گگلي جو بادشاهه فوت، عمران ۽ هربجن پاران ڏک جو اظهار

لاهور(ڊيسڪ نيوز) پاڪستان جو مشهور ڪرڪٽر ۽ گگلي جو بادشاهه اسپنر عبدالقادر 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. وزيراعظم عمران خان ۽ انڊين ڪرڪٽر هربجن سنگهه سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، عمران خان چيو آهي ته مونکي يقين نٿو اچي خدا ڪري سندس موت جي خبر ڪوڙي هجي. هن چيو ته دنيا هڪ عظيم ڪرڪٽر  ۽ مان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويس. هربجن سنگهه به ٽوئيٽ ۾ دلي صدمي جو اظهار ڪندي عبدالقار سان هڪ يادگار تصوير به شيئر ڪئي آهي.

ياد رهي ته 15 سيپٽمبر 1955 ۾ لاهور ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر 67 ٽيسٽ ميچ ۽ 104 ون ڊي ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ترتيبوار 236 ۽ 132 وڪيٽ ورتيون. هن جي تباهه ڪن بولنگ سبب آڪٽوبر 1986 ۾ ناقابل شڪست سمجهي ويندڙ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 53 رنز تي آئوٽ ڪري 186 رنز تان ٽيست ميچ کٽي ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو