ڪَڏهن اُڦٽ مران ته پـوءِ ٻه چار لُـڙڪ هارجو!!!

ايم-ايڇ سومرو
13 فيبروري 2005ع جي شام جو سج جيئن ئي پنهنجا ٿڪل پاڇا ڌرتي کي ارپي لٿو ۽ وقت جي گھڙين جا ڪانٽا آهستي آهستي پيار ڪندڙ عالمي ڏينهن ويلنٽائن ڊي ڏانهن وڌي رهيا هئا ته هڪ 33 سالن جو ڳڀرو نوجوان هن عالمي ڏيهاڙي کي يادگار ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ پلاسٽڪ جي پيڪنگ ۾ سليقي سان سجايل خوبصورت گلن جو تحفي پنهنجي پاسيري کيسي ۾ رکي ڇڏيائين ته جيئن گلن جو مهڪندڙ تحفو پنهنجي جيءُ کان وڌيڪ چاهيندڙ سندس ونيءَ کي تحفي ۾ ڏيئي پنهنجي محبت جو ثبوت پيش ڪري سگهي. هن ڏينهن کي پنهنجي ڊائري جي ورقن ۾ محفوظ ڪري سگهي، پر وقت ته ڏاڍو بي رحم آهي وقت جي ڪانٽن اڃا شام جا پوڻا اٺ وڄايا هي سندس ڪمري ۾ ماني کائي رهيو هو ته هن ٻاهر گهٽيءَ ۾ هلڪو گوڙ ٻُڌو سندس امڙ پاران روڪڻ باوجود اُگھاڙن پيرن ٻاهر گھٽيءَ طرف آيو، جتي گهٽيءَ ۾ موجود پاڙي جي 12 ورهين جي ننڍڙي شاهد جي دڪان تي جنهن جي روزانه مرادي 1500 کان مٿي نه هئي، پنج يا ڇهه هٿيارن بند معصوم شاهد کان هٿيارن جي زور تي ڦُر ڪري رهيا هُئا، انهن مان هڪ رائيفل بردار جيئن ئي سامهون دروازي مان نڪتل هن نوجوان کي ايندو ڏسي بنا ڪنهن سوچ سمجھ جي ته سندس هڪ آڱر جو اشارو هڪ خاندان اجاڙي ڇڏيندو يا ٽي سال اڳ نهايت حُبَ مان شادي ڪندڙ ونيءَ کي بيواهه ڪري ڇڏيندو، ڪو ٻن سالن جو معصوم گل يتيميءَ جو عذاب سهندو يا هڪ 90 سالن جي جُهور پوڙهي ماءُ پيءُ کي نوجوان ڳڀرو پٽ جي وڇوڙي جا ڏنڀ ڏيندو، هُن وحشي آڱر کي هڪ نه پر ٻه ڀيرا دٻائي ٿڏي تي ئي نوجوان سليم سومرو جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھائي آرام سان ڪجهه وکون اڳتي وڌي عبدالغني ميمڻ کي به گولين جي بُک بڻائي سرعام هَڪل ڪندي چيو ته اڄ اسانکي 100 ماڻهون مارڻا آهن، اسانجي ويجهو ڪير به نه اچي ۽ آرام سان پيرين پنڌ شهر کان ٻاهر نڪري ويا.!

امن امان جا مثالي پَٽَ سمجهيا ويندڙ ٺٽو، بدين، سجاول ضلعا جن ۾ خاص طور تي سجاول ضلعي جي صدين کان پُرامن رهندڙ هن شهر دڙو ۾ ايڏي ديده دليري واري واردات کانپوءِ هتان جا شهري پاڻ کي مڪمل طور غير محفوظ تصور ڪري رهيا آهن جڏهن ته واردات واري هنڌ کان پوليس ٿاڻو به گهڻو پري نه آهي جتي فوري طور واقعي جو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس طرفان بجاءِ ڪاروائي ڪرڻ جي جوابدارن جي پويان وڃڻ جي جيڪي ڪافي پري به نه پهتا هوندا پر پوليس پاران هڪ ڪلاڪ کان پوءِ سول اسپتال دڙو پهچي ۽ واردات واري هنڌ پهچي لک پڙهه جي ڪاروائي ۾ مشغول ٿي وئي. توڙي جو سوين شهرين جي احتجاجي مطالبي باوجود ته جوابدار اڃان پري ناهن وڃي سگھيا اهي قانوني گرفت ۾ اچي سگھن ٿا انهن جو پيڇو ڪيو پر پوليس جو روايتي موقف هو ته گرفتاري کان پهرين يا ڪنهن تڙپندڙ جي ترت علاج کان پهريان پوليس جي ڪاغذي ڪاروائي کي اهم قرار ڏنو ويو ته جيئن قاتلن کي سولائي سان فرار ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي يا ڪنهن تڙپندڙ زخمي زندگي جو ڏيئو اجهامي وڃي پوءِ پوليس جا ڪاغذ ڪارا ٿين، حقي، ناحقي گرفتاريون عمل ۾ اچن ۽ هن واقعي ۾ به ايئن ئي ٿيو.
شهر جي مختلف سياسي، سماجي واپاري ڌرين جي شديد ردعمل ۾ هنگامن، احتجاجن کان پوءِ ان وقت جي صاحب اختيار عملدارن جي اچ وڃ کانپوءِ به جانچ اتي جو اتي!!
سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هن پُر امن خِطي ۾ ڏوهارين کي ايڏي ديده دليري سان خوني ڪاروايون ڪرڻ جو لائسنس ڪنهن ڏنو آهي؟ جيڪي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي معصوم شهرين جي حياتين سان کيڏي ويا .باشعور امن پسند انسان شهيد سليم سومرو جيڪو بي پناهه صلاحيتن جو مالڪ هو هو دڙي شهر جي واحد رجسٽرڊ ڪرڪيٽ ڪلب مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب دڙو جو باني ۽ ڪپتان هو جنهن هن شهر جي نوجوانن جي ڪرڪيٽ جي شوق کي ڏسي انهن لاءِ وسيلا پيدا ڪري پاڻ مڃرائي مقبوليت ماڻي پر وقت جي بي رحمن هن مسڪرائيندڙ چهري جي زندگي جي اننگ ئي ختم ڪري ڇڏي! ستن ڀائرن ۾ ڇهون نمبر باصلاحيت نوجوان جيڪو بي روزگاري جي پيڙاءُ مان گذري شهادت کان 5 مهينا پهريان مڊل اسڪول پروجيڪٽ ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري جونيئر سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو، پر سنڌ حڪومت پاران پگهارن جا آرڊر جاري نه ٿيڻ سبب اڃان تائين پنهنجي علمي پورهئي جي هڪ پگهار به نه حاصل ڪري سگهيو هو هن شهيد جو والد ۽ والده پنهنجي ڳڀرو پُٽ جو وڇوڙو برداشت نه ڪندي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا.
شهيد سليم جا گلڙا حازم سليم ۽ نياڻي حفصه سليم اڄ وقت جي وحشين هٿان شڪار ٿيل پنهنجي شهيد والد کي ڳولهيندا رهن ٿا. 19 ورهين گذرڻ باوجود به پوليس پاران نه قاتل پڌرا ٿي سگيا نه ئي ڪا جانچ مڪمل ٿي، هن پر امن شهر دڙي ۾ ٿيل سرعام وحشي ڪاروائي شهرين جي ذهن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهي آهي ته هاڻ اُهي جاني توڙي مالي طرح ڪنهن به وڏي نقصان سهڻ لاءِ تيار آهن!!!.

میں کس کے ہاتھوں پہ اپنا لہو تلاش کروں،
سارے شہر نے پہنے ہوئے ہیں دستانے۔

پهنجو تبصرو موڪليو