ۽ ٿر فائونڊيشن جي حوالي سان ليکڪ جن جيڪي تفصيل پيش ڪيا آهن، اهي خوش آئند آهن۔ خاص طور تي تعليم، صحت، پاڻي، عورتن جي خودمختياري ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ کڻيل قدم يقيناً ساراهه لائق آهن۔ پر ان سان گڏ ڪجهه وڌيڪ تجويزون به غور طلب آهن:

    1. مقامي وسيلن مان مقامي علائقن کي اوليت: ڪوئلو، گيس يا تيل جهڙا وسيلن کان سڀ کان پهرين فائدو انهن علائقن جي عوام کي پهچڻ گهرجي جتان اهي وسيلا نڪرندا آهن۔ ٿر جي سستي بجلي کي پهرين ٿر ۽ سنڌ جي گهرن تائين پهچائڻ گهرجي۔
    2. شفافيت ۽ جوابدهي: اهڙن منصوبن جي سڄي مالي ۽ سماجي ڪارڪردگي عوام آڏو سالياني رپورٽن جي صورت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي۔
    3. رٿائن جي ماڊل کي عام ڪرڻ: ٿر ڪول ۽ ٿر فائونڊيشن جو ماڊل سنڌ جي ٻين وسيلن سان مالا مال علائقن جهڙوڪ گهوٽڪي، بدين، سجاول ۽ ڪراچي جي انڊسٽريل زونز ۾ پڻ لاڳو ٿيڻ گهرجي۔
    4. سماجي فائدي جو جائزو: صرف انگ اکر نه، پر علائقائي سطح تي سروي ۽ تحقيق ذريعي معلوم ڪيو وڃي ته ڪيترو حقيقي فائدو مقامي آبادي کي ملي رهيو آهي۔
    5. سياسي استحڪام ۽ پاليسين ۾ تسلسل: ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري ترقي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن حڪومتون تبديل ٿيڻ سان اقتصادي ۽ ترقياتي پاليسين ۾ تسلسل قائم رهي ۽ هر نئين حڪومت پراڻن منصوبن کي ختم ڪرڻ بدران اڳتي وڌائي۔
    6. ڍانچائي سڌارا: توانائي، معيشت، انصاف، ۽ انتظامي ڍانچن ۾ اهڙا بنيادي سڌارا ڪيا وڃن جيڪي مستقل بنيادن تي ڪارڪردگي بهتر ڪن۔
    7. اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ: سياسي ڌريون ۽ رياستي ادارا اختلاف کي قومي مفاد ۾ قبول ڪن، ۽ اختلاف کي دشمنائي ۾ بدلائڻ بدران تعميري تجويزن ۾ تبديل ڪن۔
    8. آئيني بالادستي ۽ اختيارن جي ورهاست: رياست جي ٽنهي اختيارن — مقننه، عدليه ۽ انتظاميه — ۽ وفاقي، صوبائي، ضلعي سطح تي ادارن جي وچ ۾ واضح ۽ متوازن اختيارن جي ورهاست تي سختي سان عمل ٿئي۔
    آخر ۾، ليکڪ جن جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته اهڙن منصوبن ۾ مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ، ۽ ماڊل کي ٻين علائقن تائين وڌائڻ سان ئي آزاديءَ جا اصل ثمر عوام تائين پهچندا۔ سنڌ حڪومت، لاڳاپيل ڪمپنين ۽ سماجي ادارن کي گڏجي اهڙن قدم کڻڻ گهرجن جيڪي فقط جشنن تائين محدود نه هجن، پر عوامي بهتريءَ جي حقيقي عڪاسي ڪن۔

    ادب سان،
    ماجد برفت، ڪراچي

پهنجو تبصرو موڪليو