ڪشميرين سان ظلم بند ڪيو وڃي

تحرير اعجاز علي تيوڻو
پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت پاران ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ لاءِ ھميشه آواز اٿاريو ويو آھي ته جئين اقوام متحده پاران ڪشميرين جي حق ۾ پيش ڪيل قراردادن تي عمل ڪرائي سگھجي ڪمشيرين تي صدين کان وٺي انڊيا پاران ظلم ڪيو پيو وڃي پر 5 آگسٽ 2019 ۾ ڀارت پاران صدارتي حڪم نامي تحت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ A-35 جي قلمن کي ختم ڪيو ويو جنھن جو مقصد ڪشميرين جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ ھو مودي سرڪار پاران ھندو انتھا پسند تنظيمن جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ ھندستانين کي ڪشمير ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون جڏھن ته ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرايا ويا پر اقوام متحده جي ڪن تي جون به نه پئي چري جيڪا ڪشميرين سان وڏي نا انصافي آھي ڀارت پاران مقبوضه ڪشمير تي غير قانوني قبضو صدي جو سڀ کان وڏو الميو آهي جيڪو عالمي برادري جي بي حسي کي پڻ ظاھر ڪري ٿو.
5 آگسٽ 2019 ڀارتي بربريت خلاف پاڪستان ۽ ان جي عوام ھميشه جيان ڪشميرين سان گڏ بيٺو آھي ڀارتي ظلم خلاف ان ڏينهن کي ڪشميرين سان يڪجهتي طور يوم استحصال ڪشمير ملھايو وڃي ٿو جنھن جو مقصد دنيا اڳيان انڊيا جو ناپاڪ چھرو ظاھر ڪرڻ آھي 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت پاران اقوام متحده جي قراردادن ۽ عالمي ادارن سان ڪيل واعدن جي خلاف ورزي ڪندي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ آرٽيڪل 370 کي رد ڪندي مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ ڀارت پاران باضابطا پنھنجو حصو قرار ڏيندي ڪشميرين تي ظلم جو ھڪ نئون دور شروع ڪيو ويو ڏٺو وڃي ته ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم صدين کان جاري آهي پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي رد ٿيڻ کانپوءِ صورتحال خراب ٿيندي وئي ۽ ڪشميري عوام لاءِ اڄ به ھر لمحو ڏکيو پيو گذري ڇاڪاڻ ته ڪشميرين کي رت ۾ وهنجاريو پيو وڃي نوجوان ڇوڪرين جي عزتن سان کيڏيو پيو وڃي ۽ ڪشميرين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪو عالمي ادارن لاءِ پڻ تشويش ناڪ عمل آھي ڪشميري عوام اڄ به محاذ جنگ جي ڪيفيت مان گذري رھي آھي ڪشميرين جو ھر گھر شھيدن جي رت سان روشن ٿي رھيو آھي ڪشميري عوام بغير ڪنھن بيروني مدد جي پنھنجي جنگ وڙھي رھيو آھي ۽ انھن جا ارادا اڄ به مضبوط آھن انڊيا کي اھا ڳالھ پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ظلم جيترو وڌندو آھي ته ان خلاف ٿيندڙ مزاحمت به ان شدت سان وڌندي آھي ظلم ۽ جبر سان نه ڪنھن ڪجھ پھريان حاصل ڪيو آهي ۽ نه ئي ايندڙ وقت ۾ حاصل ڪري سگھندو.
سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ھر سال جيان ھن سال پڻ 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير ملھايو ويو جنھن جو مقصد پاڪستاني حڪومت ۽ ھر شھري ڪشميري عوام جي درد کي سمجھندي 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي اقوام متحده کان گھر ٿو ڪري ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کي بند ڪرايو وڃي ۽ مودي سرڪار خلاف ڪارروائي ڪندي ڪشميرين کي پنھنجا حق ڏياريا وڃن ته جئين ھو آزادي حاصل ڪندي سک جو ساهه کڻي سگھن جيڪو انھن جو بنيادي حق پڻ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو