گوگل ميپس استعمال ڪندڙن لاءِ وڏي سهولت جو اعلان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گوگل پنهنجي مشهور سروس ميپس ۾ دلچسپ فيچر شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته گوگل طرفان ڪجهه مهينن دوران هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالوجي کي مختلف سروس جو حصو بڻايو ويو آهي. هاڻي اها ڪمپني گوگل ميپس لاءِ هڪ اي آءِ چيٽ بوٽ متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. رپورٽ موجب گوگل ميپس جي بيٽا ورجن ۾ موجود ڪوڊ سا اي آءِ چيٽ بوٽ جي اضافي جو اشارو ملي ٿو. پر اڃا اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اي آءِ چيٽ بوٽ ڪيئن ڪم ڪندو ۽ ان سان واهپيدارن کي ڪهڙي مدد ملندي. پر رپورٽ ۾ خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان چيٽ بوٽ سان گوگل ميپس ۾ ريويو ۽ ڪمينٽس پوسٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي.هڪ امڪان اهو به آهي ته ان چيٽ طرفان واهپيدارن کي مختلف هنڌن جي سفر جي حوالي سان مشورا ڏنا ويندا.گوگل طرفان ان چيٽ بوٽ بابت اڃا ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سڀني واهپيدارن لاءِ ان کي ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو