ڪتابن جو ٻيو رخ؛ ڊاڪٽر مبارڪ علي

ڪجهه ڪتابن جي باري ۾ اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته انهن دنيا کي بدلائي ڇڏيو. انهن ڪتابن جي چونڊ دانش جي ڌڻي پنهنجي مرضيءَ ۽ حالتن پٽاندڙ ڪندا آهن. پر ڪتاب جتي دنيا کي بدليندا آهن اتي ئي ڪجهه ڪتاب اهڙا به آهن جيڪي دنيا کي گمراهه ڪري ان کي پوئتي رکڻ جا ذميوار هوندا آهن.

يورپ ۾ سائنسي انقلاب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ کانپوءِ ٽن مفڪرن جا ڪتاب هئا جن دنيا جي باري ۾ نظريا ۽ خيال پلٽائي ڇڏيا. انهن ۾ چارلس ڊارون (Charles Darwin) جو ڪتاب ”اوريجن آف اسپشيز“ (Origin of Species)، جيڪو 1859 ۾ شايع ٿيو شامل آهي. ان ڪتاب انساني ارتقا جي باري ۾ سائنس جي بنياد تي ثبوت ڏئي تخليق جي عقيدي تي ڪاري ضرب هڻي وڌي جنهن جي ڪري ان وقت تائين تائين ڪائنات کي مذهب جي نظر سان ڏٺو ۽ سمجهيو ويندو هيو. ڪتاب اچڻ بعد ڪائنات بابت نظرين جي نوعيت تبديل ٿي وئي ۽ مذهب جي جاءِ تي سائنس وٺي ورتي. اهو ان ڳالهه جو سبب بڻيو ته ڪائنات ۽ انسان جو مطالعو سائنسي بنيادن تي ڪيو وڃي. هاڻي تاريخ جي هڪ نئين مڪتبه فڪر  کي جيڪو ”بگ هسٽريءَ“ جي نانءَ سان سڃاتو ويندو آهي، اهو ڪائنات ۽ انسان جي ارتقا واري عمل تي تحقيق ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري مفروضن جون زنجيرون ٽٽي رهيون آهن.

ڊاروِن جي وقتن ۾ ئي ڪارل مارڪس (Karl Marx) ۽ ان جي ساٿيءَ اينگلز (Engles) 1848 ۾ ڪميونسٽ مينيفيسٽو شايع ڪرايو. ان بعد 1867 ۾ ڪارل مارڪس جو ڪتاب (Das Capital) ڇپجي آيو. انهن ٻنهي ڪتابن تاريخ، معيشت، فلسفي ۽ سياست جون اهي دريون کوليون جن جي ڪري هاريءَ توڙي سماج جي ٻين معاملن متعلق پيچيدگين کي سمجهڻ جي آگاهي پيدا ٿي. اهي نظريا پڻ دستياب ٿيا جيڪي سموري دنيا ۾ انقلابن جو سبب بڻيا.

ٽيون اهم شخص سگمنڊ فرائڊ هو جنهن انساني نفسيات جي پيچيده اسرارن 7 رمزن کي کولي انسان جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت کي بي نقاب ڪيو. پر جتي انهن ڪتابن ڪائنات ۽ انسان جي باري ۾ خيالن ۽ فڪر کي تبديل ڪيو اتي ئي اهڙن ڪتابن جي به ڪا کوٽ ناهي جن نسلي تعصبن، انسان دشمني ۽ يورپي سامراج کي هٿي وٺرائيندي ايشيا ۽ آفريقا ۾ ان جي حڪومتن کي جائز ثابت ڪيو. گوبينو نالي ليکڪ 1852 ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ”An Essay on the Inequality of the Human“ ۾، گوري رنگ وارين قومن کي ٻين کان اُتم ثابت ڪندي اهو دليل ڏنو ته ”اهو يورپي قومن جو حق آهي ته اهي غيريورپي قومن تي حڪومت ڪن“. ان نظرئي کي انگليڊ جي فلسفي هربرٽ اسپينسر پاران سوشل ڊارون ازم تحت سروائيول آف دي فٽيسٽ قرار ڏنو ويو. هن اهو دليل ڏنو ته ”انساني ارتقا مان ئي اهو ثابت ٿئي ٿو ته طاقتور قومن کي ئي زنده رهڻ جو حق آهي. ڪمزور قومن يج قمست ۾ موت جو هجڻ لازمي آهي“. هربرٽ اسپينسر ان ڳالهه جو به مخالف هو ته رياست کي فلاحي (Welfare State) بڻايو وڃي. ڇو ته سماج ۾ جيڪي ڪمزور ماڻهو هوندا آهن انهن کي زنده رکڻ لاءِ سرگرم ماڻهن کي خرچ ڪرڻو پوندو آهي جيڪو بيڪار ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ايڊولف هٽلر 1925 ۾ پنهنجو ڪتاب ”Mein Kampf“شايع ڪيو ته ان ۾ نسل پرستيءَ جو اهو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو جنهن متعلق هٽلر کان پهريان يورپ جا نسل پرست دانشورن ۽ سياستدان ڀڻڪندا رهندا هئا. ان ڪري 1933 ۾ هٽلر جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن پنهنجي نسل پرستانه خيالن کي عملي روپ ڏيندي يهودين ۽ خانه بدوشن جو قتل عام ڪيو. هن Eugenic تي عمل ڪندي پيدائشي طور تي ڪمزور ٻارن کي ان تصور تحت مارائي ڇڏيو ته جن قومن کي صحتمند ۽ مضبوط هجڻ گهرجي انهن کي ڪمزور ٻارن جي پالنا تي وقت ضايع نه ڪرڻ گھرجي. يورپ اهڙن ڪتابن جو منفي عذاب سَٺو ۽ ان جو حل تلاش ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پر انهن ڪتابن جا نسلي تعصب اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ دنيا اندر موجود آهن.

هاڻي اسان مختصر طور تي اهو جائزو وٺنداسين ته مسلمانن جي معاشرن ۾ اهي ڪهڙا ڪتاب هئا جن فڪري عمل کي روڪي وڌو. يوناني فلسفي جي ترجمن بعد مسلمانن جي معاشري ۾، جيڪو هڪ روشن خياليءَ جي لهر هيو، ان کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ جو ڪم امام غزاليءَ 1111ع ۾ ڪيو. پنهنجي ڪتاب ”تحماتل فلسفه“ ۾ هن فلسفي تي تنقيد ڪندي ان کي ايتري حد تائين رد ڪيو جو مسلمان معاشري ۾ ان جي ڪا به جاءِ نه رکي. پنهنجي ڪتاب ”احياءُ العلوم“ ۾ هن مذهب ۾ ڪنهن به نئين تشريح جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو. جنهن جي ڪري مسلمانن جي دنيا هڪ جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي زنجيرن ۾ جڪڙجي بيهي رهي. جنهن کي اڃان تائين نجات حاصل ناهي ٿي سگهي.

هندوستان جو مسلمان معاشرو مغلن جي زوال بعد ۽ برطانوي راڄ قائم ٿيڻ بعد جن ڪتابن کان متاثر ٿيو انهن جي مدد سان اسان ننڍي کنڊ جي ذهني پختگي ۽ فڪر جو اندازو لڳائي سگهئون ٿا. شروع شروع ۾ جن ڪتابن هتان جي ماڻهن کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪيو انهن ۾ طلسم هوشربا، داستان امير حمزه، قصه حاتم طائي، چار درويش وغيرهه شامل آهن. اهي ڪتاب هڪ مايوس ۽ بيوس معاشري لاءِ نشو هيون جيڪي انهن کي حقيقي دنيا کان پري طلسماتي ۽ خوابن جي سرزمين تي وٺي وينديون هيون جنهن جي ڪري پڙهندڙ کي وقتي طور تي ذهني سڪون وٺڻ ۾ مدد ملندي هئي.

ان بعد ڪتابن جو نئون سلسلو وجود ۾ آيو اهو اسلامي تاريخي ناولن جو دور هيو. جن کي مسلام معاشري ۾ تڪڙي مقبوليت ملي. ڇو ته اهي ان قوم جيڪا عملي طور شڪست کاڌل هئي اها انهن ناولن جي ڪردارن وسيلي پاڻ کي ستل ڪافرن سان جنگ وڙهندي ڏسي سرها ٿيندا هئا. انهن کي ڪتابن ۾ شڪست ڏيندا هئا. ۽ آخر ۾ ڪنهن عيسائي حسينا کي انعام جي صورت ۾ حاصل ڪري وٺندا هئا. نتيجي ۾ ڪتابن ۾ تحرير ٿيل انهن فتحن سبب هندوستان جي مسلمان معاشري ۾ اهڙين حالتن جي برتريءَ وارا احساس پيدا ٿيا جڏهن ته ماعشرو حقيقت ۾ نيچائيءَ ۽ هيٺاهينءَ واري ڪيفيت ۾ هو. مسلمان معاشري جا فرد اهڙي فريب ۾ مبتلا هئا جنهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سندن لاءِ مشڪل هيو. تاريخي ناولن جي انهيءَ سلسلي کي بعد ۾ صادق حسين صديقي سرڌنويءَ اڳتي وڌايو ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ سو ناول لکي معاشري جي ذهن لاءِ نشي جهڙو مزو ڏيندڙ شئي بڻائي ڇڏيو. اهڙن ناولن جي جديد شڪل نسيم حجازيءَ وٽ به ملي ٿي جنهن جي مقبوليت اڄ به برقرار آهي.

جڏهن تاريخي ناولن جو جادو ٽٽو ته انهن جي جاءِ وري جاسوسي ناولن ورتي. خاص طور تي ابن صفيءَ يج جاسوسي ناولن کي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويو. جاسوسي ناولن جي اخصيت اها هوندي آهي ته انهن ۾ جاسوسي ڪندڙ يا جاچ آفيسر پنهنجي ذهانت ۽ تجربي جي مدد سان ڏوهه جي تفصيلي رازن کي پڌرو ڪري وٺندا آهن. تحرير جو اهو انداز پڙهندڙ کي حيرت ۾ وجهي کيس ڳجهي نموني ڳالهين جو راز معلوم ڪرڻ وارن ڪارنامن کان متاثر ڪندو آهي ۽ پوءِ پڙهندڙ ساڳئي تاثر کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي قومي اڳواڻن سان جوڙي ڇڏيندو آهي ته اهي جاسوسي ڪندڙن جيان معاشري جي سمورن مسئلن کي حل ڪري ڇڏيندا ۽ معاشرو خاموشيءَ سان سندن انهيءَ عمل کي ڏسندو رهندو. اهڙي ذهنيت جي نتيجي ۾ سوسائٽي خاموش تماشائي بڻجي ويندي آهي.

آخر ۾ مولانا اشرف علي ٿانوي جو ڪتاب ”بهشتي زيور“ جو ذڪر ضرور ڪندس. اهو ڪتاب ان وقت لکيو ويو جڏهن هندوستان جي مسلم عاشري ۾ اهو بحث ٿي رهيو هو ته ڇا عورتن کي پڙهائڻ گهرجي يا نه. مولانا اشرف علي ٿانوي ان جو حامي هيو ته عورتن کي صرف ايتري ديني تعليم ڏيڻ گھرجي ته جيئن گهر جو حساب ڪتاب رکي سگهن. هو عورت تي مرد جي بالادستيءَ جو قائل هيو ۽ عورت لاءِ گهر کان علاوه ڪنهن ٻي جاءِ تي هن جي موجودگيءَ کي پسند نه ڪندو هيو. ڇو ته مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ هن عورت کي عادي غلام جي حيثيت ۾ رهڻ جون هدايتون ۽ ترڪيبون ٻڌايون آهن. اهو ئي سبب آهي ته اهو ڪتاب ڇوڪرين کي شاديءَ وقت ڏاج ۾ ڏنو ويندو هيو ته جيئن اهي فرمانبردار ۽ تابع ٿي رهن.

ڪنهن به سوسائٽيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپجڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڇا اتي شايع ٿيندڙ ڪتاب دنيا کي بدلائڻ وارا آهن يا اهي فرسوده روايتن ۾ جڪڙي رکڻ واري سوچ تي ٻڌل آهن. انهيءَ نقطه نظر کان اسان پاڪستان ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اهو نظر ايندو ته اهي ڪتاب مذهبي تعصبن، فرقيواريت وارن جذبن ۽ بيجا قومي فخر وارن جذبن کي وڌائڻ واري مواد تي ٻڌل هئڻ سبب ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪري رهيون آهن. انهيءَ ذهنيت جو اظهار اڄ جي پاڪستاني معاشري ۾ نظر اچي رهيو آهي. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب ”تاريخ ڪي نقوش مان صفحن 55، 56، 57 ۽ 58 تان کنيل)

پهنجو تبصرو موڪليو