آرمي چيف جو هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو

آرمي چيف جو هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو

راولپنڊي (وين ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا (ايڇ آءِ ٽي) جو دورو ڪيو، جتي کيس ايڇ آءِ ٽي جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن بابت بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ايڇ آءِ ٽي ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف ايڇ آءِ ٽي جي مختلف فيڪٽرين جو دورو ڪيو، ملڪ ۾ تيار ڪيل 155 ايم ايم آرٽلري گن بيرل جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته دفاعي پيداوار ۾ خود انحصاري حاصل ڪرڻ لاءِ هي اهم قدم آهي.هن وڌيڪ چيو ته هيڊي انڊسٽري ٽيڪسلا علم معيشت ۽ تحقيق ۽ ترقي جو مرڪز آهي، اها قومي برآمدات ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.آرمي چيف ايڇ آءِ ٽي اهلڪارن جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.هن جديد دفاعي پيداوار ۾ ايڇ آءِ ٽي آفيسرن ۽ افرادي قوت جي صلاحيتن کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو