لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه پڻ پاڪستان جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ کان انڪار تي بحث ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهتو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي صدر امين الاسلام کان پوءِ آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه به پاڪستان پهتو.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه لاهور پهچي ويو آهي. چيئرمين پي سي بي جي صلاحڪار عامر مير لاهور ايئرپورٽ تي عمران خواجه جو استقبال ڪيو.آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪندو. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه امين الاسلام اڳ ئي پاڪستان پهچي چڪو آهي. پي سي بي سان ملاقات ۾ پاڪستان پاران ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جي اعلان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ۽ آءِ سي سي وچ ۾ ڳالهيون قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿينديون، ۽ اجلاس ۾ اهم فيصلا متوقع آهن.










