ڪامياب ڌَرڻو ۽ ناڪام سازش

تحرير درياءُ خان جهٽيال

سنڌ ماءُ هميشه پنهنجي جهولي ۾ پنهنجن ٻچن سان گڏ ڌاريا به  پاليا آهن، پر وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ سان اهي ڌاريا ماڻهو سنڌ ماءُ کي نقصان پهچائڻ جا سانباهه ڪن ٿا، پر سنڌ ماءُ جا پُٽ انهن جي اهڙن حربن کي سمجهندي بروقت ئي اٿي کڙا ٿين ٿا، هن وقت به سنڌ ۾ اهڙو ئي وقت هلي پيو، سنڌ حڪومت گهڻن ڏينهن کان ڌارين ماڻهن کي هتي مستقل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي پر سنڌ جون قومپرست جماعتون اهڙي عمل خلاف هڪ ٿي ويون آهن، سڀني کي هڪ ڪرڻ جي اسٽيج سنڌ يونائيٽيد پارٽي ٺاهي آهي،”سنڌ ايڪشن ڪاميٽي” جي نالي سان گڏيل جدوجهد ڪرڻ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهہ جو ساراهه جوڳو عمل آهي، ايڪشن ڪاميٽي جي ٺهڻ وقت مختلف اعلان ڪيا ويا، جنهن ۾ پهريون اعلان ڌارين جي آبادڪاري، انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ سنڌي وسندين تي قبضن خلاف مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪرڻ هو، سنڌ هميشه ان پاسي بيٺي آهي جنهن پاسي گلاب جا گُل پوکيل هجن ۽ پهر پهر ۾ خوشبون ارپن، سنڌ اهو پاسو به کنيو آهي جنهن پاسي نياڻي جي پوتي مٿي تي رکي کيس چيو وڃي ته جيجيل هڪ تون ۽ ٻي سنڌ، سنڌ اهو پاسو به پسند ڪيو آهي جتي شهيدن جا خون هُجن پوءِ به ڌَرتي ڌَڻي هڪ ٻئي کي اها ئي آٿت ڏئي چوندا ته سنڌ شهيدن جي ڌرتي آهي، سنڌ اهو رستو به اختيار ڪري ڄاڻي ته جتي ظالمن جو ظُلم هوندو جابر جبر هوندو اتي نه رڳو نوجوان پر نياڻيون به پُر امن جدوجهد سان ظالمن کي روڪينديون، جابرن کي روڪينديون، سنڌ ته ان پاسي کان به مٿاهين رهي آهي ته جتي ولين ۽ اوليائن جي ڌَرتي تي پُر تشدد واقعن کي جنم ڏيندڙ ”مائينڊ سيٽ“ سرگرم ٿيندا اتي ڌرتي ڌَڻي گيڙو ويس پائي رقص ڪري امُن پسند قوم هُجڻ جو دنيا کي نه رڳو پيغام ڏيندا پر يقين پڻ ڏياريندا، ان سنڌ جي امُن پسند قوم کي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا الزام هڻي انهن جي حقن کي ڦٻائي نٿو سگهجي، اهي ته ظالم جي ناڪامي جون نشانيون آهن جو هُن وَٽ عقلي دليل بجاءِ پُر تشدد واقعن جو دماغ آهي جيڪو ئي سندس پَت وائکي ڪري ٿو، جيئن ڇهين جون تي بحريا انتظاميا ۽ ”جمهوري سرڪار“ جي پَت وائکي ٿي پئي، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ جي ضلعي ملير جي هزارين ايڪڙ زمين بنا ڪنهن ڪاغذي ڪاروائي جي پ پ پ سرڪاري ۽ خاص ڪري روينيو کاتي جي مدد سان پنجاب واسي واپاري ملڪ رياض کي ڏني وئي، بحريا جي جنم جي گهرائي نٿي لکجي پر پ پ پ جي دور ۾ سنڌ ۾ بحريا جو جنم ڪراچي شهر کان ٿيو ۽ پوءِ ضلعي ملير ۾ ۽ سپر هاءِ وي جي ڀرسان واري زمين پ پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري مالڪاڻا حق ڏيکاري انويسٽر بڻيل ملڪ رياض حوالي ڪري ڇڏي جيڪو سلسلو اڃا به جاري آهي، پ پ پ سرڪار جي مدد سان ”بحريا ٽائون ڪراچي“ جو جنم ٿيو، سنڌين جي مذمت، پُر امن احتجاج، مظاهرا، بحريا جي اڳيان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان به احتجاج ٿيا پر پ پ پ سرڪار جي هر مدد سان بحريا ٽائون ۾ گهر ، بنگلا ، فليٽ ٺهندا ويا ۽ آبادي وڌندي وئي، اهڙي ريت بحريا به اتان جا قديم ڳوٺ، وسنديون ڊاهي ڇڏيون ۽ آبادي سان آمراڻو رويو اختيار ڪري انهن کي زبردستي، حڪومتي ۽ پنهنجي هٿياربندن، مشينري جي مدد سان لڏائي ڇڏيو، تازو ئي بحريا انتظاميا سرڪاري ۽ غير سرڪاري مشينري سان ڳوٺ ڊاهڻ وارو عمل تيز ڪيو ته ان عمل کي روڪڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اجلاس گهرائي ڇهين جون تي بحريا ٽائون آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو، هڪ مهيني تائين سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل مختلف تنظيمن ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، جسم سميت ٻين تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن، عورت ڪارڪن، شاگرد ڪارڪن گڏجاڻين، پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف ٽولز ذريعي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ کي دعوتون ڏنيون، هڪ مهيني کان اهو سلسلو جاري رهيو ۽ ڇهين جون تہ سڀني جي زبان تي اهي لفظ هئا ته ”هر وک ظُلم خلاف“، ڪن چيو تہ”هر وِک ظالم خلاف“، ڪن لکيوته ”هر وک بحريا انتظاميا خلاف“، ڪن ٻُڌايو ته ”هر وِک حقن لاءِ“، نيٺ ڇهين جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ جي زمين تي غير قانوني ۽ قبضا مافيا جي مدد ۽ سهڪار سان ٺهيل بحريا ٽائون جي گيٽ آڏو ڌَرڻو هنيو ويو، هونءَ به هاڻي سنڌ کي سگهاري احتجاج جي ئي ضرورت آهي، خاموش ويهڻ سان ڌاريو پنهجو ڪم تيز ڪندو ۽ سنڌ تي قابض ٿيندو، جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريش کانپوءِ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي قومپرست جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ اڳتي وڌيو آهي جنهن جو پيغام واضع آهي ته  سنڌ جي مفاد لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪنن سان گڏ سنڌ جي هر عام ماڻهو، عورتن، ڳوٺاڻن کي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڌارين خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي جدوجهد طاقتور ثابت ٿئي، بحريا جي گيٽ آڏو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي قافلن کي شروعاتي طور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انگ وڌيڪ هجڻ ڪري پوليس ۽ رينجرس هٽي وئي، ڌرڻي ۾ پهچندڙ ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر ڪارڪن پُر امن هئا جن پنهنجو ڌرڻو جاري رکيو ۽ جڏهن اڳواڻ اسٽيج تي پهتا ته ”سرڪاري ملازم“ تپي باهه ٿي ويا هر ڪوشش ناڪام ٿيڻ ۽ ڪارڪنن پاران ڌيان نه ڏيڻ تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل هڻڻ شروع ڪيا، اهي شيل نه رڳو ڪارڪنن ڏانهن اڇلايا ويا پر اسٽيج تي به اڇلايا ويا، تنهن باوجود به اتي لڳل ميڊيڪل ڪيمپ ۽ پاڻي ورهائيندڙ سنڌ جي چاهيندڙن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي متاثرن جي مدد ڪئي، ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود ئي رهيا ته اوچتو ”بحريا جي ملازمن“ بحريا جي گيٽ تي ڪيميل لڳائي ان کي گاسليٽ سان ڪپڙو ويڙهيل ڪاٺيءَ وسيلي باهه ڏئي ڇڏي، ان وقت بلديا فيڪٽري جي باهه  ياد آئي جنهن جي پورهيتن کي بند ڪري ڪيميڪل سان فيڪٽري کي باهه ڏني وئي ۽ لڳ ڀڳ ٽي سو پورهيت سڙي فوت ٿي ويا، شرپسندن پاران بحريا گيٽ کي باهه ڏيڻ بعد ايتري ۾ پوليس ڪارڪنن، نياڻين ۽ معصومن تي لٺيون وسايون ۽ تشدد شروع ڪيو، ڪارڪنن تي تشدد ڪندڙ پوليس مڪمل طور تي تيار هئي پر ان کان وڌي اهي مائينڊ سيٽ ٻُٽَ ٻَڌل بحريا جا ملازم هئا جن ڪيميڪل سان سيمينٽڊ گيٽ ساڙيو، وري ڪٽَر سان کاراڌر تارون ڪَٽيون ۽ اندر داخل ٿي وري خالي پلازائن کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏني، مڪمل طور تي پُر امن ڌَرڻي کي پُر تشدد بڻايو ويو، پر ڪارڪن بحريا جي ناجائزن خلاف نعربازي ڪندا رهيا پوليس ونگاري بڻجي ڪارڪنن ۽ نياڻين کي کنڀي کڻي وئي، پر شروعات ۾ ئي پوليس کي پاڻي جون بوتولن به مفت ۾ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن ڏنيون پر پگهار حلال ڪرڻ جي چڪر ۾ پوليس ضمير وڪڻي چڪي هئي، انويسٽر کي بچائڻ لاءِ پ پ پ سرڪار به بيان ڏنا ته باهيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ٿيندي، جنهن سرڪار ڇهين جون کان پهريان چيو ته اسين اسٽيڪ هولڊر ناهيون اها ئي سرڪار ”اسٽيٽ پاوَر“ بڻجي وئي، بحريا ٽائون جو ظُلم، بربريت، ڏاڍ ڪنهن به سنڌيءَ کان ڳجهو ناهي، ڪجهه نادان حڪومتي مشينر جو دامن صاف ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي ”قبول“ ڪرائڻ لاءِ ڌرڻو هڻندڙن تي ڇوهه ڇنڊي رهيا آهن، ڪي اوچتا ڪارڪن، ڪي سرڪاري ڪارڪن ته ڪي وري پڪا ملازم بحريا جي مالڪ ملڪ رياض کي مظلوم ڪري پيش ڪري رهيا آهن ۽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي غلط چئي رهيا آهن، پر ڳالهه باضميرن جي آهي بي ضميرن جي ناهي، ڳالهه ظُلم جي خلاف آهي ظالم جي حمايت جي ناهي، ڳالهه آهي سنڌ جي زمين جي حفاظت جي، جنهن لاء سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڌرڻو هنيو ويو ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پ پ پ سرڪار توڙي بحريا انتظاميا هر روپ اپنايو پر سندن سازشون ناڪام ويون، ڇو جو سنڌي ميڊيا سندن جا پول پَڌرا ڪيا ۽ اردو ميڊيا روايتي بي ضميري جو يقين ڏياريو، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي گرفتار ڪارڪنن جي بروقت آزادي لاءِ سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ڪجهه عورتن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو باقي ٻين لاءِ ملير بار اعلان ڪيو آهي ته  هو انهن  ڪارڪنن جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪامياب ڌَرڻي جا نتيجا فوري طور ڀلي نه ملن پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اُن جا نتيجا ضرور ملندا پر ڇهين جون واري پُر امُن ڌرڻي کي وڳوڙن ۾ تبديل ڪندڙ پ پ پ سرڪاري ۽ بحريا جي بدنيتي جا نتيجا ان وقت ئي ضرور مليا، انهن کي وڌيڪ چِٽو ڪرڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي نائين جون تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي، قومپرست جماعتن وٽ احتجاج جو ئي رستو هوندو آهي ۽ وس آهر قانون چاراجوئي به ، پر حڪمرانن وٽ صرف پُر تشدد رستو اختيار ڪرڻ جو دماغ هوندو آهي، اسٽيڪ هولڊر لفظ کان بچندڙ ڇهين جون تي بحريا جي مالڪ جا مڪمل طور تي ”ملازم“ ٿي ظاهر ٿيا پر سنڌ جي ڪارڪنن ۽ نياڻي  کي منتشر نه ڪري سگهيا، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو ڇهين جون وارو ڌرڻو ”جمهوري حڪمرانن“ کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ سازش ڪندڙن ناڪام ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو