ڪامريڊ لفظ جي اصليت، بنياد ۽ مفھوم، حسين سارنگ

ميريم ويبسٽر Merriam Webster لغت مطابق ڪامريڊ لفظ اصل ۾ فرانسيسي ٻوليء جو camarade آھي. ان جو مطلب آھي ھڪ ڪمري ۾ گڏ سمھندڙ، آڳاٽي اسپيني ٻوليء ۾ camarada لفظ cámara مطلب ڪمري مان ورتل آھي. ساڳيء ريت لاطيني جا لفظ camera, camara پڻ ڪامريڊ لفظ جو بڻ بنياد سمجھيا وڃن ٿا. ڪامريڊ لفظ انگريزي ٻوليء ۾ پھريون ڀيرو 1544ع ۾ ڪتب آندو ويو. ڪامريڊ لفظ دنيا ۾ کاٻي ڌر جي سياست خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽي عام ڪيو .17 آڪٽوبر 1917ع تي سوويت يونين جي سوشلسٽ انقلاب کان پوء سندس دعويدارن، پرچارڪن ۽ حامين ھڪ ٻئي سان مخاطب ٿيڻ وقت ڪامريڊ لفظ جو واھپو عام ڪيو. سنڌيء ۾ ڪامريڊ لفظ جي مفھوم وارا لفظ سنگتي، ساٿي، يار، دوست، سڄڻ ۽ هم خيال وغيرھ آھن. سنڌ ۾ ڪامريڊ لفظ پاڪستان جي قيام کان پھريان پھتل آھي. 1970 واري ڏھي کان اڳ اسان وٽ ڪامريڊ لفظ عام ٿيو.  خاص ڪري سنڌ ھاري ڪاميٽيء جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جھڙن اڏول انسانن جي نالن کان اڳ ۾ ڪامريڊ لفظ ضرور ڪتب اچڻ لڳو. اڳتي ھلي سنڌ جي قومپرست سياست خاص ڪري جيئي سنڌ ھن لفظ کي شاگردن ۽ ھارين توڙي پورھيتن ۾ وڌيڪ مشھور ڪيو. ڪامريڊ ڪنھن کي ڪوٺجي ؟ وسيع تر لفظي معنيٰ ۾ ته ڪنهن به ساٿي کي ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو پر ڪجهه صدين کان ان جي عملي معنيٰ جيڪو روپ ڌاريو آهي ان موجب ڪامريڊ ڦورو قوتن ۽ ڪردارن جو عملي طور مخالف ھوندو آھي. استحصالي نظام جي خاتمي لاء جاکوڙ جاري رکڻ ئي ڪامريڊي آھي. ڪامريڊ قسمت جي چڪرن کان ڪوھين ڏور ھوندو آھي ۽ عمل ۾ يقين رکندو آه. ھو ترقي پسنديء جو پرچارڪ ۽ ان جو عملي نمونو ھوندو آھي .ڪامريڊ جو ڪردار خوف ۽ لالچ کان مٿڀرو ھوندو آھي، ڪامريڊ مايوس ھرگز نه ٿيندو آھي، ڪامريڊ قرباني ڏيندو آھي پر جتائيندو ناھي. ڪامريڊ حال جي حالتن تي ماتم ڪرڻ بدران ماضيء جي مذڪور مان سبق پرائي بھتر مستقبل لاء جاکوڙيندو رھندو آھي. ڪامريڊ تنظيمي مقصدن سان سچو ۽ اصولن جو پابند ھوندو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو