ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ ۾ 30 سالن کان پوءِ نئين بٽڻ جو اضافو

ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ ۾ 30 سالن کان پوءِ نئين بٽڻ جو اضافو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ملٽي ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪروسافٽ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ ۾ نوان بٽڻ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سڄي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪي بورڊ يا ليپ ٽاپ ۾ آخري تبديلي 1990ع ۾ ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي 2024ع ۾ ان کي ٻيهر تبديل ڪيو ويندو.مائڪروسوفٽ پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته هاڻي ڪي بورڊ ۾ ونڊوز بٽڻ بدران ڪوپائلٽ جو نئون بٽڻ شامل ڪيو ويندو.تبديلي کان پوءِ هي نئون بٽڻ ڪي بورڊ جي ساڄي پاسي alt بٽڻ جي برابر نظر ايندو.رپورٽن مطابق ڪي بورڊ ۾ ڪو به اضافي بٽڻ نه هوندو پر پراڻن بٽڻ کي تبديل ڪيو ويندو.نئين Copilot بٽڻ کي استعمال ڪندي، صارف مصنوعي ذهانت (AI) اوزار تائين رسائي جي قابل هوندا، ۽ ساڳئي بٽڻ جي تحت، ونڊوز فيچرز تائين رسائي پڻ هوندي.پرڏيهي ميڊيا موجب نوان ليپ ٽاپ به نوان بٽڻ سان ٺاهيا ويندا ۽ ان حوالي سان مائڪروسافٽ ڪي بورڊ سميت ٻين ڊوائيس ٺاهيندڙن سان به شيئر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو