ڪتاب سوکي سنگھاريون جو تحقيقي اڀياس

خاصخيلي لطيف راولاڻي
موجوده دور ۾ تاريخي ۽ تحقيقي شعبي ۾ ٻين مشھور ليکڪن کان علاوه ڊاڪٽر منصور ٿلھو جو الڳ مقام آھي خاص طور تي منصور جي تحقيق جو مرڪز لاڙ جو علائقو آھي جيڪوتاريخي علائقي ھئڻ جي باوجود ترقي جي ھن دور ۾ ٿمام پوئتي پيل خطو آھي ۽ زندگي جون ڪي به بنيادي سھولتون ڪونه آھن ۔ھتي سنڌو دريا ۽ سنڌي سمنڊ ھئڻ جي باوجود پاڻي جي سخت کوٽ آھي پر ان سان ھي سڄو خطو تباه و برباد ويران ٿي ويو آھي جتي صديون اڳي دنيا جا مشھور بندرآباد ھوندا ھئا جن ۾ خاص طور تي ڪيٽي بندر ۔پاتال بندر ۔شاھبندر ۔اورنگا بندر ۽ سوکي بندر شامل آھن جتان پوري دنيا ۾ وڻج واپار ٿيندو ھو ۽ ھي لاڙ جو خطو سگھارو ۽ طاقتور ھو ۔وقت ۽ حالتن پٽاندر موسمي تبديلين جي ڪري ھي سامونڊي خطو جنھن کي انڊس ڊيلٽا جي نالي سان به پڪاريووڃي ٿو موجوده صورتحال ۾ مڪمل طور تي تباه برباد ٿي چڪو آھي منصور صاحب انھي تباه ٿيل تاريخي ورثي کي پنھنجن ڪتابن ۾ محفوظ ڪيو آھي ۽ ان تي موجوده صورتحال جي نقطه نظر سان لکيوآھي ته اڳ م ھي علائقا ڪھڙي حالتن۾ ھئا ۽ ھاڻي حالتن۾ آھن ۔سوکي بندر پنھنجو دور جو مشھور بندر ٿي گذريو آھي جيڪو خطواڄ به موجود آھي پر بندر ڪونھي ۔معاشي بدحالي پاڻي جي مسلسل کوٽ جي ڪري ھتي جا قديمي رھواسي لڏپلاڻ ڪري اجھي لٽي جي تلاش ۾ مختلف علائقن ڏانھن نڪري ويا ائين ھي علائقا ويران ٿي ويا۔لڏپلاڻ جو سلسلو اڃان تائين جاري آھي صرف ٻوڏ وارن ڏينھن ۾ پاڻي ايندو آھي انھن ڏينھن ۾ ھتي عيد ھوندي آھي مال مارو سڀ خوشحال ٿي ويندا آھن ۔غير آباد زمينون آباد ٿي وينديون آھن ۔اھا صورتحال ڪافي صدين کان جاري آھي عام ڏينھن ۾ پاڻي کي ڪوٽڙي بئراج تي ئي روڪيوويندو آھي ۔سوکي سکيوستابوعلائقوسنڌ جو گم ٿيل تاريخي ماڳ مڪان جيڪوھڪ ھندو سنڌي عورت جي نالي تي علائقوآھي اتي باقي رھندڙ جن اڃان لڏپلاڻ نه ڪئي آھي جيڪي اڄ به پاڻي ملڻ جي انتظار ۾ ويٺا آھن نيٺ ته ٿيندو سوجھرو انڌاري رات ختم ٿيندي ۔جئين جمن دربدر به چئي پنھنجو واروپورو ڪري ويو ۔وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو ۔ختم اونده ٿي ويندي چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو ۔اھڙي ڪجھ صورتحال تحقيق ھن ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آھي ۔سوکي جي قديم عورتن جا انٽرويو جيڪي جواني پوري ڪري آخري منزل تي پھچڻ واريون آھن ۔انھن جا انٽرويو قلمبند ڪيا آھن انھن کان گھاريل گھڙين جا تفصيل ورتا آھن جيڪو ايڏو وڏو سفر ڪري زندگي جي آخري ڏاڪي تائين پھتيون آھن جن کي سوکي سنگھاريون جي نالي سان ياد ڪيو ويو آھي لاڙ جو ھي سفر ڏکيو ۽ اڻانگو سفر آھي ڪتاب جو مھاڳ انھي خطي جي مشھور تاريخي ليکڪ جاکوڙي شخص حافظ حبيب سنڌي لکيو آھي جنھن تفصيل سان انھي تاريخي خطي تي روشني وڌي آھي ۔اتي جي صورتحال تي نظر وجھندي اتي جا حالات ۽ خيالات درج ڪيا آھن ۔خاص طور تي لاڙي لھجي جا الفاظ اڄ ڏينھن تائين استعمال ٿين ٿا انھن جي نشاندھي ڪندي ڊاڪٽر منصور لکي ٿو ته لاڙ جي خطي ۾ ھ جو استعمال جو استعمال گھٽ ٿيندو آھي ۔۽ ڪتاب ۾ انھن الفاظن جي علحيده ڊڪشنري ڏني وئي آھي جئين پڙھندڙن کي آساني ٿي سگھي ۔ھي ڪتاب ناري پبليڪيشن فيصل ميمڻ ڇپائي پڌروڪيو آھي ۔ڪتاب جي آخري صفحي تي سوکي جي علائقي جي شاعر محمد ھاشم خاصخيلي جنھن جو تخلص لھر ھو ان جو مختصر تعارف به ڏنو آھي مجموعي طور تي ھي ڪتاب ايندڙ وقتن ۾ نوجوانن ۽ سياحن جي لاء گائيڊ جي طور تي ڪم ايندو ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو منفرد مقام رکندو ۔ادب ۾ اھڙن تحقيقي تاريخي ڪتابن جي ھميشه کوٽ رھي آھي ۔ھي ڪتاب انھي کوٽ کي پورو ڪندو ۔نه سي ووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون ۔۔۔۔پسيو بازاريون ھيئڙو مون لوڻ ٿئي

پهنجو تبصرو موڪليو