ڪووڊ 19 جي شروعات، قدرتي يا هٿرادو، سائنس ۽ سياست

رپورٽ وڪٽوريا گِل/ سنڌيڪار جاويد سولنگي

ڪووڊ 19 جي وبا ھن وقت تائين 40 لکن کان وڌيڪ انسانن جون حياتيون کسي ورتيون آھن ۽ ان وبا جي شروعات جي باري ۾ سائنسي تحقيقات خود ڇڪتاڻ سبب تڪراري بڻيل آهي. جڏھن ته ھي بيماري دنيا ۾ هر ھنڌ موجود آھي. ھي مرض صرف 18 مھينا پراڻو آھي ۽ ان جي شروعات جي باري ۾ تحقيقات صحت جي عالمي اداري جي ٽيم گذريل سال شروع ڪئي ھئي. تحقيقات  جا نتيجا سخت سياسي بحث ۾ تبديل ٿي ويا آھن. ھن بيماري تي تحقيق ڪندڙ ڪجھ سائنسدانن تي سازش ۽ حقيقت کي لڪائڻ جا الزام به لڳايا ويا آھن، تنھن ھوندي به اڃا تائين ان حوالي سان ثبوت نه ڏنا ويا آھن ۽ ھاڻي 21 تحقيق ڪندڙن حقيقتن کي درست ڪندي اھو سمجھڻ جي  ڪوشش ڪري رھيا آھن ته  چمڙن مان شروع ٿيندڙ ھي وائرس آخر انسانن ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟ گلاسڪو يونيورسٽي جي وائرولوجسٽ پروفيسر ڊيوڊ رابرٽسن جو چوڻ آھي ته اھو چوڻ سچ نه آھي ته اسان کي خبر نه آھي ته ھي وائرس ڪٿان آيو آھي.؟

اسان کي خبر آھي ته ھي وائرس ڪٿان آيو آھي،  بس اسان کي  اھا خبر نه آھي ته ھي انسانن ۾ ڪيئن منتقل ٿيو؟. ھي ڳالھ ھر ڪوئي مڃي ٿو ته جهنگلي چمڙا بغير ڪنھن روڪ جي ھر طرف گھمڻ کان پوء،  ٿي ٿو سگھي ته اھو وائرس انسان ۾ داخل ٿيو ھجي، پر اھو معلوم ڪرڻ بي حد ضروري آھي ته اھو وائرس ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪڏھن  انسان ۾ داخل ٿيو ، ته جيئن مستقبل ۾ اھڙين بيمارين کي روڪي سگھجي. ان حوالي سان ڪي پڪا ثبوت ته موجود نه آھن ۽ نه ئي هن مهل تائين ڪوئي ڪووڊ پازيٽو چمڙو مليو آھي۽ وري نه ئي ان پھرين انسان جو پتو پيو آھي جيڪو ھن وائرس کان سڀ کان اڳ متاٽر ٿيو هجي. ائين شايد ئي ڪڏھن ممڪن ٿئي پر تحقيقات ڪندڙ سائنسدان کي هن وقت تائين مليل ثبوتن جي بنياد تي ان جي وضاحت ڏيڻ ۽ ان جي مطلب تي روشني وجهڻ  چاھين ٿا. سائنسدانن پنھنجي تحقيق جو پھريون مسودو شايع ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو اڃا تائين ٻين سائنسدانن جائزو ناھي ورتو. پروفيسر رابرٽسن جي مطابق  اھم ڳالھ   اها آھي ته وائرس جون زنده رھڻ واريون خاصتيون چمڙن ۾ موجود ٻين وائرسز سان ملن ٿيون. سندن چوڻ آهي ته هي وبا به سارس جهڙي آهي جيڪا پڻ عالمي وبا هئي ۽ سن 2003 ۾ ڦهلي هئي. ان موقعي تي اھو وائرس  عام وڪجندڙ جانور ‘پام سيوٽ  Palm Cevit’ ۾ مليو ھو. هي جهنگلي ٻلي نما جانور انسان کي نقصان ناهي پهچائيندو، آفريڪا ۽ ايشيا ۾ هن جا نسل آهن. ان کان پوء ڪجھ سالن جي اندر ئي سائنسدانن چمڙن ۾ ان سان قريبي مشابھت رکندڙ وائرس ڳوليو ھو ۽ سن 2017 ۾ سارس بيماري جو ملندڙ قسم چمڙن ۾ به مليو ھو.

Photo Courtesy BBC

ان بيماري کي آخرڪار ان جانور سان ڳنڍيو ويو جتان اھا آئي ھئي. پر پروفيسر رابرٽسن جي مطابق، ڪووڊ-19 جي باري  فرق اھو آھي  ته اسان کي وچ واري شئي اڃا تائين ناھي ملي، پر چمڙن ۾ وائرس جي نشاني، زنده جانور وڪڻڻ وارين مارڪيٽس سان واسطو، انسان ۾ وائرس داخل ٿيڻ جو خاص سبب ٿي سگھي ٿو. سائنسدانن جو ان ڳالھ تي اتفاق آھي ته رش ۽ گھٽ صفائي واريون اھڙيون بازارون جتي جيئرا جانور وڪيا ٿا وڃن، اھي جانورن کان انسانن ۾ بيمارين جي منتقلي جو زبردست ماحول ميسر ڪن ٿيون. ڪووڊ 19 بيماري جي شروع جي پھرين 18 مھينن ۾ ھڪ تحقيق جي مطابق، ووھان جي بازارن ۾ 38  مختلف نسلن جا 50 ھزار جي لڳ ڀڳ جانور وڪيا ويا هئا. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ان حيواني واپار سان منسوب قدرتي طور ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيڻ ئي وائرس جي شروعات جو تسلي بخش خيال آھي. ووھان جو دورو ڪندڙ عالمي اداراه  صحت جي ٽيم به ڪو ھڪ سال اڳ ان ئي نتيجي تي پھتي ھئي، پر ان ٽيم جي طرفان وائرس کي حادثاتي طور تي تجربيگاھ مان خارج ٿيڻ واري خيال کي رد ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ سائنسدانن اعتراض ڪيو ھو. الزام ووھان انسٽيٽيوٽ آف وائرولوجي تي لڳايو پيو وڃي، جتي تقريبن ڏھن سالن کان چمڙن ۾ ڪورونا وائرس تي تحقيق ھلي رھي آھي. نئين رپورٽ ۾ ماھر ان ڳالھ کي واضع ڪن ٿا ته اتي نه ئي ڪووڊ-19 ٺھيو ۽ نه ئي ايئن ٺاھي سگھجي ٿو، پر ڪجھ سائنسدان کلي طرح ان ڳالھ کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. انھن سائنسدانن مان اسٽينفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊيوڊ ريلمين به آھي.  ھن بي بي سي نيوز کي ٻڌايو ته مان ھن رپورٽ کي ھڪ سوچيل سمجھيل منصوبي جي طور تي ڏسان ٿو، جنھن جو مقصد سڄي معلومات کي ھڪ نھايت ئي زبردست تصور جي طرف وٺي وڃڻ آھي. يعني وائرس جو ڦهلاءُ قدرتي طور تي ٿيو آھي نه ڪي ھٿرادو نموني. ان ڪري ھي رپورٽ اعتبار جوڳي نه آھي. پروفيسر ريلمن مشھور سائنسي جرنل ڏانھن لکيل خط جي ليکڪن مان آھي جن ۾ سينئر سائنسدانن عالمي اداري صحت جي رپورٽ جي نتيجن تي سوال اٿاريا آھن ۽ سندن مطالبو آهي ته ‘ ليب ليڪ ٿيوري’ تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي. سائنسدان اڪثر ھڪ ٻئي تي گھٽ يقين ڪندا آھن ۽ اھو ھڪ سائنسي مرحلي جو ھڪ حصو آھي ۽ ٽبوتن تي ٻڌل راءِ کي سائنسي ميگزين ۾ شايع ڪرڻ ۽  ٽبوتن سان اختلاف رکڻ ئي ھڪ سٺو طريقو  آھي، پر جانورن مان انسانن ۾  وائرس جو داخل ٿيڻ يا تجربي گاھ مان، ھاڻي اھو تڪرار سائنسي اختلاف کان گھڻو اڳتي  وڌي ويو آھي. فيبروري 2021 ۾ عالمي اداره صحت جي ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ سربراھ  پيٽر ڊيسزيڪ تي الزام لڳايو ويو ته ھو وائرس کي تجربي گاھ مان پکيڙڻ واري ڳالھ کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته ھن 26 ٻين راء ڏيندڙن سان گڏجي ڪري ‘ لينسيٽ ميڊيڪل جنرل’ ۾ ھڪ بيان شايع ڪرايو، جنھن ۾ چيو ويو ته اسان سڀ گڏجي ان خيال کي رد ڪريو ن ٿا جنھن ۾ اھو چيو وڃي ٿو ته ڪووڊ-19 جي شروعات قدرتي طور نه پر ھٿ سان پکيري وئي آھي. ڪيترن ئي سائنسدانن ان معلومات تي  ڀروسو نه ڪيو جيڪا معلومات چين عالمي اداره صحت جي تحقيقاتي ٽيم کي ڏني آھي. ان جي ھڪ سال کان پوء آمريڪي صدر جوبائيڊن پنھنجي ڳجھي اداري کي حڪم ڏنو ته ھو ڪووڊ-19  جي شروعات جي باري ۾ پنھنجي تحقيق کي تيز تر ڪري، ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي ته ان جي شروعات تجربي گاھ مان ٿي يا قدرتي طور. ساڳئي وقت اھي سائنسدان تنقيد جو شڪار رھيا آھن جن ان خيال کي رد ڪيو ھو ته ڪووڊ-19 تجربي گاھ مان نه پکڙي آھي. ھڪ سائنسدان جنھن ھن بيماري تي شروعاتي ڏينھن کان وٺي اڄ تائين ان جي ارتقائي مرحلن تي ڪم ڪيو آھي، ان جي مطابق ثبوت ٻڌائن ٿا ته ھي وائرس جانورن مان انسانن ۾ داخل ٿيو . ھن ٻڌايو ته ان ڳالھ جي ڪري مون کي ان حد تائين تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جو مان تحقيق جي ڪم کي ڇڏيڻ لاء سوچڻ تي مجبور ٿي ويس. اھو تحقيقدان نالو نه ٿو ٻڌائڻ چاھي  ان لاء ته وري ھن کي پريشان ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ‘ منھنجون اي ميل ھيڪ ڪيو ويو، مون کي ڦاسائڻ جي لاء اي ميل موڪليون ويون، ان حد تائين مون تي الزام لڳايا ويا ته ھي سڀ مان ڄاڻي واڻي ڪيو آھي ۽ مان اھو سڀ ڪجھ ھڪ  منظم طريقي جي سازش تحت  حقيقت لڪائي آهي. ڪجهه  ماھرن کي ته ان کان به وڌيڪ تڪليف ٿي آھي. اھڙيون ڳالھيون تڪليف پھچائين ٿيون ۽ پوء توهان پنهنجي معاشري ۾ عزتدار ھئڻ  تي سوال ڪريو ٿا؟ گذريل ھڪ  سال کان ان  بحث ۾  تيزي آئي آهي ، پر پوء به ليبارٽري مان وائرس پکيڙڻ جي حمايت ۾ ڪو نئون ثبوت سامهون نه آيو آهي.

Photo Courtesy BBC

تقريبن سڀني سائنسدان ان ڳالھ تي متفق آهن ته وائرس جي اصليت بابت تيزي سان تحقيق ڪرڻ اهم آهي. اسان کي اڃان تائين  ان ڳالھ جي ضرورت ناهي ته  سائنسدان نئين ، ٺوس ڊيٽا جي غير موجودگي ۾ پنهنجي پسنديده جواز تي زور ڀرين. سارس ڪووڊ 2  ڪنهن به جانور ۾ نه مليو آهي. تنهن ڪري پرسڪون ٿيو ۽ مناسب تحقيق ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ڪنگز ڪاليج لنڊن جو پروفيسر اسٽيورٽ نيل هن نئين رپورٽ جو گڏيل ليکڪ آهي. هن نشاندهي ڪئي آھي  ته اهي مطالبا قطعي طور تي اھو نتيجو  حاصل شايد نه ڪري سگھن جيڪي ھو سياسي مقصد لاءِ  ڳولي رهيا آهن.

”اسان کي چيني اختيارين جي تعاون جي ضرورت پوندي ۽ ھر ڳالھ صاف صاف ٻڌائڻي پوندي ته هو2019 جي آخر کان ووھان ۾ وبا جي شروعات بابت ڇا ٿا ڄاڻين؟

”تڏهن ئي اهو واضح ٿي سگهندو ته اهو وائرس ووهان ۾ ڪيئن آيو ۽ اهو اڳ ڪٿي هو.“ هي ٻيو وڏو ڪورونا وائرس آهي جيڪو 20 سالن کان پوء چين ۾ چمڙن مان انسانن تائين پهچي ويو ۽ جيڪڏهن اسان اھو مسئلو حل نه ڪيو ته پوء مستقبل ۾ ھي وبا  ٻيهر به پکڙجي سگھي ٿي. (هي رپورٽ بي بي سي تي شايع ٿي جيڪا سنڌيار لاءِ ترجمو ڪئي وئي.)

پهنجو تبصرو موڪليو