گوگل ڪروم ۾ واهپيدارن جي سيڪيورٽي لاءِبهترين فيچر شامل

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گوگل واهپيدارن جي تحفظ لاءِ ڪروم ويب برائوزر ۾ هڪ نئين فيچر فيچر جو واڌارو ڪيو آهي. گوگل ڪروم جي سيفٽي چيڪ فيچر ذريعي پاس ورڊز کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪيو ويندو.گوگل جي ويب برائوزر ۾ هاڻي اهو فيچر لاڳيتو بيڪ گرائونڊ تي ڪم ڪندو ته جيئن ڪمپني جي سسٽم ۾ محفوظ ڪنهن پاسورڊ جي هيڪ ٿيڻ جي خبر پئجي سگھي. جيڪڏهن ڪو پاسورڊ هيڪ ٿيندو آهي ته واهپيدارن کي فوري طور تي ان بابت الرٽ ڪري ان کي تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو. سيفٽي چيڪ فيچر سائيٽ تي ميشنز يا خراب ويب ايڪسٽينشنز تي به نظر رکندو. گوگل ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو هو ته جيڪڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن ويب سائيٽ تي ڪجهه عرصي تائين وزٽ ناهي ڪندو ته سيفٽي چيڪ پاران سائيٽ پرميشنز کي ختم ڪيو ويندو. اهو فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. گوگل پاران سيفٽي چيڪ سان گڏ ٽيب گروپس نالي فيچر جو به اعلان ڪيو ويو. ان فيچر جي ذريعي واهپيدارن پاران ٽيب گروپس کي محفوظ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جئين هو محفوظ ٽيبز کي کان ٻئي ڊوائيس تي اوپن ڪري سگهن. اهو فيچر ان وقت ڪم ايند جڏهن گھر جي ڪمپيوٽر تي اڻ مڪمل ڪم کي اوهان ڪنهن ٻئي هنڌ مڪمل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا. گوگل موبج اهو فيچر ايندڙ ڪجه هفتن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو