آريان بالي ووڊ ڪنگ سان ملڻ بعد روئي ويٺو

آريان بالي ووڊ ڪنگ سان ملڻ بعد روئي ويٺو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليوڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) ۾ گرفتار پُٽ آريان خان سان پهرين ملاقات ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان پيءُ سان پهرين ملاقات دوران گهڻو جذباتي ٿي ويو ۽ جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ روئي ڏنو. واضح رهي ته آريان خان منشيات ڪيس ۾ نارڪوٽڪس وٽ گرفتار آهي. ان کان اڳ آريان خان چيو هو ته بابا سان ملڻ لاءِ سندس سيڪريٽري کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، هو شوٽنگ ۾ مصروف هوندو آهي. سندس اهڙي شڪايتي بيان تي شاهه رخ به لڙڪ لاڙي ويٺو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو